Home / سياسي افيئر / پ پ حڪومت : اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نالي تي تعليم ۽ ترقي جي تباهي
above article banner

پ پ حڪومت : اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نالي تي تعليم ۽ ترقي جي تباهي

نه پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نه ئي وري پاڪستان مسلم ليگ (نواز) صوبائي پار ٽيون آهن، پر ٻنهي جو ووٽ بئنڪ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مضبوط آهي. پيپلز پارٽي نواز ليگ کان وڌيڪ اقتدار ۾ به رهي آهي.جيڪڏهن ايئن چئجي ته پيپلز پارٽي Trend Setter آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن پارٽي جو ڪارڪن اڄ به ڀٽي جي نعري تي پارٽي کان مليل سڀ تڪليفون وساري سِر فدا ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر جنهن صوبي جي طاقت تي هن پارٽي چار ڀيرا اقتدار جا مزا ماڻيا آهن انهيءَ صوبي جو حال انتهائي دل ڏکوئيندڙ آهي.روڊرستا، ۽ بنيادي صحت جا ادارا بدنظمي جو شڪار آهن . ته ٻئي طرف جهنگ جو قانون آهي.ڪو ٻڌڻ وارو نه ڪو انصاف ڏيڻ وارو.ڳالهه انهي تي بس نٿي ٿئي. بلڪه ايندڙ 10 سالن کان پوءِ  جو نوجوان ڪسمپرسي واري زندگي گذرارڻ تي مجبور هوندو.اهو نه صرف تعليم کان پري آهي بلڪه گٽڪي ۽ پان جي نشي جو به عادي بڻجي ويو آهي.

ٻئي طرف جڏهن  پنجاب ڏانهن نظر ڪبي ته سرسبزو شاداب، بهتر تعليمي ادارا ۽ بهتر صحت جا مرڪز.ڪنهن حد تائين ته قانون جي حڪمراني به نظر اچي ٿي.ايئن ناهي ته سڄو پنجاب ترقي ڪري چڪو آهي بلڪه ڪافي حصو انهي راهه تي گامزن آهي ۽  هو جو نواز شريف هميشه “هم ني موٽروي بنايا” جو ذڪر ٿو ڪري اها 11 سال جيل ڪاٽڻ کان ڪافي مٿي ۽ بهتر آهي جو اهو روڊ ترقي جو ضامن آهي. جيڪڏهن شخص پنهنجي ذات تي لڳايل الزامن سبب 25 سال به سلاخن جي پويان رهي ته ڇا ان کي موٽي اچڻ تي ڪو نصب ڏئي ڇڏجي؟ اها خواهه مخواهه جي تنقيد ناهي بلڪه  اهو اٻوجهه ماڻهن جي جذبن سان کيڏڻ آهي.توهان ڪو ڪم ڪيو پوءِ هام هڻو – ڪو ادارو ٺاهيو يا ڪو منصوبو پايه تڪميل تي پهچايو جنهن سان عام ماڻهو جي ترقي ٿئي پوءِ سينو تاڻي چئو ته اسان فلاڻو فلاڻو ڪم ڪيو.


مون کي ذاتي حيثيت ۾ پيپلز پارٽي جي نعرن “ اٽو، لٽو ۽ اجهو ” سان ڪالهه به اختلاف هيو ۽ اڄ به آهي.هي ٽئي شيون ڪنهن فرد کي قوم ۾ بدلائي نٿيون سگهن۽ نه وري قوم جي ترقيءَ جون ضامن بڻجي سگهن ٿيون.هن نعري جي پويان لڪل منطق جي يا ته ڀٽو کي خبر هوندي يا بي بي کي باقي جيڪو پيپلز پارٽي هن وقت ڪري ٿي اهو ته پوري قوم کي ذهني ۽ جسماني طور مفلوج طور بڻائي ڇڏيندو.هي ته رستو ئي تباهي ڏانهن وڃي ٿو. توهان قوم کي پنڻ جي عادت وجهو ۽ ترقي جي توقع رکو اها ته اڻ ٿيڻي آهي.

هنن چيو “ جاگ پنجابي جاگ ” ۽ سڀ جاڳي پيا. هن چيو “ پڙها لکا پنجاب” ته هن پارٽي سڄي صوبي ۾ اهڙو ته تعليمي نظام پکيڙيو جو هر جاءِ پوزيشن ماڻيندڙ صرف پنجاب جا اميدوار . سکڻا نعرا نه هنيا ويا بلڪه عملي ڪم ڪري ڏيکاريو ويو.عادتون خراب نه ڪيون ويون بلڪه مقابلي لاءِ ذهن به تيار ڪيا ويا.پيپلز پارٽي معاشي ترقي ۽ تعليم تي گهڻو زور ڏنو آهي انهيءَ جو اندازو بُک، بيروزگاري، ڏوهن جون وڌوندڙ وار داتون ،تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تباهي وغيره مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو . پنجاب يا ڪنهن ٻي صوبي يا ڪنهن به ملڪ چاهي ڇو نه اهو توهان جو ازلي دشمن هجي اگر ڪو سٺو ڪم ڪري ته نه صرف انهي جي وڏي واڪي ساراهه ڪيو بلڪه Copy ڪيو. سٺائي جي نقل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ نه صرف ڪند ذهن هئڻ جي علامت آهي بلڪه جهالت آهي ۽ جهالت جو ڪو علاج ناهي. گذريل ٻن سالن ۾ بنجاب طرفان صرف تعليم جي ميدان ۾ سنڌ مان 50 کان وڌيڪ مستحق ۽ ذهين شاگردن لاءِ اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لکيو ويو آهي پر جواب زيرو. مشڪل سان جي جواب مليو ته 25 کن شاگردن جا نالا اماڻيا ويا.جنهن مان ظاهر ڪيو ويو ته يا ته اسان وٽ مستحق ۽ ذهين شاگرد ناهن  يا اسان تعليم جهڙي شي ۾ دلچسپي نٿا رکون. اها اسڪالر شپ مڊل کان هائير ايجوڪيشن تائين رکيل آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته سنڌ جا سوين شاگرد انهي اسڪيم مان فائدو وٺي سگهن ٿا پر اسان کي ته صرف “ اٽو،لٽو ۽ اجهو ” ئي ڏيڻو آهي ته تعليم ڇو ڏجي؟

هاڻ اچون ٿا معاشي ترقيءَ ڏانهن. اسان هميشه ٻڌندا اچون ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. بلڪل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي انهيءَ  جي خبر ناهي ته هو ڍورو پراڻ جي ڪپ تي ٿو رهي! اسان وت وسيلا آهن ته پوءِ انهيءَ جو فائدو ڪهڙو انهيءَ کان ته بهتر هو ته اسان وٽ ڪجهه نه هجي ها.سلجهيل ۽ ترقيءَ جون خواهش رکندڙ قومون وسيلا پيدا ڪنديون آهن، هو نوان نوان گس ٺاهينديون آهن ،ادارا ٺاهينديون آهن جتان ڪڪڙ جا ٻچا نه بلڪه ذهن پيدا ٿيندا آهن . ڇڏيو يورپ کي- نه وڃو دبئي ۽ انڊيا. هڪ سال جي ٿوري عرصي ۾ پنجاب حڪومت چوپائي مال کي بهتر نموني پالڻ ۽ انهيءَ جو صحتند گوشت پهچايو آهي. جنهن سان  نه صرف روزگار جا نوان ذريعا پيدا ٿيندا بلڪه بهتر زرمبادلو به ٿيندو.هن قدم کڻڻ سان ڳوٺاڻي زندگي ۾ تمام گهڻي تبديلي ايندي ڇو ته ان ڏس ۾ جيڪي به اپاءَ ورتا ويا آهن .اهي جديد دورجي عين مطابق آهن

هي فقط ٻه اهم ڪم هئا جن تي مختصر روشني وڌي آهي.نه ته اهڙا ڪيترائي ڪم آهن جن پنجاب جي ماڻهن کي ٻين صوبن خاص طور سنڌ جي ماڻهن کان مقابلي جي ميدان ۾ منفرد بڻائي ڇڏيو آهي.گذريل چئن سالن ۾ پيپلز پارٽي هر روڊ ۽ رستي تي شهيد بينظير ڀٽو جو نالو رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به “ غير معمولي” ڪم ناهي ڪيو.ها! ڪي نوان تعليمي ادارا به ٺاهيا ويا آهن پر سوچيو جي انهن ڪي بهتر نتيجا نه ڏنا ته نالو  ڪنهن جو خراب ٿيندو ؟ سائين قائم علي شاهه ،پير مظهر الحق وغيره جو يا جنهن نالي ۾ پٺيان اهو ادارو سڃاتو ويندو؟ ٽٽل ڦٽل روڊ جا نالا به بي بي جي نالي لان منسوب ته بيڪار منصوبا به سندس نالي سان ڳنڊيا ويا آهن. هجي ته سنڌ جو نالو به تبديل ڪري  ڇڏجي جو محبت ۽ عقيدت ئي ايتري آ!!! هاڻ پاڻ وارن همراهن کي گهر جي ته 5 ڪروڙ جي عوام کي علڻ ۽ گلڻ نه سمجهن.

ٺيڪ آهي جيئن انڊيا پاڪستان روايتي دشمن آهن ايئن ئي توهان به سنڌ ۽ پنجاب جي عوام کي ڪجهه دير لاءِ تصور ڪيو.هو ڪيڏي به ترقي ڪن توهان بلڪل به Follow نه ڪيو. هو بهتر تعليمي ادارا قائم ڪن توهان مور نه کنگهو. هو روز گار جا نوان رستا ڳولين ۽ توهان هڙئي رستا بند ڪيو.پر ڇا توهان اهو قسم کنيو آهي ته پنهنجن “ پارٽنرز” کان به نه سکندا؟ خيبر پختونخواه گذريل چئن سالن ۾ انتهائي ڏکيو وقت ڏٺو آهي ۽ عوامي نيشنل پارٽي ڪٺن وقت جي باوجود به تعليم ۽ معاشي ترقي کي اولين ترجيحات ۾ رکيو آهي- نه وڃو انهي پاسي متحده قومي مومنٽ ته توهان جي نڪ هيٺ ٿي رهي .انهي مان ئي ڪجهه سکو. ڪيئن نه هو مصطفيٰ ڪمال جي ڪم کي ڪيش ٿا ڪرائيندا وتن!هو ايئن ته نٿا ڇون ته “ همارا قائد جلاوطن هي، همين حڪومت دو” ؟ ڪراچي ۾ ڪو به سانحو ٿئي، هنن جي پارٽي جا منسٽر ۽ ايم پي ايز يا ايم اين ايز هڪدم انهيءَ جاءِ تي پهچي نه صرف ماڻهن کي Own ٿا ڪن بلڪه خاطرخواه اپاءَ به وٺن ٿا ! ايئن ناهي ته اهو سڀ ڪجهه ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ آهي پر هو ماڻهن جي ويجهو رهڻ خوب ڄاڻن ٿا ۽ اهڙا ئي هو طريقا ڄاڻن ٿا ۽ شايد هڪ سبب اهو به  هجي جو نه چاهيندي به هزارين ماڻهو “ ڀائي” جي تقرير ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ٻڌن به ٿا ته انهيءَ تي عمل به ڪن ٿا. ۽ توهان اسان کي Own صرف اليڪشن وقت ڪيو ٿا! ۽ جي ڀلجي ڪڏهن فوٽو سيشن لاءِ به ڪنهن ڳوٺ يا شهر اچي نڪرو ٿا ۽ اتي جي ڪنهن جرئت ڪري ڪو ڪم ياد به ڏياريو ته ڪمال جواب ملندو آهي “ ابا متحده وارا ڪم ڪرڻ ئي نٿا ڏين ” مشرف درو ۾ چوندا هئا ته اسان مخالف ڌر ۾ آهيون – ڪجهه به نٿا ڪري سگهون .سائين ! اوها ٺيڪ ٿا چئو جو اسان کي تي ڪا سمجهه ئي ناهي.

ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين سنڌ جو ماڻهو توهان مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. بيوقوف نه بڻايو هن قوم کي چون ته بيروز گاري ختم ڪرڻ لاءِ بينظير يوٿ ڊولپمنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي . ڪو انگ آهي ته انهي پروگرام مان ستحفيض ٿي گهڻا نوجوان روزگار سان لڳا؟ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان مفت رڪشا ورهايا . ڇا ڪنهن ايم پي اي جي ڀيڻوئي کي رڪشا ڏيڻ يا ڪنهن پهچ واري کي ڏيڻ سان بيروزگاري جو خاتمو ممڪن آهي؟ توهان چئو ٿا ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيوسين .ڪو انگ اکر آهي ته هن قوم غربت جي لڪير کي ڪيترو سيڪڙا ڪراس ڪيو آهي؟ عام ماڻهن جي زندگي ۾ هڪ هزار ماهوار ڏيڻ سان ڪيترو فرق آيو آهي ؟ ڪيترا سماجي ماهر انهي ڪم تي لڳل آهن جيڪي سال ٻن ۾ اها رپورٽ پڌري ڪندا ته هي بهترين قسم جا اپاءُ هئا جيڪي هر ملڪ ۾ کنيا وڃن ؟

اسان ته 2011  جي برساتن جو پاڻي ڪڍڻ ۾ به سچا ناهيون. ۽ نه ئي اهي چار هزار اسڪول کولڻ ۾ خوش آهيون جنهن سان تقريبن اڍائي لک ٻار متاثر ٿي رهيا آهن. اهو پاڻي نڪرندو ته بک لهندي  ۽ بک ميساربي ته دماغ ڪم ڪندو ۽ جي انهي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ووٽ ڪيئن ملندو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مقابلو سياسي نه بلڪه معاشي تعليمي ميدان ۾ هجڻ گهرجي .توهان سياست کي هر جاءِ استعمال ڪندا ته نتيجا سٺا هر گز نه  نڪرندا. توهان چئن سالن ۾ واقعي ئي ڪجهه بهترين ۽ خاص ڪيو آهي ته اهو نه صرف ٻين صوبن کي بلڪه ٻين ملڪن کي به آفر ڪيو.۽ نه ته پوءِ اربين روپيا بي مقصد يا اي ۽ بي تي خرچ ڪرڻ بجاءِ ڪنهن به هڪ اداري تي خرچ ڪيو جو منهن ڏيکارڻ جهڙا بڻجو سگهون. توهان کي سنڌ جي ماڻهن ٽي وي شوز لاءِ ناهن ووٽ ڏنا ۽ نه ئي وري مفاهمتي پاليسي کي جاري رکڻ جو عزم ڪري توهان اسيمبلي پهتا آهيون. هزار سياسي ماهر هجو پر صوبائي سطح تي ڪا ٽيم توهان جوڙڻ ۾ ناڪام ويا آهيو ته هو سياسي مسئلن جي باوجود سنڌ جي مفادن ۾ ڪم ڪندي رهي ها. هن هيڏي وڏي عرصي ۾ توهان جو “ بهترين ڪم ” مفاهمتي پاليسي ئي رهيو آهي. جيترا وڏا چئلينج بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختون خواه کي رهيا آهن اوترا ته شايد سهڻا خواب به نه ڏٺا هوندا.ٿر پارڪر، گهوٽڪي يا ٺٽي جيان ڪراچي به سنڌ جو هڪ حصو آهي. ڪڏهن خوبصورت گهرن ۽ ٿڌين گاڏين مان لهي ڪچي جو به چڪر هڻو. ڪڏهن وقت ملي ته ٽاڪ منجهند جو ڪي ٻه پهر مصري ڀيل سان به گذاريو جيڪو 55 سالن ۾ ڪراچي به نه ڏسي سگهيو آهي.وقت ملي ته ڏسو سنڌي نوجوان ڪيئن نه سڌي سامان جي بجاءِ گٽڪن جي ٿيلهي لوڏيندو شام ويل ڳوٺ ڏانهن فخريه انداز ۾ موٽي ٿو.ڪنهن اسڪول، ڪاليج  يا صحت جي مرڪز جا چڪر به ضرور هڻجو ۽ اندازي لڳائڻ جي ڪوشش ڪجو ته 10 سالن کان پوءِ اسان وٽ پاڇي ڇا بچندو؟ چڪر ته ضرور ۽ جلد لڳندا. جواليڪشن  اِجهو آئي .هن قوم کي سنجيده سوچ جي اشد ضرورت آهي نه ڪنهن مسخري جي…!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو