Home / پروفائيل / مهدي حسن کي ڀيٽا موسيقي: هوا۾ ڳنڍ
above article banner

مهدي حسن کي ڀيٽا موسيقي: هوا۾ ڳنڍ

هڪ سال ۾ ٽي سئو پنجهٺ ڏهاڙا ۽ صديءَ ۾ ڏهه ڏهاڪا ورهين جا هوندا آهن. عظيم انسان صديون پئدا ڪنديون آهن. اڀاڳي سال وٽ اهڙي سگهه ڪٿي جو مهان آتمائن کي جنم ڏئي سگهي.ڪنهن هڪڙي عام ماڻهوءَ منجهه وقت پنهنجي سموري طاقت جو اولڙو پسائنيدوآهي. واچوڙي وانگر گهوماٽي کائي سَندو اظهار ڪندو آهي.چئوطرفو زور جنهن لقاءَ کي آشڪار ڪري، آرٽ جو سو نمونو به ٿي سگهي ٿو ته فن جي دائري کان ٻاهر ڪوئي انوکيو روپ. تاريخ اڳڀرو ٿيڻ خاطر ان طرح جي واقعن جي محتاج هجي ٿي. پاڻ پارا جيتا مڙا، اتهاس جا مغلوب، بيوس حياتيون ڳچي پائي، شامڙي اهو ڳٽ ڦٽو ڪري، فارغ ٿي اُسهي وينداسين.اتهاس جي شاستر تي کاٻو آڱوٺو ڇاپي سگهئون مشڪل سجهي ٿو.


ڳالهه مهدي حسن جي آهي. تنهن سلسلي ۾ ئي گذارش. سائنس جا کٿاڀي گيان جي هاڻوڪي سڦلتا کان واقف هوندا. اسٽرنگ ٿيوري.گريوٽي، ثقل جي طاقت ، ڇڪ، ڪشش جون رسيون، ڏوريون،سڀ اڻ ڏٺل. دوڏي سان نهار جي نه سگهجندڙ.سرشتي ۾ دَيوَ جيڏا ستارا، گرهه اهڙي سگهه وسيلي توازن،بئلنس ۾ ،زمين تي جيڪڏهن گل پٽجي ٿو ته آسمان ۾ تارا لڏي وڃن ٿا – وليم بلئڪ. آواز جون لهرون ترتيب ڏجن ته ڏونگر ڏاري وجهن. ملهار ڳائي بادل گڏ ڪجن ، مينهن وسائجي ننڍو معاملو آهي.اسرافيل جي ڦوڪ قيامت جو ميدان سجائيندي، استاد بسم الله خان جي شهنائي جڳ بدلائي سگهي ٿي. مهدي حسن جي نڙي مان، پوءِ سيني ۽ نن وٽان نڪرندڙ سچا سُرَ اهي رسيون، ڏوريون آهن جي توهان کان قلابازيون کارائي سگهن ٿيون. مَٽَ ڀڃڻ ،وڻ باهه وڪوڙجڻ ،ننڍا مامرا آهن،وري به.


موسيقي ڇاهي ؟ -ڏاهي چواڻيءَ “ هوا۾ ڳنڍ” مورک جنهن وٽ سنگيت سان لڳاءُ ناهي، سمجهڻ لائق نه هوندو ته خلا ۾ آواز، سرن کي ڳنڍ ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي. فنڪار آروهي امروهي کان ڪم ڪهڙيءَ ريت وٺي ٿو.؟ سچو سُر ڇا کي ٿو ڪوٺجي؟ سائنس ڏانهن وربو ته اسٽرنگس ٿيوري مدد ڪندي. چون ٿا ته انسان آواز فقط نڙيءَ ۾ موجود گوشت مان جوڙيل اوزار وسيلي ڪڍي سگهجي ٿو.راڳ سان محبت نه رکندڙ  پروڙي نه سگهندا ته خرج ڇاهي. ڇاتي  کان به هيٺ دن وٽ موسيقي سر جي ٿي. آلاپ نڪري ٿو . اعتبار نه چيو ته هارمونيم جي هيٺئين سبتڪ جي ڪارن ۽ اڇن سان ڳلو ملائي ڏسو. ڪومل ۽ تيور هڻو. استاد مهدي حسن جو اڻٿڪ رياض هو. پرئڪٽس، محنت. باجي ۾ اڃا به نيچا سر هجن ها ۽ گروءَ جي موڪل ته پاڻ نهائينءَ کن گهڻو هيٺ پاتال مان پڻ سُر ڪڍي اچي ها. ڇا ٿا سمجهو آواز جي تنهن طرح جي ترتيب ڪائنات ۾ ڪهڙي نموني جو ڀونچال آڻي سگهي ٿي.جيتامڙي خلق ته ليزر سامهون ئي وائڙي آهي. هتي ڪلا جي هڪ ٻي هستي لتا منگيشڪر کي مان ڏيڻ کپي. تارونءَ کي ڪتب آڻيندڙ هن جو فن هارمونيم جي مٿئين ۽ آخري سبتڪ کان آجو ٿيڻ لاءِ آتو ڀانئجي ٿو. ضابطا آهن جي آرٽسٽ کي قابو ڪيو بيٺا آهن. دنيا بدلائڻ ته معمولي ڳالهه آهي موج ۾ اچي ته ڪائنات کي ڌونڌاڙي ڇڏي.

مناسب شاعري ۽ ڪويءَ جي چونڊيل شبدن لاءِ گهربل راڳڻي، ڌن ۽ ٺهڪندڙ سرن جو کاپو. تنهن سان گڏ خرج جو استعمال.استاد مهدي حسن جي گائڪي کي اسان جون زندگيون مٽائڻ جي سگهه ملي وئي. ڪلا ۽ وقت جو اهڙو ڳانڍاپو صدين جي پئداوار هوندي آهي. اڀاڳاورهيه ان قسم جي اهليت کان وانجهيل ڏسبا. تاريخ سندس جهڙين آتمائن لاءِ ڪوڪاريندي ، نهاربي. جسماني لحاظ کان پاڻ مٽي سان ملي چڪو آهي.هن جي ڇاتي مان نڪتل سنگيت اسان جي ڪنن ۾ ٻرندو رهندو.جيون، ڪومل ۽ تيور جي ميلاپ جو راڳ ۽ پوءِ ٺاٺ آهي. سمجهائيندو رهندو. صلاحيتن سان ڀرپور ڳائڻي صادق فقير هڪ ويهڪ ۾ راوي پاري مورک ۽ ٻي سنگت کان سوال پڇيو-مهدي حسن صاحب جي وڏائي بيان ڪريو؟ اسان احمقن وٽ چپ ۽ خود ئي جواب ڏنائين –اها ته سندس ڳائڻ جو انداز هن جو پنهنجو آهي .کانئس اڳ نه ڪنهن ٻئي ان طرح ڪلاپيش ڪئي ۽ نه وري ڪو بعد ۾ اهڙي ريت ڳائي سگهندو. موسيقي کي جيئن پاڻ ٻڌندڙن تائين پهچايائين- مثال ملڻ ملشڪل آهي.هن جي پيروي ڪرڻ اڃا به ڏکيو آهي.دنيا کيس يگاني آرٽسٽ طور ياد رکندي.

هنن سٽن وسيلي ليکڪ جناب پير بخش لاڙڪ ۽ فيملي جي باقي باصبن، نوشهري فيرو ز جي قاضي عبدالغفار کي نماڻو عرض ٿو ڪري. ٽيهارو ورهيه پهريائين مانواري عطا محمد لاڙڪ مرحوم جي صحت تي سندس فرزند ضمير لاڙڪ جج جي شادي ۾ مهدي حسن صاحب آيا هئا. سڄي رات راڳ جي محفل هلي. مهدي صاحب چواڻي ته پاڻ جيترو سٺو تنهن موقعي تي ڳايو هئائون ايئن گهٽ جاين تي ٿيو هو .ان سنگيت جي رڪارڊنگ مٿي ڄاڻايل همراهن وٽ محفوظ آهي. آڊيو ڪئسٽ ۾ اها رات ميوزڪ جي متوالن تائين پهچڻ کپي. وينتي ته ان ريڪارڊنگ کي عام ڪيو وڃي.اميد ته کاهي راهو جهڙي سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ حاضرين کي گرمائيندڙ سنگيت باقي جهان لاءِ وڏي حِظ جو ڪارڻ ٿيدو. شوقين ڄاڻي وٺندا ته مرحوم عطا محمد لاڙڪ ۾ ڪيترا گڻ هئا جن کي مان ڏيڻ خاطر مهدي حسن دل کولي پنهنجو فن آڇيو.

خان صاحب مهدي حسن جهڙا ڪلاڪار صدين ۾ ڌرتي تي ايندا آهن. سندس لاڏاڻي بعد ڪيئي نسل ساڳي طرح جي وارتا لاءِ  انتظاري رهندا. هن جي واپسي وڏو وقت وٺندي .

ارشاد ميمڻ

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو