Home / پروفائيل / پهرين ورسي جي موقعي تي ساري سنڌ حَسن جو پاڇو
above article banner

پهرين ورسي جي موقعي تي ساري سنڌ حَسن جو پاڇو

ٻي خبر ناهي پرمرڻ کان پو

تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون (اياز )

اپريل جا ايذاءَ  يا جون جي جدائي ٻارنهن ئي مهينا اسان جو پيڇو ڪندا ۽ وڇوڙي جا وڍ اکين جا ٽوڙي بند ٽوڙيندا رهندا. دل جو درياهه اوور ٽاپ ٿي من جا سمورا ماڳ مڪان ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇپر ۽ ڇانو  کانسواءِ درد ۽ دانهن جي دڳ تي اسان پرين جون پڇارون ڪندي  باقي عمر گذارينداسين.حسن درس اسان تي ڪو ترس نه ڪيو ۽ بي ترسي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ،برهه جي باهه  ۽ آڙاهه  ۾ دوستن کي يادن جي يزيد خاني ۾  اڇلائي هليو ويو.

اٽاري اسٽيشن ، ريل جي ڪوڪ ۽ ساڳي شيشي مان مڌ جا ڍڪ ڀرڻ کي مان ڪيئن ٿو وساري سگهان!گگليءَ جي ڪناري تي ٻوليءَ جي پيار ۽ حَسن جي حُسن کي ڪيئن ٿو ڪو مٽائي سگهي؟ تاج محل جي اڱڻ تي نورجهان جي اکين  ۽ پکين به سنڌ جي سهڻي کي ناز مان پئي نهاريو.شانتي نڪيتن جي شام جڏهن ٽئگور به حسن جي ٽورَ تي ٻهڪي رهيو هو ۽ ان شاگردياڻي جي سائيڪل جي ڏنڊي تان ڪير ٿو حَسن کي لاهي سگهي ؟ جنهن سنڌ جي سهڻي شاعر کي سائيڪل تي ويهاري شانتي نڪيتن جو سير ڪرايو هو.


ڪيئن چوان ته توکان سواءِ هڪ سال گذري يو آهي ! تون نه منهنجي دل کان دور آهين، نه اکين کان اوجهل تنهنجي پچار ۽ پرين جي پاڇي وانگر ناهي پر پاڻ پرين آهي!! تون لاڙ جي لنئن تي لگن ۾ رت سان ٿو رهين ،تون رڳو سجاول جي سيني وانگر ناهين پر نينهن ئي نينهن آهين ۽ نصرپور ناز مان توڏي تڪي رهيو آهي.اي ظالم جادوگر رڳو ڇوڪرين ڇتين کي ياد ناهين پر تو لاءِ لڪيءَ جا به ٿا لڙڪ لڙن .شاهه پنجي جو تڪيو به توکي تڪي رهيو آهي.

سچ پڇين ته هن سال جهوڪ جي ميلي ۾ مڌ جو مزوئي نه آيو.سهڻا سائين توکان پوءِ ڪينجهر ڪارا ڪپڙا پائي ماتم ڪري رهي آهي.جهمپير جون کجيون به تنهنجي جواني جي موٽ لاءِ واجهائي رهيون آهن.ورڙ جون واٽون به تولاءِ اداس آهن ۽ لاڙ جو سورج مهاڻي ٻار وانگر تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهي.

دلبر دوست !تنهنجو قيدي ديس توکان پوءِ اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ هر ماڻهوءَ  جي من ۽ ساحل کي تنهنجو انتظار آهي ۽ اڄ هجر جي هرشام مڙهيءَ جي ماٺ آهي، ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر تو لاءِ لڙڪ لاڙي  رهيا آهن،هن ديس جو هر هڪ چپو تنهنجي چپن ۽ چمين لاءِ واجهائي رهيو آهي.تون مرڪي ملي ڪهڙي شهر ڏانهن هليو ويو آهين.جو سنڌ جي ڳل تان ڳوڙهو اڃا تائين ڳڙي رهيوآهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو