Home / افيئر / ڇا ايل بي او ڊي ٽيون ڀيرو لاڙ کي ٻوڙيندي
above article banner

ڇا ايل بي او ڊي ٽيون ڀيرو لاڙ کي ٻوڙيندي

هن سال به سنڌ ۾ ٽين مها ٻوڏ اچڻ جا هر طرف کان طبل وڄي رهيا آهن. نيشنل ڊزاسٽرمئنيجمنٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ظفر اقبال قادر جيڪو گذريل هڪ مهيني کان چئي رهيو هو ته هن سال سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ ٻوڏ گذريل سال 2010 ع جي مها ٻوڏ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تباهي مچائيندي. هن اهو پڻ چيو ته هن سال سنڌ ۾ ٻنهي قسمن جي ٻوڏون يعني  دريائي ۽ برساتي ٻوڏ جو ٻٽو خطرو آهي. انڪري هن سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي ايل بي او ڊي جي خوني آفت ۽ دريائي بندن کي جلدي مضبوط ڪرڻ جون صلاحون ڏنيون پر واسطيدار سرڪاري ڪامورن سميت سنڌ جي پاڻ واري وزير ۽ مشيرن سان گڏ خود سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اين ڊي ايم اي چئيرمين جي ڏنل وارننگ کي رد ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو ته هن سال جي سانوڻ ۾ ڪن به وڏين برساتن جو امڪان ناهي. اسان دريائي بندن کي بنهه مضبوط ڪري، ايل بي او ڊي جي سڀني تباهه ٿيل سم نالن جو ڪم مڪمل ڪرائي برساتي پاڻي جي قدرتي ڇوڙ جي دريائي وهڪرن جون بند ٿيل سموريون رڪاوٽون هٽائي اڳواٽ سڀئي انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. سنڏ جي واسطيدار سرڪاري اهلڪارن ، وزيرن ۽ مشيرن کان سواءِ پاڻي ماهر ادريس راجپوت  پڻ اين ڊي ايم اي چئيرمين جي ڏنل وارننگ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان سنڌ جي ماڻهن ۾ اجايو خوف پيدا ڪيو پيو وڃي. ايترو اڳواٽ ڪير ڪا به اڳڪٿي ڪري نٿو سگهي. سرڪاري واسطيدار ڪامورن طرفان سنڌي عوام کي گمراهه ڪندڙ موقف اختيار ڪرڻ بعد اوچتو 23 اپريل تي آبپاشي کاتي جي اهلڪارن سنڌ جي وڏي وزير کي جيڪا بريفنگ ڏني ان ۾ 180 ڊگري جو ڦيرو کائيندي آبپاشي اهلڪارن اعتراف ڪيو آهي ته ايل بي او ڊي سميت پاڻي جي ڇوڙ وارا قديم قدرتي رستا اڃا تائين بحال ٿي نه سگهيا آهن. تنهن ڪري هن سال به جيڪڏهن تيز وسڪارو ٿيو ته سرڪار پاڻ منهن ڏيندي. انهي بريفنگ ۾ آبپاشي اهلڪارن اها پڻ دعويٰ ڪئي ته انهن  ايل بي او ڊي سميت پراڻن ڍورن جو 72 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرائي ڇڏيو آهي. باقي رهيل 28 سيڪڙو ڪم اهي 30 جون تائين مڪمل ڪرائي ڇڏيندا. آبپاشي اهلڪارن طرفان سنڌ حڪومت کي پيش ڪيل اهڙي رپورٽ تي تبصرو ڪندي پاڻي ماهر ادريس راجپوت پنهنجي هڪ بيان ۾ ان ڪيل دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته ايل بي او ڊي ۽ پراڻن ڍورن جي بحالي وارو ڪم اصل ۾ اڃا شروع ئي نه ٿيو آهي. هن اهو پڻ سوال ڪيو ته بقول آبپاشي عملدارن جي ته انهن گذريل ٽن مهينن جي عرصي ۾ جيڪڏهن 72 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرايو آهي ته اهي باقي 30 جون تائين فقط ٽن ڏينهن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم آخر ڪهڙي جادو  واري ڇڙي سان مڪمل ڪرائي وٺندا؟ ادريس راجپوت جو اهڙو بيان جيتوڻيڪ زميني حقيقتن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو سندس هڪ نئون موقف پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ادريس راجپوت پنهنجي لکڻين ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي وارن گهٽ مدت ۽ ڊگهي مدت وارن ڪاغذي هلندڙ ڪمن کي جاري رهندڙ ڪم لکي اهڙا وچٿرا تبصرا ڪندو رهيو آهي ته ڪا به ڌر سندس موقف مان ناراض نه ٿئي.


گذريل ٻن هٿرادو آندل مها ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل سنڌ ۽ لکين ٻوڏ متاثرين تباهه ٿيل مسڪين سنڌي لوڪن ۾ بيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ ٽين هٿرادو ايندڙ امڪاني مها ٻوڏ کي برداشت ڪرڻ جي هرگز سگهه ناهي. سنڌ جي گهڻ گهرن،ماهرن، ليکڪن ۽ وطن دوست ڌرين تي اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي حقيقتن کي هرگز نه لڪائين. واضح رهي ته سيڊا ۽ آبپاشي جا اهلڪار پاڻي جي نيڪال لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هيل تائين مختلف منصوبن لاءِ جاري ڪيل اٽڪل 5 ارب روپين جو ناڻو هڙپ ڪري ويا آهن. انهن مختلف طريقن سان ڪرپشن ڪري ڪوڙن ڪاغذي منصوبن ۽ جعلي ٺيڪن ذريعي اها رقم ڳڙڪائي آهي. ايل بي او ڊي جي خوني راڪاس جنهن گذريل سال جي مهاٻوڏ ۾ نواب شاهه کان بدين ۽ ٿر پارڪر سميت زرخيز ڏاکڻي سنڌ کي اٿاهه پاڻي سان ٻوڙي سمنڊ بڻائي ڇڏيو.جنهن مهاٻوڏ ۾ کربين روپين جا زرعي فصل تباهه ٿيا، سوين معصوم انسان ۽ لکين حيوان موت جو کاڄ بڻيا. ماروئڙن جا لکين گهر ڊهي پٽ ٿيا. سنڌ جا اٽڪل هڪ ڪروڙ مسڪين  بي گهر ٿي در بدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا. ايل بي او ڊي جي آفت کي دراصل سيڊا ۽ آبپاشي جي ڪامورن ۽ ماهرن هٿ ئي ناهي لاتو. نواب شاهه کان بدين تائين ٽن ضلعن جي برساتي ٻوڏ وارو پاڻي کڻي اچي بدين کي هر سال ٻوڙيندڙ گهارا ساڳي خطرناڪ حالت ۾ آهن. خانه پوري لاءِ ٺيڪيدارن  مٽي جا چند لپا لهرائي جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ گهارا بند ڪيا آهن انهن لاءِ به مڪاني ٻوڏ متاثر دانهون ڪري رهيا آهن ته اهي گهارا پڻ پهرين ڌڪ سان لڙهي ويندا.

ڪڍڻ شهر لڳ ڪي پي او ڊي جي 109 آر ڊي جي پکو ٿر واري موري جيڪا گذريل سال جي ٻوڏ ۾ ڊهي سم نالي اندر ڪري پئي هئي ان موري جو ملبو 30 جون 2012 تائين ساڳي حالت ۾ سم نالي اندر پيل آهي. گذريل 11 مهينن جي ڊگهي عرصي ۾ سيڊا ۽ آبپاشي جي اهلڪارن ايل بي او ڊي جي ٻنهي اهم مک سم نالي جي مها ٻوڏ ۾ ڊٺل موري ته هرگز نه ٺهرائي پر سم نالي اندر ڊٺل موري جي ملبي کي به ٻاهر ڪڍڻ جي به تڪليف نه ڪئي آهي. ڪريل موري جو ملبو سم نالي جي پاڻي جي وهڪري ۾ سخت رڪاوٽ بڻيل آهي. گذريل 11 مهينن تائين ٻوڏ جو پاڻ ان ملبي مٿان گذرندو رهيو ۽ مٿان هن سال نئين ٻوڏ اچڻ واري آهي پر ڪريل موري  جو ملبو سم نالي کان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. ڪريل موري جي رڪاوٽ سبب ئي تعلقي ٽنڊي باگي جي حدن وٽان ايل بي او ڊي جي سم نالي کي ڪيترائي گهارا پئجي ويا . مذڪوره موري جي ڀر ۾ ڪي پي او ڊي جي ڪنڌيءَ تي قائم ڳوٺ نندو خان چانڊيو واسي آبادگار  عبدالله چانڊيو “ افيئر” کي ٻڌايو ته گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ اسان جي ڳوٺ جي ٻڏڻ جو مک ڪارڻ ڪي پي او ڊي جو سم نالو پڻ هو  ۽ وڌيڪ تباهي پکو ٿر واري موري جي ڪرڻ سبب سڄي علائقي ۾ آئي. موري جو ملبو پاڻي جي وهڪري ۾ سخت رڪاوٽ بڻيو جنهن ڪري سم نالي ۾ گهارا پئجي ويا ۽ پاڻي مٺي ٿري واري پڪي روڊ کي کائي واٽر ڪورس جي موري کي به لوڙهي ويو. هن ٻڌايو ته موري جي ملبي جي رڪاوٽ بڻجڻ ڪري پڪي روڊ تان پلٽجي وهڻ لڳو ۽ مٺي ٿري روڊ جو ڪافي حصو کاڌ هڻي سم نالي اندر ڊهي پيو،. هن چيو ته موري واري ڀاڱي وٽان سم نالي جو پيٽ سوين فوٽ ويڪرو ٿي ويو آهي. عبدالله چانڊئي ٻڌايو ته سم نالي جي هن اهم موري جي ڪرڻ ڪري نه فقط سم نالي کي وڌيڪ گهارا پيا پر ڀر پاسي واري علائقي جي اٽڪل 30 ڳوٺن جو ڪڍڻ شهر ۽ ٻين ڳوٺن سان گذريل 11 مهينن کان زميني رابطو لاڳيتو ڪٽيل آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته موري جو ملبو ڪرڻ ۽ موري جي تعمير لاءِ علائقي جا آبادگار ۽ ڳوٺاڻا لاڳيتو دانهون ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا، آبپاشي سيڪريٽري، ايم ڊي سيڊا، بدين جي ايم پي اي حسنين مرزا ۽ ايريا واٽر بورڊ جي چئيرمين سهيل مرزا کي هنن دانهون ڏنيون  جن ڪريل موري جو ملبو ڪڍرائي ان کي تعمير ڪرائڻ جا  ٿڏي تي اچي عوام اڳيان واعدا ڪيا، پر اڃا تائين ڪو به تدارڪ ٿي نه سگهيو آهي. ساڳي طرح ڪي پي او ڊي جي آر ڊي 30 وٽان اتر طرف ڳوٺ جمعو مهراڻ پوٽو ۽ ڳوٺ گل محمد لنڊ وغيره جي سامهون گذريل سال جي مهاٻوڏ ۾ اٽڪل 400 فوٽ جو گهارو پيو هو. مذڪوره قديم ڳوٺ پڻ ڪي پي او ڊي جي اترين بند جي ڪنڌيءَ تي آباد آهن، جيڪي ڳوٺ پهرين ڌڪ سان ٻڏي لڙهي ويا هئا. ڳوٺاڻا فقط پنهنجا سر بچائي سگهيا باقي سڀ ڪجهه تباهه  ٿي ويو هو . ڳوٺ جو نيڪ مرد جمعو مهراڻ پوٽو جيڪو هڪ سگهڙ ۽ هن  ولاسو جي تاريخ ۽ جاگرافي جو پارکو ۽ زنده تاريخ آهي. هن “ افيئر” سان احوال اوريندي ٻڌايو ته 1994ع کان وٺي لاڳيتو هر ٻوڏ ۾ اسان جي ڳوٺ جي سامهون ساڳي هنڌ تان ان سم نالي کي گهارا پوندا رهندا آهن ۽ اسين ٻڏي تباهه ٿيندا رهون ٿا. هن چيو ته ايل بي او ڊي هڪ اجگر بلا آهي.جنهن ڪارڻ  اسان تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهيون. هن چيو ته ڪي پي او ڊي جي آرڊي 30 واري گهاري کي اهڙي ته ناقص نموني سان ٺيڪيدار بند ڪيو آهي جيڪو پهرين ڌڪ سان لڙهي ويندو.هن چيو ته اسان جي اها پراڻي گهر آهي ته ان گهاري واري هنڌ  هڪ دروازن واري موري ٺهرائي وڃي جيئن سم نالو چاڙهه ڪري ته ان جا در بند ڪيا وڃن ۽ سم نالي ۾ چاڙهه گهٽجي ته اسان وارن ڳوٺن ۽ علائقن جو پاڻي اتان ڇنڊڻ ڪري سگهجي. اسان سيڊا جي اهلڪارن ايريا واٽربورڊ جي چئيرمين سهيل مرزا وٽ ڪيتريون ئي دانهون ڪيون پر ڪير به اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هن سال به جيڪڏهن تيز برساتون پيون ته اسين تباهه ٿي وينداسين. حڪومت امڪاني ٻوڏ کان اڳواٽ بچاءَ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. اهڙي طرح شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ايل بي او ڊي جو سم نالو ڊي پي او ڊي جيڪو 33 سال اڳ ۾ کوٽايو ويو.33 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ واپڊا، آبپاشي ۽ سيڊا جي اهلڪارن مجرما نه طور تي ان پراڻ درياهه جي قديم قدرتي ڇوڙ واري اهم سم نالي جي ڪري گذريل 33 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ڪا به کاٽي ۽ مرمت نه ڪرائي وئي. ان ڪري ان سم نالي جا ٻنهي پاسن جا بند پٽ ٿي ويا ۽ سم نالي جو پيٽ منهن  تان لٽجي ويو جنهن ۾ ديوين جي وڻن جا وڏا جهنگ ٿي ويا. گذريل سال جي مهاٻوڏ ۾ گهڻو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ڪري ان سم نالي اڀرندي ٿرپارڪر ضلعي جي حدن وارن لنگهه جي قديم ڳوٺن ٻيلو نوتيار، ڪٽو شاهاڻي، بنڀي، عرس شاهاڻي، صادق نوتيار،ڊڪاڇ، ٻانڌو،لوهه ميگهواڙ، لوهه لنڊ، لوهه سنجراڻي، گڏر ميگهواڙ ۽ ڳوٺ ڏيڍي وغيره کي 15 کان 20 فوٽ پاڻي سان اهڙي طرح سان ٻوڙي تباهه ڪيو جو سم نالي جي اٿاهه پاڻي ٿرجي واري جون ڪيتريون ئي ڀٽون ٽوڙي ڇڏيون. ٻوڏ جو اهو پاڻي گذريل 11 مهينن ۾ به نيڪال ٿي نه سگهيو آهي. اڃا تائين اهي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن. ڳوٺ ڪٽو شاهاڻي جو هڪ غريب ڳوٺاڻو سو نو پٽ اسماعيل شاهاڻي تازو ان پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو . چوطرف پاڻي هجڻ ڪري گذريل 11 مهينن کان مٿين پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن جو ڀروارن ڳوٺن ۽ ڪڍڻ شهر سان زميني رستا ڪٽيل آهن. تباهي هيٺ آيل انهن ڳوٺن جي سرگرم سماجي ڪارڪن يوسف نوتيار “افيئر” کي ٻڌايو ته تازو چند ڏينهن اڳ ڊي پي او ڊي تي سيڊا وارن نالي ماتر جيڪو ڪم ڪرايو آهي ان ۾ اوڀر طرف واري ٿر پارڪر ضلعي جي ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ سم نالي جي بندن تي هيل تائين مٽي جو هڪ لپو به نه لاٿو ويو آهي. اسين وري هن سال پڻ ٻڏي تباهه ٿي وينداسين.ڊي پي او ڊي جي اولهه طرف وارن ٻوڏن هيٺ آيل ڳوٺ عثمان نوتيار۽ڳوٺ محمد خان نوتيار جي سماجي اڳواڻ رمضان نوتيار۽ رب ڏنو، نوتيار، “افيئر” کي ٻڌايو ته ڊي پي او ڊي سم نالي جي ڪابه کاٽي نه ٿي آهي. فقط اولهه طرف واري بند جو رستو بحال ڪري چند ڪلوميٽرن مان جهنگ صاف ڪرايو ويو آهي. ٻيو مڙوئي خير آهي.ٺيڪيدارا ۽ سيڊا وارا ڪروڙين روپين جو فنڊ هڙپ ڪري ويا آهن. ٿڏي تي ڪاري وارا ڪک آهن . ياد رهي ته آبپاشي جا اهلڪار ان تباهه ٿيل سم نالي جنهن جي گنجائش فقط اڍائي هزار ڪيوسڪ آهي. ان ۾ مٿين ضلعن جو 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي  ڇوڙ ڪرائڻ چاهين ٿا. جنهن سم نالي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ جو رستو انڊيا وارن بند ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح هن سال پڻ بدين ضلعي لاءِ حڪومت موت جو سامان تيار ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت 26 جون کان بدين ضلعي سميت 9 ضلعن ۾ امڪاني برساتن سبب هنگامي حالتون پڻ لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو