Home / ڪور افيئر / پنجاب جي وڏي وزيرشهبا زشريف سان ڪچهري ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪبو،سنڌي قومپرستن سان رابطا آهن
above article banner

پنجاب جي وڏي وزيرشهبا زشريف سان ڪچهري ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪبو،سنڌي قومپرستن سان رابطا آهن

مينار پاڪستان وٽ شامياني ۾ پنجاب جي وڏي وزيرميان شهباز شريف جي ڪئمپ آفيس جو پهريون ڏينهن هو ،اسان ويهارو سنڌي صحافين کي ڪوچ ۾ ويهاري پنجاب اطلاعات جي آفيسر وڏي وزير جي ڪئمپ آفيس پهچايو45 سينٽي گريڊگرميءَ جو پد هجي ڪجهه پکا هلي رهيا هئا .هن ڪچهري  ۾  اسان کانسواءِ سينيٽر پرويز رشيد،ذوالفقار کوسو،راڻا ثناءُالله ۽ پنجاب جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري معين الدين وارثي پڻ موجود هو. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته دوري دوران پنجاب ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن کي ڏسڻ ۽ وڏي وزير شهباز شريف سان ڪچهري ڪرڻي هئي.اسان شامياني ۾ ڪجهه منٽ انتظار ڪيو. شهبازشريف ڀرسان ئي ٻئي شامياني ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بابت اجلاس ڪري رهيو هو.هو اوچتو شامياني ۾ داخل ٿيو .کاڌي جي شرٽ ۾ شهباز هڪ ملاقات کانپوءِ ڪرسي تي ويهي رهيو .هڪ ميگافون تي هن ڳالهائڻ شروع ڪيو .“ اڄ اسان مينار پاڪستان جي هيٺ ويٺا آهيون اوهان مهراڻ جي واديءَ جا سفير آهيو.سنڌ ڌرتيءَ پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون .سڀ کان پهرين سنڌ پاڪستان جي حق ۾  قرارداد پاس ڪئي پر اڄ سنڌ ۾ پاڪستان بابت ماڻهو سوچي رهياآهن.بلوچستان اڳي ئي اسان جي هٿن مان نڪري رهيو آهي.سنڌ ۾ به مايوسي ڇانيل آهي.سنڌ ئي پاڪستان کي متحد رکي سگهي ٿي پر سنڌ جي عوام کي حڪمرانن ڏاڍو مايوس ڪيو آهي.اڄ سنڌ ۾ نه امن امان آهي نه روزگار آهي نه ، نه ترقي آهي .حڪمران ڪرپشن ۾ رڌل آهن.خدا جو قسم آهي جيڪڏهن هن وقت صوبن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته خدا ته ڪري ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.اسان جي لاءِ هي سياست کان مٿاهون آهي ته اسين پاڪستان لاءِ سوچيون.وفاق لاءِ سوچيون ان ۾ سنڌي ڀائر اسان جو ساٿ ڏئي سگهن ٿا.لوڊشيڊنگ جي عذاب سبب اسين مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون.(کيس ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌل هئي) مان  عوام کي اپيل ڪندو آهيان ته ملڪيتن کي نقصان نه پهچائي.اڄ عوام کي جمهوريت ڇا ڏنو ؟ حڪمرانن جي ناڪامي سبب جمهوريت جي ناڪاميءَ جو سوال ٿي رهيو آهي.اهڙي جمهوريت کي عوام ڇا ڪندو؟ جمهوريت نه ماڻهن کي بجلي گهرجي .ڪالهه فيصل آباد ۾ بجلي جي مظاهري دوران ماڻهن گولي هلائي. ان صورتحال جو ٻڌي مونکي سڄي رات ننڊ نه آئي .بعد ۾ خبر پئي ته ڪنهن دڪاندار  پنهنجي تحفظ لاءِ گولي هلائي  هئي.هي خوني انقلاب  جو رستو آهي.مان ڪافي عرصي کان پيو چوان ته ملڪ ۾ خوني انقلاب جهڙو  ماحول آهي . نام نهاد انقلاب ۽ نام نهاد سونامي ٽائيپ انقلاب عوام کي گمراهه ڪرڻ جي سازش آهي .مونکي ته ملڪ ۾ ڏاڍي خطرناڪ  صورتحال نظر اچي رهي آهي.مان اڄ کان مينار پاڪستان تي ڪئمپ هڻي ويٺو آهيان .هتي مينار تي سڀ فيصلا ٿيندا.هن گرميءَ ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ ۾ ويهي فيصلا ڪون ڪندس.عوام گرميءَ ۾ مري رهيو آهي. انهن جو خادم ايئر ڪنڊيشنڊ ۾ نه رهندو.مان چاهيندس ته اوهان سوال ڪيو ان ۾ کوڙ ڳالهيون ڪري سگهون ٿا .

 

سوال : سنڌ جي وحدت جو سوال اهم آهي.اوهان تي اهو الزام آهي ته سڀ کان پهرين اوهان سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي ؟شهباز اها ڳالهه ڄاڻي ٻجهي ٽوڙي مروڙي پيش ڪئي وئي .جڏهن سياسي مفادن لاءِ نون صوبن جو پينڊوارباڪس کوليو يو ته مون ان وقت چيو هئو ته هي پنڊوراباڪس به کو ليو .ان جا فائدا گهٽ نقصان گهڻا آهن پر سرائڪي صوبي جي ڳالهه ڪئي وئي.مون تڏهن اهو چيو هئو ته سرائڪي جي ڳالهه ڀلي ڪريو پر جيڪڏهن ڪير ڪراچي صوبي جي ڳالهه ڪندو ته پوءِ ڇاڪندو ؟مون قطعي طور تي ڪڏهن به ايئن ڪونه چيو ته ڪو سنڌ ۾ ڌار صوبو ٺهندو .اهو بلڪل ڪوڙ آهي. رهي ڳالهه ملڪ ۾ صوبن جي ته انتظامي طور صوباڀلي ٺهن پر لساني بنيادن تي نه .بهاول پور رياست اڳي ئي صوبو هئو.اسان چيو ته بهاول پور جي تاريخي حيثيت ڇو نه بحال ٿيڻ گهرجي.جيڪو اڳي ئي صوبو هئو ان ڪري اسان پنجاب اسيمبلي مان بهاول پور صوبي ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي جي قرارداد منظور ڪري ڇڏي.نون صوبن بابت پنجاب فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.هنن نون صوبن جو مامرو اسان جي ڳچي ۾ وجهڻ جي ڪوشس ڪئي.اسان قرارداد منظور ڪري نون صوبن جو مامرو واپس کين اماڻي ڇڏيو .هاڻي ٺاهين،جيڪڏهن صوبا ٺاهي ٿا سگهن .


سوال: اسان اوهان جا منصوبا ڏٺا .اوهين ڏاڍو سٺو ڪم ڪريو پيا .دل ٿي چوي ته اسان جو وڏو وزير به اوهان جهڙو هجي پر پنجاب ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت هميشه ابهام آهي نه رڳو اوهان پر پيپلز پارٽيءَ وارا به ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ ۾ هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا .پنجاب ۾ ٻي ڳالهه ڪن ٿا ڇو ؟شهباز : توانائي جو بحران اسان جو وڏو مسئلو آهي.منهنجي ايمانداراڻه  راءِ اها آهي ته نوان ڊيم ٺهندا ته توانائي جو بحران ختم ٿيندو.خود پيپلز پارٽي به انڊس ڊيم جي نالي سان تجويز ڏني هئي پر ڪالاباغ ڊيم اسان جي قومي اتفاق راءِ ،اسان جي وحدانيت ۽ اسان جي پاڻي کان اهم ناهي.هاڻي اسان ان راءِ جا آهيون ته جيستائين چئني صوبن ۾ اتفاق نه ٿيندو تيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو.(ميان شهباز شريف جي هن ڳالهه جي نفي وري ان کان ٻئي ڏينهن چوڌري نثار ڪئي پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ چوڌري نثار جو چوڻ هئو ته شهباز شريف صوبائي بجيٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ پئسا رکيا هئا جيڪي بعد ۾ مون منع ڪري اهو منصوبو بجيٽ مان ڪڍرائي ڇڏيوهئو)سوال: اوهان 65 سيڪڙو آباديءَ تي ٻڌل سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جا حڪمران آهيون(شهباز شريف وچ۾ روڪيندي  مان  حڪمران نه خادم آهيان)۽ اوهان وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪريو پيا.تصور ڪريو جيڪڏهن اوهان ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم کي تسيلم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيو ته ٻيو ڪير مڃيندو ۽ اهڙي روش سبب وفاق ڪيئن مضبوط رهندو؟

شهباز : مان کين مڃڻ لاءِ ان ڪري تيار ناهيان جو سپريم ڪورٽ ٻنهي کي سزاوار قرار ڏئي چڪي آهي.هڪ جا 60 ملين ڊالر عوام جو پئسو بئنڪن ۾ پيل آهي.ٻئي کي عدالت سزاڏيئي چڪي آهي.هي علي بابا چاليهه چورن جو ٽولو آهي.هنن سان اسان جي جنگ جاري رهندي.هنن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.هنن جي ڪري ئي اڄ اسان لوڊشيڊنگ،غربت،بدامني ۽ لاقانونيت ۾ گهيريل آهيون.هي ته اسان جا حڪمران ئي ناهن. ان ڪري ئي مان هردفعي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۾ شامل هوندو آهيان.مان عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته ملڪيتون نه ساڙي.باقي مان سندن وچ ۾ موجود آهيان.اڄ جيڪڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم هجي ها ته مان اکيون بند ڪري سندس پٺيان هلڻ لاءِ تيار هجان ها.اسان شهيد بينظير ڀٽو سان چارٽرآف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون ۽ مسٽر زرداري ان چارٽرجا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا.هو واعدو ڪندو بار بار ڦرندو رهيو.آءِ ايم ويري ساري ،مان مسٽر زرداري، مسٽرگيلاني ۽ ان ٽولي پٺيان هلڻ لاءِ تيار ناهيان. سوال : اوهان جا سنڌي قوم پرستن سان رابطا آهن ايندڙ منظرنامي ۾ اوهان  سنڌ ۾ ڪيترا ڪامياب ويندا؟ شهباز : سوال اهو آهي ته اسان ڪيتريون سيٽون کٽنداسين  يا ڪٿي ڪهڙي حڪومت ٺاهينداسين.اسين سمجهون ٿا ته عوام جو علي بابا چاليهه چورن تان اعتماد بلڪل ختم ٿي ويو آهي.عوام حقيقي تبديلي چاهي ٿو.مسلم ليگ وفاقي جماعت آهي.سنڌ جو عوام محب وطن آهي.سنڌي قوم پرست به سنڌ جي عوام منجهان آهن.انهن سان بلڪل اسان جا رابطا آهن.ڳالهيون ڪندا آهيون .ميان نواز شريف انهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو اسان سان رابطن ۾ آهن.مستقبل قريب ۾ سنڌ اندر سٺو سيٽ اپ ٺهي سگهي ٿو.

سوال : اوهان مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو فيصلو  ڪيو آهي.هڪ سياسي پارٽي وري چونڊون غيرجماعتي ڳالهين ۾ تضاد ناهي؟ شهباز : پاڻي جو گلاس کڻندي ميگا فون راڻا ثناءُ الله جي حوالي ڪيو .راڻا ثناءُ الله ٻڌائي ٿو ته ڪابينا ۾ صرف تجويز آهي ته مڪاني چونڊون غيرجماعتي بنياد تي ٿين پر اهڙو ڪو به فيصلو ڪو نه ٿيو آهي.ڪابينا جي تجويز پنجاب اسيمبليءَ حوالي ڪئي وئي آهي.فيصلو اهو ٿيندو جيڪي پنجاب اسيمبلي ڪندي.ان تي عمل ٿيندو.

سوال ميان صاحب اوهان سنڌ ۾ ايندڙ وقت لاءِ ايم ڪيو ايم بابت اڃاتائين واضح ناهيو ڇا سنڌي قومپرستن ان حوالي سان اوهان سان ڳالهايو يا انهن جو ڪو مطالبو آهي؟ شهباز : هاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي سنڌ ۾ اسان جو موقف ڏاڍو چٽو آهي. لنڊن ڪانفرنس ۾ اسان چيو هو ته اهو فيصلو  ڪيو وڃي ته آئندا ايم ڪيو ايم سان ڪو به ٺاهه نه ٿيندو پر ان تي دوستن اتفاق نه ڪيو پر اسان سنڌ ۾ سنڌي عوام جي فيصلي کي محترم ٿا سمجهون.اسان سنڌ خاطر هر ڳالهه مڃيندا رهيا آهيون.اين ايف سي ايوارڊ ۾ اسان قرباني ڏني.جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ هئي اسان پاڻ وڃي سنڌ کي ڪڻڪ ڏني.گورنر راڄ لڳو ته پنجاب مان اها ڪڻڪ کنئي نه وئي.  مان جڏهن ٻيون ڀيرو وڏو وزير ٿيس ته مون سنڌ وارن کي چيو ته اها ڪڻڪ کڻي وڃو جيڪا اوهانجي امانت آهي.اسان ٻوڏ ۾ سنڌ جي عوام جي مدد ڪئي.اسين سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون هر حال ۾ .حڪومت اسان جي هجي يا ڪنهن جي به هجي .ان کان پوءِ شهباز شريف اسان کي گڏجاڻيءَ ۾ وٺي ٿو هلي اتي ٻڌائي ٿو هي اسان جا سنڌي ڀائر آياآهن جيڪي صحافي آهن سنڌ جا، مان هنن کي وٺي آيو آهيان.ميان شهباز شرريف سان مينارپاڪستان وٽ ٿيل ڪچهري جي ٻئي ڏينهن چوڌري نثار سان پنجاب هائوس ۾ ڪچهري ٿي.سنڌي صحافين جا ٿلهي ليکي سڀ سوال سنڌ سان واڳيل هئا.چوڌري نثار جيڪي نيون ڳالهيون ٻڌايون ان مطابق سيد جلال محمود شاهه وارن سان اتحاد ٿيڻ جو امڪان، مختلف سنڌي اڳواڻن جي مسلم ليگ ۾ شموليت ۽ ڪالاباغ ڊيم لاءِ 1998 ۾ هلايل مهم کي غلطي قرار ڏيڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي حڪومت اچڻ جي صورت ۾ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ بابت ٻڌايو ته حڪومت ٺاهڻ جي بنياد تي ڪنهن سان اتحاد نه ڪنداسين پوءِ ڀلي اسان جي حڪومت نه ٺهي .اهڙي ريت پنجاب جي قيادت سان سنڌ جي صورتحال بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون.

aajaizjmali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو