Home / افيئر / نوسهري جي پاڻ ساڙيندڙ نوجوان جي درد ڪهاڻي
above article banner

نوسهري جي پاڻ ساڙيندڙ نوجوان جي درد ڪهاڻي

پ پ جي موجوده اقتداري دور ۾  باهه ڏئي ساڙڻ وارو هي ٽيون واقعو آهي، اٽي لٽي ۽ اجهي جو منشور کڻي آيل پ پ حڪومت ۾  بيروزگاري کان تنگ اچي ڪنڊياري جي هڪ نوجوان سياستدانن جي شهر اسلام آباد ۾ پاڻ ساڙي آپگهات ڪيو هو جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته سندس ذهني توازن درست نه هجڻ ڪري هن اهڙو قدم کنيو، ان کان پوءِ بدين جي جيالي عبدالرزاق انصاري  به غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪيو ، نوشهري فيروز جي تعليم کاتي جي ملازم وزير علي راڄپر سان ته نا انصافي جي انتها ٿي آهي، کيس مئل ڄاڻائي نوڪري تان هٽايو ويو. “افيئر” جي ذريعن موجب، اهڙي نا انصافي رڳو  وزير راڄپر سان ئي نه ٿي آهي اهڙا هزارين وزير آهن جن سان مختلف کاتن ۾ مختلف قسمن جا ظلم ٿين پيا، سنڌ ۾  ڪيترن ئي فوتي ملازمن جي ڪوٽائن تي رشوت عيوض ٻين ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ، اڻ پڙهيل ۽ سٻاجهڙن ملازمن جون ايڊوانس پگهارون ڪڍرائي چٽ ڪري ڇڏڻ ڪا معمولي ڪرپشن نه آهي، ذريعا ٻڌائين ٿا ته اهڙي قسم جي جيڪا به ڪرپشن ٿئي پئي ان ۾  رڳو ڪو هڪ ئي ڪلارڪ ملوث نه هوندو آهي ان جو حصو پتي ان کاتي جي سيڪريٽري کان ويندي صوبائي وزير تائين پهچي ٿو.

ذريعا ٻڌائين ٿا ته نوشهري فيروز ۾ تعليم کاتي جي ملازم  وزير علي  سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان ۾  کاتي جو سيڪريٽري به ملوث رهيو آهي، ڪوشش اها ڪئي وئي هئي ته هن کي مئل ڄاڻائي ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو ملازم ڀرتي ڪيو وڃي.

وزير علي 21 فيبروري 1996ع  تي تعليم کاتي ۾ نائب قاصد مقرر ٿيو هو ۽کيس تعليم کاتي جي اڪائونٽنٽ رستم علي بروهي جي معرفت پگهار ملندي هئي جڏهن ته 27 مئي 2006ع تي رستم علي فوت ٿي ويو هو جنهن جي جاءِ تي مظهر علي راڄپر آيو جنهن کيس نيشنل بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرائڻ جو چئي سمورا ڪاغذ پٽ ورتا ۽ ان کان پوءِ رڳو ٻه پگهارون ئي مليون جنهن بعد سندس پگهارون بند ڪيون ويون، وزير جي احتجاج تي مظهر راڄپر کيس اهو چيو هو ته رستم اوهان کي پنهنجي کيسي مان پگهار ڏيندو هو اوهان ملازم ئي نه آهيو.11 جون 2011ع تي وزير علي راڄپر ڏانهن ايڊووڪيٽ زاهد محمود مغل جي معرفت تي نينشل بئنڪ جو ليگل نوٽيس آيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته وزير علي 81 هزار 9 سئو رپيا قرض ورتو آهي جنهن جي آخري قسط 27 اپريل 2010 تي جمع ٿيل آهي، وزير علي جو سئوٽ تاج محمد “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته 28 اپريل 2010ع تي وزير علي کي نيشنل بئنڪ جي رڪارڊ ۾ فوتي ڄاڻايو ويو آهي هن ٻڌايو ته وزير علي سادو ۽ سٻاجهڙو ۽ اڻ پڙهيل آهي جنهن ڪري آئون پاڻ نيشنل بئنڪ جي مئنيجر سان مليس جنهن جو چوڻ هو ته وزير علي جو رڪارڊ ۾ لون ورتل آهي، تاج محمد موجب، نيشنل بنئڪ جي ملازم عرفان راجپوت ۽ تعليم کاتي جي ملازم مظهر راڄپر جو موقف آهي ته وزير علي فوت ٿي چڪو آهي، وزير علي جو سئوٽ وڌيڪ ٻڌائي ته نيشنل بئنڪ مان ورتل پئسا عرفان راجپوت ۽ مظهر راڄپر ڪليئر ڪرايا آهن ۽ رڪارڊ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اهي پئسا مرحوم وزير راڄپر جو سئوٽ تاج محمد ڪليئر ڪرائي ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان سموري معاملي جي نه وزير کي ڄاڻ آهي نه ئي مون کي ۽ نه ئي رڪارڊ تي منهنجون ڪي صحيحون ٿيل آهن.

وزير علي راڄپر پنهنجي سئوٽ تاج محمد راڄپر سان گڏجي تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان ويندي صوبائي وزير تائين لکت ۾ درخواستون ڪيون جتان رڳو انصاف جي خاطرين کان سواءِ ڪجهه به نه مليو  جنهن کان پوءِ هن لاڳيتو 14 مهينا احتجاج ڪيو  جنهن جو تعليم کاتي جي ڪنهن به عملدار ڪو به نوٽيس نه ورتو، وزير علي راڄپر آخرڪار تنگ اچي  20 جنوري، 25 فيبروري  ۽ 22 مئي تي پاڻ ساڙڻ جو  اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کيس خاطريون ڪرائي ٽئي ڀيرا اعلان ملتوي ڪرايو ، نيٺ هن تنگ اچي 12 جون تي پاڻ مٿان پيٽرول هاري  ساڙي ڇڏيو، وزير علي جنهن وقت سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڀيو ته سندس 97 سيڪڙو جسم سڙيل هو ۽  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هوجتي نه ان جي تڪ جو چونڊيل نمائندو عبدالحق ڀرٽ پهتو  ۽ نه ئي ڪو تعليم کاتي جو عملدار سار لهڻ آيو ايئن اهو مظلوم ماڻهوسسڪي موت جي حوالي ڀي ويو، ڊاڪٽرن موجب وزير علي جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن جو بچڻ انتهائي مشڪل آهي.

وزير علي جي درد ڪٿا سنڌ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو پر هن ميڊيائي دور ۾  تعليم کاتو وزير علي جي قصي کان  اڻ ڄاڻ آهي ، خبر نه آهي ته مظلوم وزير علي سان انصاف ڪير ڪندو؟ وزير علي راڄپر، ڪنڊياري جي هڪ نوجوان ۽ بدين جي پاڻ ساڙيندڙ جيالي جو درد ساڳيوئي آهي  ۽ جڏهن ان معاملي تي منهنجي هڪ صحافي دوست سان ڪچهري پئي ٿي ته ان جو خيال هو ته جيڪي به اهڙين ناانصافين جو شڪار  آهن انهن کي گهرجي ته پاڻ ساڙڻ کان اڳ انهن مٿان پيٽرول هاري ساڙڻ گهرجي جيڪي ان سموري نا انصافي جا ذميوار آهن ڇا ڪاڻ ته اهڙي عمل سان وري ڪو به ڪامورو اهڙي ڪرپشن کان اڳ ان جو نتيجو ضرور سوچيندو؟

majidsamo2003@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو