Home / افيئر / مصر: جرنيلن ۽ ججن طرفان عوامي مئنڊيٽ تي راتاهو
above article banner

مصر: جرنيلن ۽ ججن طرفان عوامي مئنڊيٽ تي راتاهو

 

14 جون 2012 تي مصر جي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ مصر ۾ ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي اسيمبلي کي ختم ڪيو. هن ڪورٽ جي فيصلي مصري عوام جي سٺ سال کان پوءِ وارين صاف شفاف چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ان جا فني سبب ڄاڻايا ويا. مصري عوام ان ڪورٽ فيصلي کي ڪورٽ جو عوام خلاف Coup سمجهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪورٽ ۾ سڀ جج  اڳوڻي آمر حاڪم  محمد حسني مبارڪ جا ڀر تي ٿيل آهن. تنهنڪري انهن پنهنجي آقا جي حق ۾ اهڙو فيصلو ڏنو.ان فيصلي ۾ پارليا منٽ جا پاور به فوجي جنتا حوالي ڪيا ويا آهن ته جيئن هو انهن اختيارن جو پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن ۽ ايندڙ نئين آئين ۾ هو پنهنجي مرضي جون شقون شامل ڪرائي سگهن.ڪورٽ وڌيڪ ٻيو اهو به ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر مبارڪ جي آخري وزير اعظم احمد شفيق کي صدارتي اليڪشن وڙهڻ جي به اجازت ڏني آهي.جڏهن ته عوام جو موقف اهو هيو ته احمد شفيق پراڻي سرڪار جي باقيات آهي انڪري ان کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ ڏنو ڃي.مصرجي اديب، ڊاڪٽر ۽ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر آسلا جو خيال آهي ته ڪورٽ هڪڙي ڏينهن يعني رات جو سمهي صبح جو فيصلو ڪو نه ڏنو آهي بلڪه هي مهينا اڳ جو طئه ٿيل فيصلو آهي. انڪري جرنيلن جي صلاح سان فيصلو ڪيو ويو آهي.جرنيل نٿا چاهين ته ڪو مصر جي عوام جي حڪومت اچي.ڇاڪاڻ جو عوام جي ووٽ جي اهميت کي هنن گذريل سٺ سال کان ڪو نه مڃيو آهي ۽ نه وري سولو مڃيندا. انهي لاءِ مصري عوام کي هڪ ڀيرو وري پنهنجي رت سان آزادي اسڪوائر ۾ ممڪن آهي ته رستن کي ڳاڙهو ڪرڻو پئجي وڃي .

مصر جي عام چونڊن اسلامڪ برادر هوڊ کي  40 سيڪڙو سيٽون مليون هيون.سلفي النور پارٽي کي 24 سيڪڙو سيٽون مليون هيون، جڏهن ته سيڪيولر پارٽين کي تمام گهٽ ۽ انقلابي سرواڻ امر ۽ ڪينم وارن کي سٺي موٽ ڪانه ملي . انهي جا ڪيترائي سبب آهن جن تي پوءِ بحث ڪبو.


اسلامڪ برادرهوڊ جنهن کي ٻئي نالي آءِ ڊي پي Islamc Development Party مصري پارليامنٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي ٿي اڀري آئي ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ انهن جي پارٽي اميدوار محمد مرثي جي کٽڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.ڇاڪاڻ ته پارليامنٽ ۾ به انهن کي وڌيڪ سيٽون آهن ۽ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ به آهن. تنهن ڪري هنن جي اچڻ جا امڪان چٽا آهن. جيڪڏهن چونڊون صاف ٿين. فوج کي اهو خطرو آهي ته جيڪڏهن عوامي حڪومت جڙي وئي ته هنن جي سرڪاري وهنوار ۾ ڪهڙي اهميت هوندي.ٻيو ته هنن هميشه برادر هوڊ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن کي چيڀاٽڻ ۾ سندن ڪردار رهيو آهي.امڪان آهن ته ڪٿي ترڪي واري صورتحال نه جنم وٺي جتي92 ورهين جي جنرل ڪينان ايورن تي ساٿين سميت انقره جي ڪورٽ ۾ غداري جو ڪيس هلي رهيو آهي.

مصر ۾ سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن جو خيال آهي ته عوام کي تحرير اسڪوائر ۾ فوج ۽ اسلحي وارني گاڏين کي گلن جا هار پارائڻ نه گهرجن ها. ڇاڪاڻ ته هو مصر جي فوج جي حاڪميت کان چڱي طرح واقف آهن. انهن هنن سان ڪيتريون ۽ ڪيئن ويساهه گهاتيون ڪيون.پر شايد وري به انهن تي اعتبار ڪرڻو پيوپوي.ڇاڪاڻ ته مصر هڪ پراڻي تاريخ سان مالا مال آهي. انقلاب به عجيب ڪيفيت وارا هوندا آهن ڄاڻ هوندي به غلطيون ٿي وينديون آهن يا نهن جي مجبوري هوندي آهي ته هو گهٽ هاڃيڪار سان في الحال ٺاهه ڪرڻ ۾ ئي عافيت سمجهندا آهن. بحرحال مصري ڪورٽ جي فيصلي عدليا خلاف عوام ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ  ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. عوام هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن ۽ رستن تحرير اسڪوائر۾ جمع ٿيڻ لڳو آهي. هو ڏانهن برادر هوڊ ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ سان گڏ صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي اميدوار محمود مرثي جي ڪاميابي تائين جدوجهد سان گڏ هر قرباني ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو نه وسارڻ کپي ته سيڪيولر انقلابي نوجوان اڳ ۾ ئي فوج تي شڪ ڪندا هئا ۽ انهن فوج خلاف ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو هيو.پنهنجي جان جو وڌيڪ نذرانو ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هنن کي شڪ هيو ته فوج ۽ برادرهوڊ وارا پاڻ ۾ مليل آهن ۽ اقتدار ۾ ڀاڱيڀائيوار ٿيندا.ڇاڪاڻ ته گذريل جنوري 2011 واري انقلاب ۾ اسلامڪ هوڊ وارا گهٽ سرگرم هئا ۽ اهي برادرهوڊ وارا هئا جن تحرير اسڪوائر ۾ فوجين کي گلن جا هار ڏنا هئا. هنن جو اهو به موقف هيو ته جڏهن انقلابين کي ڪورٽ ۾ وٺي ويا ته انهن هنن جي حمايت نه ڪئي ۽ مصري ڪورٽ تحريراسڪوائر ۽ سوشل نيٽ ورڪ واري همراهه کي سزا ٻڌائي ته به هنن ان عمل جي مخالفت ڪانه ڪئي . انهن ڳالهين جي باوجود جڏهن سيڪيولر نمائندن جي نئين آئين جوڙڻ ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ برادرهوڊ جي فوجي جنتا جي ماڻهن سان گڏ ويهڻ جو قصو هليو ته جن  قومپرستن ۽روشن خيال جماعتن جي ماڻهن سان گڏ انهن ڇوڪرين کي قيد ڪرڻ سان گڏ انهن جي ڪنوارپ جي ٽيسٽ وٺڻ تائين عوام جي رد عمل کي پرکيندا رهيا.پوءِ انهن سوشل نيٽ ورڪ جي عملي کي گرفتار ڪيو.جنهن ۾ آمريڪي شهري به گڏ هئا ۽ انهن تي ڪيس هلائڻ شروع ڪيو ويو.آمريڪا جي دٻاءُ جي ڪري انهن کي آزاد ڪيو ويو. انهن تي الزام هيو ته انهن مبارڪ سرڪار خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ غير قانوني طور ملڪ ۾ وڌيڪ ترسيا آهن. جڏهن ته ان اين جي او جو موقف هيو ته اسان ملڪ ۾ وڌيڪ ترسڻ لاءِ درخواست اختيارين کي ڏني هئي ۽ وڌيڪ وقت ڏيڻ جو چيو هيو. اهي سڀ ٽريلر هن فوج مصري عوام جي رد عمل ڏسڻ لاءِ پئي ڪيا- برادرهوڊ به ڪارسڪ نه پئي کنئي ته متان هوچوندن ۾ بتيجا رد نه ڪن  ۽ ڦري نه وڃن. ساڳيو واقعو الجزائر ۾ پڻ 1990 ۾ ٿيو هو جڏهن صدر لومدين هي جهان ڇڏي ويو ته ملڪ ۾ آزاد اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ اسلامڪ فرنٽ واري حڪومتي پارٽي جي تڏا ويڙهه ڪرائي وئي هئي. جرنيل اقتدار عوام جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هئا . جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپي يونين پڻ اقتدار اسلامڪ فرنٽ  حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي پوءِ ٿيو ايئن جيئن اڄ مصر جي سپريم جوڊيشنل ڪورٽ ڪيو.نتيجن کي ڪيوويو. پارٽي ملڪ ۾ گوڙ ٿيا. ماڻهن وڃي هٿيار کنيا جنهن ۾ ڪيترائي هزارين ماڻهو مارجي ويا. گادي واري شهر ۾ ڪرفيو لڳو ۽ ملڪ گهرو ويڙهه جي ورچڙهي ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا.هزارين ماڻهو غائب ڪيا ويا جن جو پتو اڃا تائين ڪون مليو آهي ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا. هن ڏهن ورهين  جي طويل جهيڙي کان پوءِ امن ٿيو آهي، جيڪو عارضي آهي. انهن بي گناهه ماڻهن جي مرڻ جو حساب ڪيرڏيندو؟

برما ملڪ ۾ پڻ ايئن ٿيو.1992 واري اليڪشن ۾ برما جي صدر عورت آنگ سانگ سوچي جي پارٽي ليگ فار نيشنل ڊيموڪريسي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اڪثريت سان اليڪشن کٽي پر جنرلن پاور ٽرانسفر نه ڪيو. برما جي ڪورٽ ۽ جنرلن ملي ڪري چونڊن کي رد ڪيو ۽ پارٽي تي پابندي مڙهي. اهو طئي آهي ته جتي به فوجي حاڪم هوندا آهن اهي سولا ئي سان اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪو نه ڪندا آهن، اهڙن مثالن سان دنيا ڀري پئي آهي. لاطيني آمريڪا هجي يا آفريڪا جا ملڪ هجن. توڙِي ايشيا ۾ هجن انهن سڀني جو منشور هڪڙو آهي ته اقتدار عوام حوالي ناهي ڪرڻو  ان خفت ڪيترن جون حياتيون ورتيون آهن ۽ آخر ڪار آمرن عوام اڳيان هٿيار ڦٽاڪيا آهن.آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن کي عوام جي ڪيل فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ مصري جنتا کي بگهرجي ته هو عوامي فيصلي جو احترام ڪن. هو اها ڳالهه ڇو نه ٿا سمجهن ته سولين  به اسرائيل سان ايترو هلي سگهن ٿا جيترو  ان جو مثال ترڪي آهي.

ترڪي جي سرڪار اسرائيل خلاف ڪا جنگ ته ڪان ڪرائي آهي نه وري اسرائيل جي وجود کي للڪاريو آهي. اسلامڪ برادر هڊ وارن کان اسرائيل کان ڪو به خطرو ڪونهي. برادر هڊ وارن کي به عورتن ۽ ٻين مذهبي ماڻهن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ اظهار جي آزادي ۽ ورين جي آزادي هر هڪ جو حق آهي. ان ۾ اسلام گهٽ نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندو.

جيڪڏهن مصر جا فوجي اهو سمجهن ٿا ته هو ئي ملڪ جا محافظ آهن ته اها انهن جي ڀل هوندي.هي جبرجنگ جو زمانو ڪونهي ٻيو ته عرب دنيا مان هاڻي حاڪمن جو خوف عوام مان ختم ٿي ويو آهي هو موت لاءِ تيار آهن  جڏهن اهي سڀ ماڻهو تحريراسڪوائر وٽ سڄي ملڪ ۾ اٿي بيٺا ته پوءِ فوج ۽ اقتدار ڪٿي بيهندو ۽ انهن ججن جو ڇا حشر ٿيندو؟ اهو وقت ٻڌائيندو.ججن کي به انصاف جو حامي ٿيڻو پوندو نه ته وقت انهن کي عوام جي عدالت ۾ آڻي احتساب ڪندو.مصري انقلاب ايڏو به آسان ڪونهي جو جرنيل ۽ جج پنهنجا فيصلا عوام تي مڙهڻ ۾ ڪامياب ويندا. ڊڄو انهي پاڙي واري سربراهه جي آخري انجام کان جنهن عوام کي ڪاڪروچن سان تشبيهه ڏني هئي ۽ اڄ هو پاڻ ڪٿي آهي ياد رکوته عرب بهار ختم ڪانه ٿي آهي، اها اڳي يا پوءِ پنهنجو اثر ڏيکاريندي. ڇاڪاڻ ته عرب دنيا مان هاڻي موت جو خوف ختم ٿي چڪو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو