Home / افيئر / ميرمرتضيٰ قتل ڪيس جو جوابدار روينيو بورڊ جو سربراهه مقرر
above article banner

ميرمرتضيٰ قتل ڪيس جو جوابدار روينيو بورڊ جو سربراهه مقرر

گذريل سال ڊسمبر جي مهيني جي ڳالهه آهي ته  مان پنهنجي هڪ صحافي دوست سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ مشهور قانوندان جسٽس (ر) رشيد اي رضويءَ سان گڏ سندس آفيس ۾ ڪنهن دوست جي ڪيس جي سلسلي ۾ ويٺو هئس ته سندس ئي ڪو ويجهو دوست ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي وٺي پهتو. رشيد رضوي جي ان دوست رضوي صاحب کي هڪ ڪيس جو فائل ڏيندي  ڪيس کڻڻ لاءِ چيو.فائل جا هڪ ٻه پنا ڏسڻ کان پوءِ جسٽس رضوي پنهنجي دوست کي ڪمري مان ٻاهر اچڻ لاءِ چيو. ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ واپس آيا. جنهن کان پوءِ رشيد اي رضوي جو اهو دوست ۽ ساڻس گڏ آيل همراهه روانا ٿي ويا. اسان کي ماجرا سمجهه ۾ نه آئي اسان رشيد رضوي کان حال احوال پڇيا ته هن ٻڌايو ته منهنجي دوست سان گڏ آيل همراهه  شڪيب قريشي هو جيڪو مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ جوابدار آهي ۽ منهنجو دوست چاهي پيو ته مان سندس ڪيس ٻڌان پر مون انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جو وڪيل گهٽ ۾ گهٽ مان  نٿو ٿي سگهان.

هي ته هئي هڪ وڪيل جي اصول پرستي يا ذوالفقار ڀٽو جهڙي شخصت سان عقيدت جي اظهار جو هڪ ننڍو واقعو پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي طفيل اقتدار ۾ ايندڙ ڇو هر ان ماڻهوءَ کي جنهن تي  بينظير ڀٽو جي  ڀاءُ  ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي اعليٰ عهدا ڏئي رهيا آهن. تازو ئي ايوان صدر جي ويجهو رهندڙ هڪ شخص جي فرمائشن تي ان ئي شڪيب قريشي کي سنڌ جي هڪ اعليٰ مالياتي اداري سنڌ روينيو بورڊ جو سربراهه بڻايو ويوآهي. اهو ئي شڪيب قريشي جنهن جوڪيس هڪ اصول پسند وڪيل ان ڪري نه ورتو جو هن ( شڪيب قريشي) جو نالو شهيد ذوالفقار ڀٽو جي پٽ ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڀاءُ  ميرمرتضيٰ  جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار  طور شامل هو .


سنڌ جي مشهور ،قابل ۽ ايماندار آفيسر نظرمحمد مهرکي هٽائي شڪيب قريشي کي مقرر ڪيو ويو آهي.ان کان سواءِ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار واجد دراني کي هن حڪومت  اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جو آءِ جي پوليس بڻايو ويو.موقف کي تڏهن هٽايو ويو جڏهن اڳوڻي گهرو وزير منظور وساڻ هن کي نه هٽائڻ جي صورت ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي پر پوءِ به کيس ٻي اهم جڳهه آءِ جي موٽرويز جي پوسٽ تي رکيو ويو. اهڙي طرح سان مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن ۾ ان وقت جو  ڊي آءِ جي ڪراچي پوليس شعيب سڊل کي موجوده حڪومت  پهرين سنڌ جو آءِ جي پوليس بڻايو. هن جو ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ شعيب سڊل کي وفاقي محتسب اعليٰ جي انتهائي اهم عهدي تي مقرر ڪيو ويو.

ان جومطلب اهو ٿيو ته مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جا ٻه مک جوابدار هن حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جا آءِ جي پوليس ٿيا. مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۾  نامزد هڪ ٻيو جوابدار ان وقت جو ايڊيشنل ايس پي شاهد حيات هن وقت ترقي ماڻي ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي پوليس جي عهدي تي مقرر آهي.ٻيو جوابدر راءِ طاهر هن وقت پنجاب ۾ ڊي آءِ جي جي عهدي تي مقرر آهي.ٻنهي جوابدار پوليس آفيسرن کي ايس ايس پي کان ڊي آءِ جي جي عهدن تي ترقيون موجوده حڪومت جي دور ۾ ئي مليون آهن. قانوني ۽ آئيني طرح سان اهڙين مقررين تي شايد پابندي نه هجي پر ڇا بينظيرڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو جي نالي تي وجود ۾ ايندڙ هن حڪومت کي اهڙين مقررين جو اخلاقي طور تي ڪو جواز آهي ؟؟ ان سوال جو جواب ته حڪمرانن کان “ ڀٽي جا دشمن اسين ڳولي ڳولي مارينداسين” واري گيت تي جهمريون هڻي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندڙ عوام ئي وٺندو پر ڇا مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن کي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪرڻ هڪ سواليه معاملو نه آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو