Home / پروفائيل / پهرين ورسي جي موقعي تي حسن درس : جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ
above article banner

پهرين ورسي جي موقعي تي حسن درس : جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ

وقت جي وير هر احساس،ساروڻي يا جذبا لوڙهي ٿي ڇڏي، جو سال صديون گذرندي دير ئي نه پئي ٿئي.گذريل سال 16 جون ۽ اڄ 16 جون کي سال ٿي ويو، ڄڻ ڪلهوڪي ڳالهه هجي.اڃا ته اسان جا لڙڪ ئي نه سڪا آهن.اڃا ته دل کي ويساهه ئي نٿو اچي ته حسن موڪلائي ويو آهي.اوچتو حواسن تي ڪا عجيب  ڪيفيت حاوي ٿي ويندي آهي ته ڄڻ حسن هينئر ٿو اچي.اجهو ڏاڪڻ تان چڙهندو،هڪلون ڪندو،خماريل نيڻن سان بي خودي ۾ اچي ٻک وجهندو،چميون ڏيندو ۽ وڏا ٽهڪ ڏيئي چرچا ڪندو،حجتون ڪندو.جڏهن سُڌ جي ڪَل ڪلڪ ٿي پئي ٿي ته اکين تي اوندهه اچيو وڃي. سڀ ڪجهه ڀينگ ٿو ڀاسي وڇوڙي جو دردناڪ دور ٻيهر شروع ٿي ٿو وڃي .بيوسي جو راڪاس ڪُل خوشيون ،خواهشون،محبتون نهوڙي ٿو ڇڏي.

بس اهو ئي الميو آهي جو انسان موت کي مات نه ڏئي سگهيو آهي.اتي انسان صفا لاچار  ۽ بيوس آهي نه ته حسن درس کي اسان نه وڇڙڻ لاءِ ڪڏا نه حيلا ڪريون ؟ ڪوشش جي آخري دنگ تائين به اهو سانحو ٿيڻ ڪيئن ڏيون؟ صوفين جي هن راءِ سان مونکي سهمت ٿيندي دل کي ويساهه نٿو اچي ته موت کي وصال چئجي.اڄ جي دور جي تقاضا موجب، سائنسي سوچ موجب موت وڏو هاڃو آهي.ڇاڪاڻ ته اهو انسان اسان جي سٿ ۽ محفل مان سدا لاءِ  اٿي ويو.وري ان سان ڪڏهن ميلاپ ٿيندو ؟ ڪڏهن دل جا حال اوربا.بس هڪ عجيب دلاسو آهي ته وصال ٿيو.گهٽ ۾ گهٽ آءُ حسن درس جي موت کي پاڻ لاءِ تمام وڏو نقصان ۽ زندگيءَ جو وڏو حادثو سمجهان ٿو. ڇو ته حسن جهڙا ماڻهو اسان جي جيون لاءِ وڏي وٿ هئا.جندڙيءَ لاءِ سهارا هئا.اسان جي جهريل جيءَ لاءِ سٿ ۽ سَڪت جو سبب هئا.وري ڪڏهن حسن اسان کي ملندو ؟ ناممڪن .حياتي جيتري هجي پنهنجي حصي جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو.بقول وسعت الله خان –حسن 45 سال جيڪي ڪيو اهو بي مثال آهي پر جي 90 سالن جو هجي ها ته به ڇا ڪري ها؟ باقي سندس سڀاءُ ، محبت، سندس شاعري-رويا سماج ۾ مثبت ڪردار اسان لاءِ وڏو سرمايو آهي.


هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه نرالو ماڻهو هو. ٺاهه ٺوهه، ذاتي لئه بازي يا نمائشي انداز کان ڪو هين ڏور-ڪُل وقت آرٽسٽ هو. فنڪار هو. شهرت،ڏيکاءُ ،پاڻ وڻائڻ ته هن جو وڙ ئي نه هو . شاعري ته سندس روح جي سنڌوءَ جي سانوڻي ۾ مست الست فڪر ۽ حسن جون ڇوليون هڻندڙ  ادا هئي.صفا نرالي نه لطيف جي گس تي ته نه اياز جي پيرن تي پير ، بلڪل الڳ صفا نڪور ۽ ٻولي جي حسين استعمال جو مثالي نمونو، جو سندس شعر ڪو به جهونگاري ته اهل دل مان دانهن نڪرندي .بابا اهو حسن درس.

شاعر ٻولي کان تشبيهون،استعارا اڌارا وٺندا آهن پر حسن شاعري ۾ نيون تشبيهون،استعارا،گهاڙيٽا ۽ نج سنڌ جا سماجي ثقافتي اهڃاڻ نئين سر ورتا يا ۽ دلين کي جهومايو.(مڇي جي اک مان ويٺي ڏٺومون) يا (عشق اسان کي سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو) (صفا سنسان مندر ۾ جڏهن ملي سانجهي مونسان) علامتي طور سانجهي جو ملڻ. اهڙا سوين تجربا حسن پنهنجي شاعري ۾ ڪيا جيڪي اڳ ڪنهن شاعر نه ڪيا هئا.شاعرهو وڏو يا ننڍو هو اهو فيصلو نقاد ڪندا پر هڪ ڳالهه صفا چٽي آهي ته حسن ڪوِتا جي چندن هار جو اهڙو هيرو آهي جو سڄي مالها ۾ تمام روشن،چٽو ۽ جرڪندڙ آهي .سندس قد تمام مٿي آهي.

ڌرتي جي خوشبوءِ جو هڳاءُ تمام غريب سنڌي ماڻهن جي مهانتا جو ذڪر ( واٽ تي ويٺل ) (مهاڻي ٻار وانگي هو) (هڪڙو ڪانڊيرو هاري ) پنهنجي دور جي سماجي تاڃي پيٽي کي ۽ ان جا درد ناڪ عڪس چٽڻ ۾ حسن کي ڪمال مهارت هئي.هن بي مثال ڪم ڪيو.سندس ذاتي زندگي به عجيب ۽ نرالي هئي.پندرهن سورهن سالن کان هو شاعري ۾ پنهنجي انٽري وٺي چڪو هو.سندس مشهور شعر (ڦاسيءَ جي جهولي ءَ ۾ هن کي ننڊ اچي وئي) 1982 ع ڌاري سنڌ جي ملوڪ فنڪار حنيف لاشاري خوبصورت ڌن ۾ ڳايو .پوءِ هو شاعري سان ناتو نڀائيندو رهيو.

هڪ ڀيري محمدي پلازه ۾ سندس فليٽ تي ڪافي دوست گڏيا –تاج جويو،آڪاش انصاري ۽ ٻيا به کوڙ يار هجن .سنگت چيڙائڻ لاءِ چيو ته هاڻي تو شاعري ڇڏي ڏني آهي.بس همراهه سڌو ٿي ويٺو يڪو ڊگها ڊگها نظم، غزل ڌڙا ڌڙ ٻڌائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيائين ۽ چئي ٻڌايو اوهان ڇا لکيو آهي؟ اوهان تازي ڪهڙي شاعري ڪئي آهي.ڳالهه هي هئي ته حسن انهن شاعرن مان نه هو ته جتي ڪٿي هروڀرو پاڻ وڻائڻ لاءِ دوڪان کوليو ويٺو هجي.حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر وٽ علاج لاءِ اچڻ ٿيو.فون تي رابطو ٿيو.چيائين بابا ڪيئن به ڪري اچو ته ڪچهري ڪريون.نيٺ سندس آستاني تي پهتاسين ، ڪافي دوست گڏ ڪيو ويٺو هجي.منهنجي طبيعت ڏاڍي خراب هجي.مئه ڪشي جاري هئي.اسان چيو.شاعري ٻڌاءِ چيائين مون ته شاعري ڇڏي  ڏني.شادي، ٻارٻچا ايڏو مصروف آهيان جو وقت ئي ناهي باقي هي هيترا شاعر ويٺا آهن اهي ٻڌائيندا.ڊاڪٽر نظير شيخ دلبر ماڻهو ڳائڻ شروع ڪيو.ڀلا ڪلام ٻڌايائين.ارشاد لغاري پنهنجي شاعري ٻڌائي .خوبصورت شاعر علي اظهر سومرو تمام خوبصورت نظم ٻڌايا.جڏهن مڪمل کيپ چڙهيا ته حسن صوفي تان لهي هيٺ ويٺو .“چڱو هاڻي ٻڌو”بس پوءِ مسلسل تمام ڊگها نظم،غزل، شعر ۽ بلڪل جديد شاعري جا واهڙ وهائي ڇڏيائين.سڀ ياد ايڏن خمارن ۾ به هڪ لفظ به نه ڀُليو.

اهڙا ڪيئي موقعا حسن جي شاعري ٻڌڻ جا مليا.مون سان هن جي محبت آءُ ڪيئن بيان ڪريان ؟ منهنجو همدرد دوست، منهنجو صفا پٽ جهڙو پيارو، ڏک سور جو ساٿي منهنجي ڪري جهمپير،ڪينجهرسان بي انتها پيار ڪندڙ مست الست ڇيڳرو چئو،بيپرواهه چئو پر ملڻ وقت هن جي اکين جي سڪ ۽ محبت جي اٿل جيڪا مون ڏٺي سا هڪ ئي انسان بشير خان قريشي جي اکين ۾ هئي.باقي ايڏي پيار جي پالوٽ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.حسن ايندو ته واچوڙي وانگر ويندو ته به واچوڙي وانگر .اوچتو ٺڪاءُ اچي ڪندو.روح رچنديون ڪري جوڳي ڪنهن جا نه مٽ. وري ذميوار به اهڙو جو وٺي ڊڪندو.روحل کي کير پهچائڻوآهي. ڪينجهر تي 2010 ۾ مون سان شام هجي تمام گهڻا مقرر هجن پر حسن جڏهن مائيڪ تي آيو ته چڱن موچارن دانشورن کان ڇرڪ نڪري ويا.اتي جيڪو حسن جهمپير،ڪينجهر ۽ لاڙ جو نقشو چٽيو ٻڌندڙ سندس پروانا ٿي پيا.جڏهن ماني کائڻ جو وقفو ٿيو ته پڙ ڪڍي بيهي. سڌو پيرن بابا سائين موڪل دل سان ڏي.تمام پري پنڌ آهي.دوستن ڏاڍو روڪيس پر بنا کاڌي صرف مئه ڪشي جي موڊ ۾ زوري وڃي گاڏي ۾ ويٺو.رات جا 12 ٿيا هجن ٻئي ڏينهن 1 بجي ڌاري فون ڪيائين.بابا فريد سائين جي درٻار ۾ ڪوٽ مٺڻ پهچي ويو آهيان .گادي نشين سان گڏ آهيان.جيئن پيو هلي ڪمال آهي هي ماڻهو آهي يا ملائڪ ؟ ايڏي تيزي رفتار سان وڃي ڪوٽ مٺڻ رسيو. نه ننڊ نه آرام هل هلان، تڪڙ .

جهمپير آيو، اها ڪاٺ جي ماڙي اسان صلاح هنئين موکي جي سوم رس جي چئي “ نه با با مون ڇڏي ڏنو بس گهڻو ٿيو”سارنگ کان شاعري ويٺو ٻڌي ،ڀاڪر ۾ ڀري وري داد ڏي “ بابا هي ته لڪل شينهن نڪتو، جڏهن پاڻ شعر ٻڌائڻ لڳو ته چئي” ڀلا هڪ پيگ هڻون ٿا.سرڪ سرڪ تي شاعري جا گلاب ٽڙندا رهيا .رات جو هڪ ٿيو چئي يارو ياري نه هم نه تم اهو ٿو وڃي ( بابا رستو خراب آهي چور چڪار جام آهن) “ اڙي بابل دعا ڪر پاڻ فقيرن کي چور ڇا ڪندا ؟

کيس روڪي به ڪير، اهائي هن جي اڻ تڻ، ڀڄ ڀڄان، سک نه آرام –رڳو گهوڙي واري ٽاپولي منهنجي دل ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي هئي. تڪڙ وٺ وٺان سڄي رات سفر بس سندس لکيل اکر واڳون ٿي وريا م ( آهي ۽ هو ۾ فرق ئي ڪيترو آهي) 16 جون 2011 ع تي صبح سان منحوس خبر ٻڌي سارنگ،راول ،ننگر،سرمد، مومل، بختاور اوڇنگارون ڏيندا صبح 6 بجي اچي مونکي اٿاريائون يا حسين ڪربلا، ٻي ڪهڙي ٿيندي اسان لاءِ اڄ گهر ۾ روڄ راڙو ۽ انهي حال ۾ ئي مشائج هو تي اسهياسين  جتي جي مٽي حسن کي هنج ۾ وٺڻ لاءِ ڏاڍي اتامري ۽ اوسيئڙي ۾ هئي.سڄي سنڌ موجود- ڪو به هوش ۾ نه هو- رڙيون رانڀاٽ ۽ اوڇنگارون هيو ن. سوچيان ٿو سڄو سال گذريو ڄڻ پل پل جي ڳالهه هجي. حيف هجئي وقت وڏو بي رحم آهين –جانب جدا ڪريو –دلين تي  ڌاڙا هڻين ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو