Home / افيئر / ڪڍڻ: ماڻهڻان موت، مِروان ان شڪار
above article banner

ڪڍڻ: ماڻهڻان موت، مِروان ان شڪار

10 جون 2012 جي آچر جي رات ضلعي بدين جي قديم شهر ڪڍڻ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ هڪ اهڙو دردناڪ واقعو پيش آيو جنهن جو   لاڙ جا محبتي ماڻهو تصور به ڪري نٿي سگهيا.9 جون جي شام جو ڪڍڻ شهر جي قديم قبرستان شاهد محمود ۾ شهر جي ملاح پاڙي جي هڪ 30 ورهين جي پورهيت نينگري “ز” زال  جي لاش کي دفن ڪيو ويو. ٻي آچر ڏينهن صبح جو سوير فوتي نينگري جا مسڪين پورهيت وارث جنهن ۾ فوتڻ جو ور ملاح پڻ شامل هو. اهي جيئن ئي  قبر تي پهتا ته سندن ڌرتي پيرن هيٺان نڪري وئي. هنن ڏٺو ته مرحيات عورت جي تازي قبر ڦاٽل هئي. قبر جي اندروني حصي ۾ ميت جي مٿان ڪاٺ جا ڏنل ڏڪ ( پٽيون) تڏو لٿل هئا ۽ ميت جي ڪفن جو هڪ حصو پڻ لٿل هو. اهڙو دل ڏکوئيندڙ لقاءُ ڏسي فوتڻ جا وارث سخت پريشان ٿيا. اهڙي افسوسناڪ خبر ٻڌڻ تي شهرين جو وڏو انگ مقام تي گڏ ٿي ويو. عورت جي لاش سان ڪيل بيحرمتي وارو منظر ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگهيا. سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ اهڙو واقعو برداشت کان گهڻو ٻاهر آهي. سخت ڪاوڙيل ماڻهو اهو چوندي ٻڌا ويا ته ڪڍڻ شهر ۾ اهو ڪهڙو آدمخور پيدا ٿيو آهي؟ هو  انسان نه پر هڪ وحشي آهي. اهڙو منظر ڏسندڙ  ماڻهو جذباتي ٿيندي اهو چئي رهيا هئا ته اهڙي درندي کي جيئڻ جو ڪو به حق ناهي..ماڻهن ۾ پيدا ٿيل ايڏي گهڻي اشتعال جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته اهڙو دردناڪ منظر پنهنجي اکين سان ڏسندڙ ماڻهن کي يقين هو ته مري ويل عورت جي لاش سان ڪيل بيحرمتي واري وحشي ماڻهو اهڙو غير فطري عمل،جنسي تسڪين لاءِ ڪيو هوندو.جنهن جون شاهديون پڻ ثابت هيون. واقعي جي خبر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ جهنگ جي ٻاهر جيئن پکڙ جي وئي، جيئن ته تازي لاش جي قبر اندر ۽ ٻاهر مٽيءَ تي جوابدار جي پيرن جا نشان پڻ  هئا. مقامي پوليس پڻ واردات واري هنڌ تي جلدي پهچي ويئي ۽ شهر ڪڍڻ جو مشهور مقامي پيري طيب نهڙيو پڻ ستت ئي پهتو، جنهن ڏوهاري جا پيرا پڻ کڻڻ شروع ڪيا،پر گهڻو امڪان آهي ته علائقي جي جاکوڙي پيري طيب نهڙيو جوابدار جو پير ڏسندي شرط سڃاڻي ورتو. پر هن ماڻهن جي گهڻي اشتعال کي ڏسندي ٿڏي تي ته اهڙي ڳالهه نه ڪئي پر هن ايس ايڇ او ڪڍڻ کي رازداري ۾ بڌايو ته آئون جوابدار کي جلدي سڃاڻي وٺندس . هن پوليس ۽ ڪجهه ماڻهن کي اهو پڻ ٻڌايو ته اهو ڏوهاري خود جنازي ۾ پڻ شريڪ هو. ايتري ۾ ان وحشي صفت ملزم جي امڙ پڻ پنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ پاڙي وارين عورتن جي اڳيان اهو راز فاش ڪري ڇڏيو ته سندس سڪيلڌي پٽ رات جو گهر ۾ غير معمولي حرڪتون ڪيون سندس ڪپڙا مٽيءَ ۽ رت سان ڀريل هئا. ان جي ڪپڙن تي هڪ اهڙي خوشبوءِ لڳل هئي جيڪا لاش کي تڙ ڏيئي دفن ڪرڻ وقت لڳائي ويندي آهي.اهڙي گهر جي لڪل خبر اتان جلدي اڏامي ڪڍڻ پوليس تائين پڻ اچي پهتي.ايتري ۾ ڪڍڻ پوليس جا اهلڪار ۽ پيري طيب نهڙيو ان گهر ۾ وڃي پهتا جتي جوابدار جي امڙ گپ ۽ خوشبو وارا پنهنجي پٽ الهڏني ملاح جا ڪپڙا جتي وغيره پوليس حوالي ڪيا.

جوابدار ڄاڻايل الهڏنو ملاح پنهنجي گهر ۾ واردات وارا پراڻا ڪپڙا لاهي ڌوتل ڪپڙا پائي صبح جو اٽڪل 9 وڳي ڌاري ڪڍڻ شهر مان هڪ وين ۾ سوار ٿي بدين طرف روانو ٿيو.جنهن کي ڳولي گرفتار ڪرائڻ لا ءِ پوليس کان وڌيڪ فوتي عورت جي وارثن، ملاح برادري جي ماڻهن ۽ ڪڍڻ جي شهرين جاکوڙ ڪئي، بدين شهر ۾ ڳولا ڪرڻ بعد اهي جوابدار الهڏني ملاح کي ڳولڻ لاءِ ضلعي ٺٽي جي شهرن ميرپور ساڪرو ۽ ڳاڙهي تائين وڃي پهتا ۽ ڪڍڻ پوليس سان گڏ ڪجهه ماڻهو بدين شهر ۾ ان کي ڳوليندا رهيا.شام جو اوچتو ماڻهن الهڏني ملاح کي بدين شهر ۾ نشي جي حالت ۾ ڏسي ورتو.مڇريل ماڻهن ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري ۾ پوليس پهچي ويئي.ڪڍڻ پوليس جوابدار الهڏنو ملاح کي گرفتار ڪري ماڻهن جي عتاب کان بچائي ان کي پي ايس ڪڍڻ تي آڻڻ  بجاءِ ماڊل ٿاڻي بدين ۾ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. مقامي پوليس جو اهڙو فيصلو درست هو ڇاڪاڻ ته ڪڍڻ ٿاڻي تي جوابدار جي حياتي سخت خطري ۾ هئي، ڪو به جذباتي شهري ان تي حملو  ڪري سگهيو ٿي. جوابدار ڄاڻايل الهڏنو ملاح ان رات ئي پوليس وٽ سنگين ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. فوتي عورت جي وارثن پي ايس ڪڍڻ تي فوتي عورت جو قبر ۾ دفن ڪيل لاش جي بي حرمتي ڪرڻ جي ايف آءِآر  الهڏنو ملاح خلاف داخل ڪرائي.ڪڍڻ شهر جي ملاح پاڙي ۾ رهندڙ اٽڪل 20 ورهين جي نوجوان الهڏني ملاح لاءِ معلوم ٿيو آهي ته سندس خاندان انتهائي غريب پورهيت آهي.هن جو والد الهبچايو ملاح ڪيترائي سال اڳ ٽي بي جي موتمار بيماري سبب نوجواني ۾ ئي فوت ٿي ويوهو. هن جي امڙ مريم ملاح سندس فوتي ور جي ڀاءُ سومار عرف ڳوٿرو ملاح سان شادي ڪئي. جيڪو سومار ملاح پڻ ڪجهه سال اڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ وگهي نوجواني ۾ فوت ٿي ويوهو. فوتي سومار ملاح لاءِ معلوم ٿيو آهي ته اهو پڻ ننڍين چورين جو عادي ڏوهاري هو. انهن ڏوهن ۾ گرفتار ٿي هو ڪيترائي ڀيرا جيل ڀوڳي آيو.اهو نشائي پڻ هو۽ بعد ۾ هن ڏوهن ۽ نشي کان توبهه ڪري شهر ۾ پنهنجي بسڪيٽن جي هڪ بيڪري پڻ کولي. بيڪري جي ان دڪان ۾ ئي بجلي جو خطرناڪ ڪرنٽ لڳڻ ڪري هو سومار ملاح جي ڪڍڻ شهر واري بسڪيٽن جي ننڍي بيڪري جوابدار ڄاڻايل الهڏني ملاح جي حوالي ٿي. جنهن بيڪري جو چند مهينن ۾ ئي ڏيوالو ڪڍي نوجوان الهڏنو ملاح غلط صحبت ۾ اچي نشي جو عادي ٿي گڙنگ موالي بڻجي ويو. نشي جي حاصلات لاءِ هن شهر ۾ چورين سميت ٻيا ڪيترائي ڏوهه پنهنجي جواني ۾ ڪرڻ شروع ڪيا.جن ڏوهن ۾ گرفتار ٿي هو جيل پڻ ويو.نشو پي ڏوهه ڪرڻ کانسواءِ هن لاءِ ڪڍڻ شهر ۾ اهو پڻ مشهور آهي ته هو هم جنس پرستي جو پڻ عادي بڻجي ويو هو . جوابدار ڄاڻايل الهڏني جا ڪي مائٽ کيت مزدوري ڪرڻ لاءِ ضلعي ٺٽي جي تعلقي ساڪرو ۾ پڻ رهن ٿا.جتي وڃي اتي پڻ الهڏنو چورين سميت اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪندو رهيو. جنهن ڪري اتي پڻ گرفتار ٿي جيل ويو. ڪڍڻ شهر ۾ هن قسم جي انسانيت کان ڪريل شرمناڪ واردات ڪرڻ کان چند ڏينهن اڳ هو جيل مان آزاد ٿي پنهنجي گهر ڪڍڻ شهر ۾ پهتو هو.جوابدار ڄاڻايل الهڏنو ملاح جي هن قسم جي ڪيل سنگين ڏوهه جتي ڪڍڻ جي هزارين شهرين کي سڪتي ۾ آڻي مڇرائي وڌو آهي جو هتي جي سئو سيڪڙو ماڻهن جو رايو آهي ته انکي هاڻ هن سماج ۾ جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي.ان ڪري اهو موت جو حقدار آهي. اهڙي واقعي بعد ماڻهو جيتوڻيڪ سخت جذباتي آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا الهڏني کي موت جي سزا مسئلي جو حل آهي يا اها ڳالهه وڌيڪ اهم آهي ته هڪ مسڪين پورهيت جو يتيم ۽ لا وارث ٻارجواني ۾ اهڙو وحشي ڪيئن بڻيو؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ملڪي قانون ۾ قتل کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ان قسم جي سنگين ڏوهه ۾ موت جي سزا اچڻ مشڪل آهي پر نوجوان الهڏنو ملاح جي ڪيل اهڙي ڏوهه بعد هن لاءِ ڪڍڻ شهر ۽ بدين جي ڌرتي ته سدائين لاءِ تنگ ٿي وئي آهي پر هو سڄي سنڌ جي ڌرتي تي به هاڻ جيئرو هلڻ جي لائق نه رهيو آهي .اها سزا اسڀ کان وڌيڪ اذيتناڪ آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهو هڪ سنئون سڌو نفسياتي معاملو آهي ڪو به ذهني طرح سان صحتمند ماڻهو اهڙو ڏوهه نٿو ڪري سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو