Home / افيئر / ڪرپشن الزام : ڀارتي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
above article banner

ڪرپشن الزام : ڀارتي وزير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڀارتي ڪابينا جي وزير ورڀادرا سنگهه پاڻ  تي بدعنوانين جي الزام تحت عدالت ۾ ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته وزير اعظم من موهن سنگهه جي اڪثر ڪابينا ميمبرن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ انهن مان هينئر تائين ڪافي استعيفائون پڻ ڏئي چڪا  آهن. استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ مائڪرو، سمال ميڊيم ۽ ميڊيم انڊ سٽريز جي وزير ورڀادرا سنگهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “ مون پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم من موهن سنگهه حوالي ڪري ڇڏي آهي. باقي ان تي وڌيڪ وضاحتن جي ضرورت ناهي.” ياد رهي ته مذڪوره وزير ۽ سندس گهرواري خلاف 23 ورهيه پراڻو ڪيس کوليو ويو آهي. جڏهن هو اترين رياست جو وزير اعليٰ هو. ٻئي طرف ٻنهي زال مڙسن پاڻ تي هنيل الزامن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو