ميانمار ۾ مسلمان مخالف فسادن جي نتيجي ۾ هزارين مسلمان بي گهر ۽ درجنين موت جو کاڄ ٿي ويا آهن.جڏهن ته اولهائين رياست راخائن ۾ ڪيترائي گهر تباهه پڻ ڪيا ويا آهن. رياست راخائن جي سيڪيورٽي ۽ بارڊر جي مامرن جي وزير ٿين لن ٻڌايو آهي ته رياست ۾ 2 هزار 6 سو گهر ساڙيا ويا آهن.
وزير جي دعويٰٰ آهي ته ٻنهي طرفن کان 31 هزار 900 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. جن کي 32 ڪئمپن ۾ رهايو ويو آهي. رياست جي چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته تشدد ۾ ڪنهن جي نه فتح آهي ۽ نه وري فائدو. راخائن جي ٻڌن ۽ روهنگا مسلمانن هڪٻئي تي تشدد جو الزام مڙهيو آهي . واضح رهي تي رياست ۾ 8 لک روهنگا مسلمان آباد آهن جن جو ورهين کان ٻڌمت وارن سان تضاد هلندڙ آهي.