Home / پروفائيل / مهاتماگانڌي: ڀارت جي آزادي جو آبو
above article banner

مهاتماگانڌي: ڀارت جي آزادي جو آبو

 

 

سمنڊ ڪناري تي ڪاٺياواڙ ۾ بمبئي ۽ ڪراچي جي وچ تي  سمنڊ جي ڌيمين ڇولين جي آواز هن جي ڪنن ڪائنات ۾ ايندي پهرين پهرين ٻڌو هو، هو پور بندر تي ڄائو هو .هن جو ڏاڏو اتمچند پوربندر رياست جو وڏو وزير هو.انهي کانپوءِ اتمچند جو پٽ ڪرمچند انهي بندر جو وڏو وزير ٿيو هو ۽ پوءِ ساڳيو عهدو سندس ڀاءُ تلسيداس کي مليو، اهو هنن جي خاندان جي موروثي ملڪيت هو. پر گانڌي انهي عهدي جي غلامي کان محفوظ رهيو.هن جو وهانءُ ٻاروتڻ ۾ 13 سالن جي عمر ۾ ڪستوري ٻائي سان چونري جا ڦيرا کائي ٿيو.هو طبيعت ۾ شرميلو هو . پنهنجو پاڻ تي اعتماد واري هٿيار کان هو شروع ۾ محروم رهيوهو پاڻ چوندو هو تـ مونکي ڊپ ٿو ٿئي متان ڪير چرچو نـ ڪري ، هن کي ٻارهن سالن جي عمرکان ٻيڙيون ڇڪڻ جي هير هئي،انهي ڪري هو پئسا پيءُ ۽ ڀاءُ جي کيسن مان چوري ڪندو هو. هن پاڻ لکيو آهي تـ مان ننڍپڻ ۾ چورن، ڀوتن ۽ بلائن کان ڊڄندو هئس. قد جو ننڍڙو ۽ هاٺي ۾ سنهڙو،هن جا وار ڪارا هئا،ساڄي پاسي سينڌ ڪڍندو هو هن جا ڪن وڏا ۽ نڪ نوڪدار هو .هن جا چپ ۽ اکيون اثر رکندڙ هئا. گانڌي ٻاهر کليل هوا ۾ پنڌ ڪرڻ جو عادي هو.پنڌ ڪرڻ مهل هو پنهنجي ٻانهن جو سهارونوجوان ڇوڪرن يا نوجوان نينگرين جي ڪلهن کي بڻائيندوهو. هن ڪيترا ئي ميل پنڌ نوجوان ڇوڪرن ۽ نينگرين جي ڪلهن تي ٻانهون رکي ڪيو هوندو. هن مذهب جي غلامي تـ تڏهن ئي ڇڏي هئي جڏهن هن ندي  ڪناري تي نويڪلائي ۾ ويهي شيخ مهتاب سان گڏجي گوشت کاڌو هو ۽ انهي رات هن ڪيترا ئي ڀيرا خواب ۾ ڏٺو هو تـ هن جي پيٽ ۾ زنده ٻڪر رڙي رهيو آهي. پهرين تـ هو لڪي گوشت کائيندو هو پر ماءُ پي جي موت بعد هو کلم کليو گوشت کائيندو هو . هن کي مندرن جو دٻدٻو تـ ڪونـ وڻندو هو پر هن جو خدا ۾ ايمان بـ ڪمزور هو ، هن کي انهن سوالن جا ڪوبـ تسلي بخش جواب ڏئي نـ سگهيو تـ دنيا ڪنهن پئدا ڪئي ۽ انهي کي ڪير هلائي رهيو آهي ؟ گانڌي جي ولايت بئريسٽر ٿيڻ لئـ وڃڻ واري فيصلي جي هن جي چاچي مخالفت ڪئي تـ ولايت مان جيڪو پڙهي ايندو اهو گورن جهڙو بي حيا ٿيندو.  نيٺ هن کان قسم کڻايو ويو تـ هو اتي وڃي شراب. ڇوڪرين ۽ گوشت کي ويجهو نـ ويندو. انهي شرط سان هن کي ولايت لنڊن وڃڻ جي اجازت ملي .هن جي ولايت وڃڻ واري فيصلي جي هنن جي برادري مخالفت ڪئي پر هي پنهنجي ارادي تي بيٺو رهيو نتيجن هن کي برادري مان نيڪالي ڏني وئي انهن ڏينهن ۾ گانڌي جي عمر 19 سال هئي. گانڌي انگلينڊ ۾ راڳ ۽ ساز وڄائڻ جي سکيا وٺڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي .هن انگلينڊ ۾ ماءُ جي ڏنل وچن کي پاڙڻ لئـ گوشت جي ٻوٽي بـ وات ۾ ڪونـ وڌي.انگلينڊ وارن ڏينهن بابت هو لکي ٿو تـ جڏهن آئون مايوس ٿيندو هئس يا ڪا ناڪامي اچي ورائيندي هئي تـ منهنجي اميد جو آخري ڪنارو گيتا جو ڪتاب هو، جتان مون ۾ وري اميد جا سورج مکي ٽڙي پوندا هئا .

10جو1891 تي هن کي بئريسٽري جي سند ملي ۽ 12 جون تي هو بمبئي ڏانهن روا.نو ٿيوهن جي انگلينڊ وڃڻ کانپوءِ هن جو ڄايل پٽ هري لعل هن جي واپسي تائين چار سالن جو ٿي چڪوهو،هن جي ماءُ مري چڪي هئي هن جي زال ڪستوري ٻائي ڦوه جواني کي پهتي هئي ۽هن جو حسن جواني نکاري ڇڏيو هو. انهي حسن جي نکرڻ ڪري گانڌي جي هن سان رقابت بـ وڌي وئي هئي هڪ دفعي انهن جو اهڙو جهيڙو ٿيو جو هن ڪستوري ٻائي کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هو پور بندر هلي وئي هئي هڪڙي وڪيل جي حيثيت ۾ هن راجڪوٽ ۽ بمبئي ۾ پنهنجي قسمت آزمائي پر ٻنهي هنڌن تي مڪمل ناڪام ويو بمبئي ۾ هن کي هڪڙو 30 روپين وارو ڪيس مليو پر هن کي ڳالهائڻ جي همٿ ئي ڪونـ ٿي.انهي ڪري هن اهو ڪيس بـ هڪ دوست جي حوالي ڪري اچي پور بندر ۾ اتي جي راجڪمار جو قانوني مسئلن ۾ مدد ڪرڻ لڳو. هڪڙي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ڀاءُ جي سفارش ڪرڻ ويو تـ هن کي پور بندر جو وڏو وزير ڪري هن جي پي ۽ ڏاڏي وانگر پر انهي ايجنٽ اها ڳالهـ نـ مڃي تـ بـ هن بحث جاري رکيو انهي تي انهي پوليٽيڪل ايجنٽ پٽيوالي هٿان هن کي ٿيلها ڏئي ٻاهر ڪڍيوهو. اها هن جي پهرين تذليل هئي جيڪا انگريزن ڪئي..

انهي کانپوءِ  پوربندر جي ڪجهـ  مسلمان واپارين هن کي پنهنجي وڪيل جي حيثيت سان آفريڪا وڃڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول ڪئي. اتي وري آفريڪا ۾ هن سان انهي قسم جو ٻيو واقعو پيش آيو هن ريل ۾ چڙهڻ لاءِ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ورتي ۽ هو انهي دٻي ۾ ويٺو هو جو مارٽز برگ اسٽيشن وٽ هڪڙو گورو دٻي ۾ چڙهي آيو اتي هڪڙي سانوري کي ويٺل ڏسي باهه ٿي ويو هو ويو ۽ ريل جي هڪ عملدار کي وٺي آيو انهي عملدار گانڌي کي حڪم ڪيو تـ هو هن دٻي مان لهي وڃي ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهه.  گانڌي اعتراض ڪيو تـ هن وٽ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ آهي  پوءِ هو ڇو نـ اتي ويٺو رهي ، هو ويٺو رهيو. هو ويا هڪ سپاهي کي وٺي آيا .جنهن گانڌي جو سامان پليٽ فارم تي اڇلايو ۽ هن کي ٿيلها ڏئي لاهي ڇڏيو. هو ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ چڙهي ٿي سگهيو پر هن ايئن نه ڪيو ۽ اتي انتظار گاه ۾ ويٺو رهيو. هو سياري جي اها سڄي رات انهي انتظار گاه ۾ ويٺو رهيو ۽ ڪوٽ بـ نـ پاتائين جيڪو هن وٽ پيو بـ هو. اهوسڄي رات سوچيندو رهيو. انهن ٻن واقعن هن ماڻهو کي اندران ئي اندران سڄو تبديل ڪري ڇڏيو. اهو هن جو ٽٽڻ چئجي يا ٺهڻ پر اتان کان گانڌي جو مهاتما وارو اندر جو سفر شروع ٿيو.اهو هن جو ٻيو جنم هو .هو آفريڪا آيو تـ هڪ سال لئـ هو پر پوءِ يڪو ساريکو 21 سال 1893کان 1914 تائين اتي رهيو .هي اتي ئي ٽٽو ۽ اتي ئي ٺهيو اتي هي مڪمل وڪيل بڻجي ويو. انهي واقعي کانپوءِ هن هڪ هفتي اندر ئي هندستانين جي گڏجاڻي ڪوٺائي.اتي ئي هن پهرين تقرير ڪئي. هن جو ميڙ ۾ تقرير ڪرڻ جو پهريون تجربوهو هن جي ساري هٻڪ غائب ٿي وئي،هن پنهنجي آٽوبايوگرافي حق جي تلاش ۾آهي تـ ڪيئن هڪڙو انسان ٻي انسان کي آزارڻ ۽ بي عزتي ڪرڻ ۾ پنهنجي عزت ٿو سمجهي .هندستاني 1860 کان آفريڪا ۾ اچڻ شروع ٿيا هنن انهن ٻنين تي مزوري ٿي ڪئي جن تي شيدي مزوري ڪرڻ لئـ تيار ڪونـ هئا هنن جي اتي حيثيت غلامن واري هئي .انهن غلامن جي نجات واري مقصد جي حاصلات لئـ هي هندستان ٻاروٺڻ ويو ۽ اتي هو هندستانين کي آفريڪا ۾ رهندڙ هندستانين جا سور بـ سڻائي آيو.آفريڪا ورندي جڏهن گانڌي وارو جهاز ڊربن پهتو، انهي وقت ٻيو بـ هندستانين سان ڀريل جهاز اتي پهتو هو انهي تي گانڌي تي اهو الزام لڳو تـ هو بيڪار هندستانين سان آفريڪا کي ڀري رهيو آهي .گورن گهر ڪئي تـ ٻنهي جهازن کي واپس هندستان اماڻيو وڃي. هڪڙي ليکي آفريڪا وارن جي اها گهر ٺيڪ بـ هئي ڪير پنهنجي وطن ۾ بي وطن ٿيڻ قبول ڪندو . پر اهي هندستاني نيٺ اتي ئي لٿا تـ گورن گانڌي تي سروٽن. جتين ۽ بيضن سان حملو ڪري ڏنو، هن جو پٽڪو وڃي پري ڪريو، هن کي هجوم مڪون ۽ لتون اهڙيون هنيون جو هو نيم بي هوش ٿي ويو.انهي وقت پوليس سپرٽينڊنٽ جي زال اچي اتان گذري جيڪا هن هجوم ۽ گانڌي جي وچ ۾ ٿي بيٺي. رتورت گانڌي ٻارن کي هڪ هندستاني جي گهر پهچايو ويو انهي هجوم انهي گهر جو اچي گهيراءِ ڪيو تـ هن کي ٻاهر ڪڍو تـ ماريون. پوءِ پوليس حڪمت عملي تحت هن کي اتان پوليس جا ڪپڙا پهرائي ٿاڻي تي وٺي آئي جتي هو ٽي ڏينهن رهيو. پر گانڌي انهن حملي آورن تي فرياد ڪرڻ کان نابري واري. توڙي جو گانڌي هنن کي سڃاتو بـ هو.بوئر جنگ ۾ هندستانين انگريزن جي مڪمل مدد ڪئي. ڦٽيلن جي ٽهل ٽڪور ڪئي جنهن تي انهن ئي گورن گانڌي کي تمغو ڏنوهو. انهن ڏينهن ۾ هوانهي خيال جو بـ هو تـ دنيا ۾ رڳو انگريز ئي امن قائم رکي سگهن ٿا،انهن سان وفاداري ڏيکارڻ سٺي ڳالهـ آهي. .

ڏکن آفريڪا ۾ گانڌي انگريزي لباس پهريندو هو۽ رهڻي ڪهڻي ۾ انگريزن جو نقل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندو هو.ڊربن ۾ انگريز طرز تي ٺهيل بنگلي ۾ رهندو هو آفريڪا هن ۾ وڏيون تبديليون آنديون. وڪالت مان هن جي هاڻ اپت منو لک ساليانو هئي.چوٿون پٽ هن کي آفريڪا ۾ ڄائو تـ انهي جو ويم هن پاڻ ڪرايو.هن چيو تـ اهو ويم ڪرائڻ وقت آئون وڏو گهٻرايل هئس. هو پنهنجي زال لاءِ پاڻ سدريون سبندو هو.هو اتي جي عورتن جي جهڳڙن جا فيصلا بـ ڪندو هو،هي پنهنجي زال لئـ وڏو عذاب هو.انهن ڏينهن ۾ ڪاڪوس ڪونـ هئا انهي ڪري انهن ڏينهن ۾ ڪاڪوس لئـ هر ڪمري ۾ ٺڪر جا پاٽوڙا رکيل هوندا هئا اهي صفا ڪرڻ لئـ گانڌي ڪنهن ڀنگي رکڻ کان انڪار ڪيو . اهي هو پاڻ صاف ڪندو هو يا وڏن پٽن ۽ زال کي اهي صاف ڪرڻ تي مجبورڪندو هو. هڪڙي دفعي گانڌي جو هڪڙو ڪلارڪ اچي وٽن رهيو جيڪو هندستاني اڇوت هو جيڪو اوچ ذات جي زيادتين کان بچڻ لئـ عيسائي ٿيو هو .ڪستوري انهي جو پاٽوڙو صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي گانڌي چيو مونکي گهر ۾ اهڙي هلت قبول ناهي ڪستوري روئي اکيون سڄايون ۽ چيو اهڙو گهر پاڻ وٽ رک، مونکي ڇڏ تـ وڃان. گانڌي هن کي گهلي گهر کان ٻاهر ڌڪو ڏيڻ وارو هو جو انهي تي هوءَ دانهون ڪري روئڻ لڳي ۽ هن کي چيائين شرم نٿو اچئي، هتي منهنجو ڪير ويٺو آهي تڏهن وڃي هن کي هوش آيو.1901 ۾ جڏهن هو واپس  هندستان وڃڻ وارو ٿيو تڏهن هن کي قيمتي تحفا ڏنا ويا جن ۾ هيرا موتي ،سونا زيور ۽ هار هئا.جيڪي ڪستوري ٻائي واسطي هئا انهي رات هو ننڊ ڪري نـ سگهيو.خوف اچي ورايس ڪو چوري نـ ڪري وڃي، ڪوڦري نـ وڃي.هن کي انهي رات سمجهـ ۾ آيو تـ انسان وٽ پنهنجي ملڪيت گهٽ هوندي تـ هن کي دلي سڪون حاصل ٿيندو. صبح ٿيندي سڀ تحفا اتي ئي سڌاري واري فنڊ ۾ ڏئي ڇڏيائين، ڪستوري ٻائي گهڻيون ئي رڙيون ڪيون پر گانڌي هڪ بـ نـ ٻڌي. هي هندستان جي مٽي مان ڳوهيل آلو گهڙو هو جيڪو ڇنڊ بـ برداشت ڪري نـ سگهندو هو. اهو سڪو بـ آفريڪا ۾ ۽ پچي راس بـ اتي ٿيو.هو جيڪو چڱي ڳالهـ تي عمل ڪرڻ جو عادي هو ۽ بري ڳالهـ وساري ڇڏيندو هو،هن جو پوءِ پنهنجي خواهشن، پنهنجي طبيعت ۽ پنهنجي جسم تي پورو ضابطو هو.هن پنهنجو پاڻ کي 42 سال جنسي ميلاپ کان پري رکيو ،1906 کان 1948 تائين. 1906 ۾ هي 37 سالن جوهو تڏهن کان مرڻ گهڙي تائين  جنس کان پري رهيو. چون ٿا تـ انهي جو هڪڙو سبب اهو هو جو هو هڪڙي رات پنهنجي پيءُ کي زور ڏئي رهيو هو جواچي جنسي لذت جي ٻاڙ لڳس هو پنهنجي چاچي کي زور ڏيڻ تي لڳائي پاڻ زال وٽ ويو. ٿوري دير ۾ نوڪر اچي در جو کڙڪايوگانڌي پيءُ وٽ پهتو تـ هن جي پيءُ جا پساه پورا ٿي چڪا هئا.گانڌي ۾ جنسي خواهش ڪجهـ وڌيڪ هئي. قسم کڻڻ کانپوءِ بـ عورتن ڏانهن ڏاڍي ڪشش ٿيندي هئس پر هي ۽ ڪستور ٻائي جدا جدا کٽن تي سمهندا هئا. هن جو اهو بـ خيال هو تـ جسماني ميلاپ حد اندر هجڻ گهرجي. هن چيو منهنجي زندگي جي بدترين گهڙي اها هئي جڏهن هڪ رات مان ننڊ مان جاڳي پيس، عورت لئـ بي پناه خواهش محسوس ڪيم  مون جنهن چاليهـ سال انهي خيال کان ڪناره ڪشي ڪئي تنهن لئـ اهڙو خيال اچڻ حيرت ناڪ هو. مان پنهنجي جذبن تي غالب تـي پئجي ويس.

ماڻهوچون ٿا تـ مان سنت آهيان ۽ سياست ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻان پر حقيقت ۾ مان سياستدان آهيان ۽ سنت ٿيڻ لئـ پيو جتن ڪريان.آفريڪا ۾ ئي رجسٽريشن تان هڪڙي پنهنجي ئي ديس واسي سرحدي پٺاڻ مير عالم، گانڌي جي مٿي ۾ زورائتي لٺ هنئي هئي. گڏيل تعليم ڏيڻ لئـ گانڌي جا خيال نرالا هئا. هو ساماڻل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ ترڻ تي همٿائيندو هو  هو چوندو هو ترڻ وقت منهنجون نگاهون ڇوڪرين جي نگهباني اهڙي طرح ڪنديون هيون جهڙي طرح ماءُ جون نگاهون ڌي جي نظرداري ڪنديون آهن ،ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گانڌي جي چوڌاري ٽالسٽاءِ کيت ۾ کليل ورانڊي ۾ فقط ٽن ٽن فوٽن جي مفاصلي تي سمهندا هئا، پر گانڌي چوندو هو هنن کي منهنجي پيار جو ايترو يقين هو جيترو اولاد کي ماءُ جو ضابطي جو سبق بـ پيو ڏيندو هو،نيٺ هڪ ڏينهن واقعو ٿيو انهي ۾ ٻـ ڇوڪرا ۽ هڪ  ڇوڪري شامل هئا ،ٻي ڏينهن صبح جو گانڌي انهي ڇوڪري  جا وار سزا طور پاڻ ڪوڙيا .اتي ئي هڪ جلسي ۾ هو،هڙتال ۾ قتل ٿيلن جي ڏک ۾ مغربي پوشاڪ ترڪ ڪري هڪ جلسي ۾ پاکڙي ڌوتي ۽ پهراڻ پائي آيو. 1914 ۾ هي انگلينڊ ڏانهن آفريڪا مان روانو ٿيو. هن جَتي جنرل سمٽس کي سوکڙي طور موڪليو. 1939 تائين اهو سمٽس پريٽوريا ۾ پنهنجي ٻني ۾ پائيندو هو، انهي وقت اهو گانڌي کي واپس ڪري موڪليائين  هن لکيو آئون اهو ڪيترا سال پائيندو رهيو آهيان .پر اهو سدائين محسوس ڪيو اٿم تـ مان اهڙي عظيم انسان جي جتي ۾ پير پائڻ جي لائق ناهيان. سمٽس جڳ مشهور مدبرهو.جنهن چيو هو هي خطرناڪ ۽ بي صبر دشمن آهي  هن جو جسم تـ فتح ڪري سگهجي ٿو پر هن جو روح فتح ڪرڻ ناممڪن آهي.. 1915 ۾ هي هندستان موٽيو  جلسي ۾ هن تقرير ڪئي انهي جلسي ۾ هن کي ماڻهن پهريون دفعو مهاتما ڪوٺيو. انهي کانپوءِ جلد ئي رابندرناٿ ٽئگور هن کي مهاتما جو لقب ڏنو.ٽئگور چيو گانڌي غريبن جي روپ ۾ عظيم روح آهي، هن هندستان ۾ سابرمتي ندي جي ڪناري تي پنهنجو آشرم ٺاهيو. هو چوندو هو منهنجو رايوساڳيوسمجهڻ نـ گهرجي ٻئي وقت ٻيو ٿي سگهي ٿو، هو چوندو هو جيڪي ڦٽيلن کي سنڀالين ٿا سي بـ پنهنجو پاڻ کي جنگ جي ڏوهه کان آجو نـ سمجهن توڙي جو اهو جرم هن پاڻ آفريڪا ۾ ڪيو هو.1920 ۾  هن انگريزن جو بائڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۽ هن آفريڪا ۾ مليل ٻئي تمغا واپس ڪيا. ماڻهو گانڌي جي جلسن ۾ لکن کان مٿي هوندا هئا جيڪي هن جو آواز ٻڌي بـ ڪونـ سگهندا هئا بس درشن لئـ ايندا هئا ،هن جو کاڌو اهو ئي ساڳيوهوندو هو هڪ سيرٻڪري جوکير، ٽي ڦلڪا، ٻـ نارنگيون ۽ ڪشمش انگور جا ٻـ ٽي ڇڳا.گانڌي چوندو هو اوهانکي مغربي لباس نـ پهرڻ کپي تڏهن ماڻهوهن جي چوڻ تي انگريزي ڪپڙا لاهي هن جي اڳيان ڍير ڪندا هئا ، پوءِ گانڌي پاڻ پنهنجي هٿ سان انهن کي تيلي ڏيندو هو، هن چرخو ڪتيو پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهي ينگ انڊيا ۽ نوان جيون اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو هو. جڏهن 22 مهينن لاءِ جيل ويو تـ هن جا ڪيترائي ساٿي وڃي پنهنجي پنهنجي ڌنڌن کي لڳا،هن هڪڙي خط ۾ لکيو جنهن گهڙي هندستان اخلاقي طرح لائق ٿيو تـ هنن کي آزادي ملي ويندي.هن چيو انسان نيڪ ضرور آهي پر جيستائين هن ۾ نيڪي جو جذبو نٿو جاڳايو وڃي اوستائين بدي جو جذبو پيو استعمال ٿيندو.هن جي پيغام رسائڻ جا عجيب طريقا هئا ڪڏهن لکن ماڻهن جي وچ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهندو هو پوءِ مرڪي آخر ۾ روئي پوندو هو ،ڪڏهن ورت رکندو هو،ڪڏهن پيادوڪوهن جا ڪوه پنڌ ڪندو هو

لوڻ واري تحريڪ ۾ هو پيادو سمنڊ تائين ويو ۽ اتان لوڻ جو ٻڪ ڀريائين هي هن جي وڏي بغاوت هئي ، هو جڏهن گرفتار ٿيو تـ هن کي جيل ۾ ٻڪري ڏني وئي ڇو جو هو ٻڪري جو ئي کير پئيندو هو .انگلينڊ جي حڪومت طرفان اسڪاٽلينڊ جا ٻـ جاسوس هن جي حفاظت لئـ رکيا ويا جن کي پوءِ گانڌي جي وڻندو هو. آخر ۾ هن گهر ڪئي تـ اٽلي واري بندر تائين هو هن سان گڏ هلن پوءِ هن انهن لئـ انڊيا مان ٻـ گهڙيون سوکڙي طور موڪليون انسان جي فطرت هر ملڪ ۾ هڪجهڙي آهي توهان پنهنجو پيار ڏيکاريو.موٽ ۾ توهانکي ڏهوڻو پيار ملندو.هن سابرمتي آشرم اڇوتن کي ڏنو ۽ پاڻ وڃِي وارڌا وسايائين، هن جو خيال هو تـ جسماني ميلاپ حد اندر هجڻ گهرجي،  هو پنهنجي اولاد کي چڱي طرح سنڀالي ڪونـ سگهيوهن چاهيو تـ هو هن جا پٽ سنت بڻجن،پر هن جو پٽ هيرالال تـ وڃي رنڊي بازي ڪئي ۽ شراب جون بوتلون ڏوگهيائين، پنهنجي زال ۽ ٻارن کي بـ ڇڏي ويو ـفقط ايتروپروڃي مسلمان ٿيو نالو رکيائين عبدالله مني لال.پيءُجوفرمانبردارهو،هنجي نقش قدم تي هليو ،رامداس وڃي دڪان کوليو ،ننڍو ديوداس سپوت هو پي سان گڏ رهيو ۽ هن جو سيڪريٽري بـ ٿيو.گانڌي چوندو هو ٻار پويتر ٿين ٿا ناپاڪي هن جي عمر وڌڻ سان پئدا ٿئي ٿي .ڪستوري ٻائي 1944 ۾ هن جي گود ۾ دم ڏنو هو هر سال انهي ڏينهن کي ماتم طور ملهائيندو هو.جيلن ۾ ڪل هندستان ۾ 2089 ڏينهن ڪاٽيا ۽ آفريڪا جي جيلن ۾249 ڏينهن رهيو.وڏن وڏن سرمائيدارن کان چندا وٺن جو ڪاريگر هو،هن چيو هو منهنجو جانشين جواهر لعل نهرو آهي نـ راڄگوپال آچاريا،هن چيو هنئير هو منهنجي ٻولي نٿو سمجهي پر جڏهن مان نـ هوندس تـ هو منهنجي ئي ٻولي ٻوليندو،هن هندو مسلم فساد روڪرائڻ لئـ وڏيون ڪوششون ورتيون ڳوٺ ڳوٺ گهر گهر ويو هو جتي هندو مسلم فسادن جو ٻڌندو تـ پهچي ويندو هو  هن چيو مان هندن جي عيبن تي پردو وجهڻ کان هندو مذهب ڇڏڻ پسند ڪريانٿو.هو چوندوهويا مان هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ڪري ڇڏيندس يا پنهنجي جان ڏيندس.لارڊ مانئونٽبيٽن چيو گانڌي اڄ ڪانگريس مونسان آهي.هن چيو پر هندستان مونسان آهي. انهي کانپوءِ هن هڪڙي تقرير ۾ چيو  هن قسم جي هندستان ۾ مون لاءِ ڪا جڳهـ ناهي  مون سوا سئو سال جيئڻ جي اميد ترڪ ڪري ڇڏي آهي باقي سال ٻـ مس جيئندس. هن چيو جي رڳو هندو ئي منهنجي پٺيان هجن ها تـ بـ مان هندستان جو ورهاڱو روڪي وڃان ها .15 آگسٽ 1947 تي هندستان آزاد ٿيو پر هن اهو ڏينهن ملهائڻ کان انڪار ڪيو .31 آگسٽ تي انهي گهر تي حملو ٿيو جنهن ۾ گانڌي رهيل هو. هندن جو وڏو لشڪر نعرا هڻي رهيو هو هو ڪنهن هندو جولاش کڻي آيا هئا جنهن کي ڪنهن مسلمان ماريو هو. اتي گانڌي جي چوڻ تي هندو ڪونـ مڙيا پوءِ مسلمانن هن جي حفاظت ڪئي،هو پنهنجي پوڄا ۾ قران جون آيتون پڙهي ٻڌائيندو هو،هن نهرو تي اهو زور رکيو تـ هو گڏيل هندستان جي خزاني مان پاڪستان جو حصو ڏي جڏهن پٽيل هن جي راءِ جي مخالفت ۾ دليل ڏنا تـ هي روئي پيو ۽ چيائين پٽيل تون اڳيون پٽيل ناهين رهيو.پوءِ نهرو اهو حصو ڏنو خزاني جو.هڪڙي جلسي ۾ گانڌي ۽ جلسي وارن تي دستي بم اڇليا ويا هن چيو ڪجهـ نـ ٿيندو اوهين مونکي ٻڌو  30 جنوري 5 بجي جئين هو پوڄا واري آشرم ڏانهن آيو، رش گهڻي هئي گوڊسي اڳتي وڌي آيو هن ڇوڪري منو کي ٿيلهو ڏئي مهاتما کي ٽي گوليون هنيون جيڪو انتها پسند هو.جيڪو انهي تي ڏمريل هو تـ هتي مسلمانن کي ڇو ٿو وٺي اچي ۽ هتي قران جون آيتون ڇو ٿو پڙهي . ايئن هي 19 صدي جو عظيم روح هر مذهب کي هڪڙي اک سان ڏسندڙ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو مخالف،اهنسا ۽ عدم تشدد جو پيروڪار مخالفن سان ساري عمر وڙهندڙ پنهنجن هٿان مارجي ويو.هندستان جو ابو گولي سان گيان ۽ ڌيان ڇڏي وڃي آخر سفر تي روانو ٿيو. 78 سالن جي عمر ۾ پساه پورا ٿيا روس کانسوا سڀني حڪومتن ۽ مذهبي پيشوائن هن جي موت تي افسوس ڪيو ۽ پنهنجي ملڪن جا جهنڊا جهڪايا .

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو