Home / افيئر / آر بي او ڊي، جنهن منڇر ڍنڍ کي زهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
above article banner

آر بي او ڊي، جنهن منڇر ڍنڍ کي زهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

منڇر ڍنڍ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هاڻي ناهي رهي. منڇر ڍنڍ جو مٺي پاڻي جو حوالو هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته منڇر ڍنڍ ۾ موجود پاڻي انتهائي زهريلو ٿي چڪو آهي،جيڪو انسانن کان سواءِ هاڻي جانورن ۽ آبپاشي مقصدن خاطر زمين لاءِ  به هاڃيڪار ٿي چڪو آهي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان وٺي منڇر ڍنڍ ۾ مٺي پاڻيءَ جي آمد نه ٿيڻ سبب منڇر ڍنڍ جو پاڻي مٺي پاڻي مان زهريلو پاڻي بڻجي ويو آهي.

گذريل ڪافي عرصي کان منڇر ڍنڍ جي پاڻي تي ٿيندڙ تحقيق ۽ ٽيسٽ نتيجن موجب منڇرڍنڍ ۾ هن وقت موجود پاڻي جو کارپد( Salinity) يا P P M 5 هزار تائين پهچي چڪو آهي،جنهن سبب هي پاڻي تمام انسانن جي واهپي کان علاوه نه ته جانورن کي پياري سگهجي ٿو ۽ نه ئي وري هن پاڻي تي کيتي ٻاڙي ڪري سگهجي ٿي. هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته وڌ ۾ وڌ PPM 500. وارو پاڻي پي سگهجي ٿو.۽ جانورن کي 2000 پي پي ايم کان وڌيڪ کارپد وارو پاڻي پياري نه ٿو سگهجي ۽ لڳ ڀڳ اڍائي هزار P P M کارپد کان اڌيڪ وارو پاڻي زمين لاءِ به نقصانڪار آهي، ڇاڪاڻ ته ايتري کارپد وارو پاڻي زمين کي ڪلراٺي زمين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.اصل ۾ منڇر ڍنڍ جي موجوده تباهه حال صوتحال ۾ مين ناراويلي ويلي ڊرين (M N V) جو وڏو هٿ آهي. دراصل 1990ع کان وٺي اترسنڌ جي شڪارپور ضلعي جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ، قمبر شهداد ڪوٽ کان ويندي بلوچستان جي ڪجهه ضلعن جي زير زمين کاري پاڻ جي نيڪال لاءِ سنڌ حڪومت واپڊا جي سهڪارسان R B O D نالي اسڪيم شروع ڪئي،جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ جي زير زمين پاڻي جي سطح کي هيٺ ڪرائڻ هو. جنهن وسيلي R B O D اسڪيم هيٺ هي پاڻي پهرين مرحلي ۾ منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ هو ۽ ٻئي مرحلي ۾ اهو پاڻي درياءَ وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو هو- پر جيئن ته اڳتي هلي R B O D اسڪيم تڪراري ٿيڻ سبب سم وارو پاڻي وقتي طور منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،جيڪو اڳتي هلي ڄڻ ته مستقل بنيادن تي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو. ايئن گذريل 22 سالن کان M N V ڊرين ذريعي زهريلو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي ۽ اهڙي پاڻي سبب منڇر ڍنڍ جو حليو ئي تبديل ٿي رهيو آهي ۽ هن وقت منڇر ڍنڍ هڪ مڪمل تباهيءَ جو ڏيک ڏئي رهي آهي.دراصل منڇر ڍنڍ جي آندل تباهي کي ٻن مرحلن ۾ ڏسي سگهجي ٿو.


پهرين مرحلي ۾ منڇر ڍنڍ جي اندرئين پيٽ ۾ وڏي تباهي آئي،منڇر جو پاڻي انتهائي کارپد تي پهچڻ سبب ان زهريلي پاڻي جو پهريون شڪار منڇر جي مڇي ٿي، منڇر۾ موجود تقريبن سڀئي نسلن جي مڇي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ان کان سواءِ  منڇر جون ٻيون پئداواري شيون جهڙوڪ، بهه ، ڪُم ، ڪَل،پٻڻ وغيره مڪمل طور تي ختم ٿي ويون. جنهن سبب ان سڄي پيدا وار تي گذر سفر ڪندڙ ڪميونٽي به سخت متاثر ٿي،جنهن سبب وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي ۽ هڪ سروي موجب گذريل ٻن ڏهاڪن اندر منڇر مان 80 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت فقط 20 سيڪڙو ملاح منڇر جي باقي بچيل پيداوار جي آسري ۾ ويٺل آهن،جيڪي پڻ انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ آهن.

گذريل ٻن ڏهاڪن کان منڇر ڍنڍ ٻي مرحلي ۾ ڀان سيدآباد کان سيوهڻ تائين هڪ تمام وسيع علائقي جي تباهي جو ڪارڻ بڻي آهي. دراصل حڪومت پاران منڇر ڍنڍ مان آبپاشي مقصدن لاءِ واهه ( ڦاٽ) ڪڍيا ويا، جيڪي ذڪرڪيل علائقي جي هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪن ٿا- پر جيئن ته اهڙا واهه آباديءَ  وارن علائقن مان گذرن ٿا ۽ انهن ۾ پورو سال زهريلو پاڻي موجود رهي ٿو.جنهن سبب جن جن علائقن ۽ ڳوٺن جي ڀرمان هي واهه گذرن ٿا اتي جا زير زمين جَر کارا ٿي چڪا آهن. ان ڪري ڀان سيد آباد شهر سميت ڳوٺ ڀلائي،مرادعلي شاهه واهه، ڳوٺ بختيار پور، ميان موٽڻ، ڳوٺ آراضي، ڀوتڙا،بوبڪ  شهر،آراضي شهر، ڳوٺ سيال، ٽنڊو شهبازي، ڳوٺ پڪا چنا، ڪچا چنا، بڙدي ،پنهور، سيال ، بروهي ۽ چانڊين جي ڳوٺن سميت ڳوٺ ڪرمپور ۽ سيوهڻ شهر ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر آهن جتي زرعي زمين مڪمل طور کاري ٿي چڪي آهي.جنهن سبب ذڪر ڪيل سڀني ڳوٺن ۾ زير زمين پاڻي نه رڳو هن وقت پيئڻ لائق ناهي رهيو پر پاڻي ۾ کارپد ۽ سنکيو گهڻي مقدار ۾ موجود هئڻ سبب اهڙو پاڻي وهنجڻ ۽ رڌ پچاءَ ڪرڻ ۾  به استعمال ڪرڻ جي لائق ناهي رهيو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته ڀان سيدآباد کان وٺي سيوهڻ تائين تقريبن 35 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 10 ڪلوميٽر ويڪري پٽيءَ ۾ انساني زندگي مفلوج بڻيل آهي. ان ايڏي وڏي پٽي ۾ سڀني ڳوٺن  جا رهواسي پري پري تائين وڃي مٺا جر تلاش ڪري اتان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن،انهي علائقي ۾ پاڻي گڏهه گاڏن وسيلي وڪرو پڻ ڪيو پيو وڃي.ذڪر ڪيل علائقي ۾ صورتحال انتهائي خرا ب ٿي چڪي آهي. ڪافي عرصي کانپوءِ اتان لڏپلاڻ جو عمل پڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهن شهرن ڏانهن رخ رکيو آهي. انهي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد پتو پوي ٿو ته جيڪڏهن موجوده سرڪار عام ماڻهن لاءِ مٺي پاڻي جي رسد کي يقيني نه بڻايو ته صورتحال اڃان به وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿي ۽ لڏپلاڻ جو عمل اڃا وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو.جيئن پاڻ مٿي ذڪر ڪيوسين ته ان سڄي تباهي جو مک ڪارڻ آهي مين نارا ويلي ڊرين،جنهن ذريعي کاري  ۽ زهريلي پاڻي جي مسلسل وهڪري سبب منڇر ڍنڍ مٺي پاڻي بدران زهريلي پاڻي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. دراصل سنڌ جي اترئين علائقي سميت بلوچستان جي علائقي مان سم واري پاڻي جي نيڪال واسطي جيڪا اسڪيم جوڙي وئي ان جا اڳتي هلي مختلف پلان جوڙيا ويا جيڪي تقريبن سڀ جا سڀ ناڪام  ويا آهن. هن وقت اسڪيم سنڌ حڪومت ۽ سنڌ واسين ( درياءَ جي ساڄي ڪپ تي رهندڙ آبادي) لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، هتي اسين انهن ٻنهي منصوبن جو تفصيل سان جائزو پيش ڪريون ٿا.

پلان-هڪ : پهرين پلان هيٺ وقتي طور تي مين ناراويلي ذريعي زهريلي پاڻي کي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو-جڏهن ته بعد ۾ منڇر ڍنڍ کي نقصان پهچڻ سبب هي پلان ناڪام ٿيو.

پلان ،ٻه: سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاههM NV ڊرين کي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ منڇر ڍنڍ بدران Indus Link Canal ذريعي پهرين مرحلي ۾ پاڻي کي سيوهڻ وٽان  سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. جڏهن ته 1993.94ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو انڊس لنڪ ڪئنال جو افتتاح پڻ ڪيو. ان وقت سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي کي 1995.96ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئنلج ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ ڪيس جي پوءِ واري نه ڪرڻ سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ذريعي منڇر جي زهزيلي پاڻي جو نيڪال درياءَ ۾ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙو زهريلو پاڻي انسانن لاءِ حاڃيڪار آهي ڇو ته حيدر آباد سميت ڪوٽڙي ، ٽنڊو محمد خان ، ٺٽو ۽ بدين سميت لکين انسان اهو پاڻي  واپرائن ٿا. حالانڪه منڇر مان فقط  250-200 ڪيوسڪ پاڻي درياءَ ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي، جيڪو درياهه جي هزارين ڪيوسڪ پاڻي جي ڪيمسٽري کي تبديل نه پئي ڪري سگهيو.

پلان ٽي: اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف 2000ع ۾ جوهي شهر جي دوري دوران اعلان ڪيو هو ته M N V ڊرين  ذريعي زهريلو پاڻي سمنڊ تائين الڳ اسڪيم هيٺ نيڪال ڪيو ويندو ۽ اهڙي اسڪيم کي R B O D جو نالو ڏنو ويو. هن وقت تائين 11 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت واري هن اسڪيم کي به بند ڪيو ويو آهي. موجوده پ پ حڪومت ٺٽي ۽ بدين  ضلعي جي نمائندن جي اعتراض سبب اسڪيم روڪي ڇڏي آهي. جو سندن موجب هناسڪيم سبب ٺٽي ضلعي جي زرعي زمين متاثر ٿي سگهي ٿي.

پلان چار: غالبن 98-1999ع ۾ تڏهوڪي سنڌ حڪومت وٽ هڪ ٻيو پلان به زير غور آيو،جنهن هيٺ M N V واري پاڻي کي سيوهڻ کان هڪ “سائيفن” وڏي پائيپ ذريعي سنڌو درياءَ ڪراس ڪرائي، ان پاڻي کي L B O D ۾ شامل ڪرڻو هو ۽ ان ذريعي پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻو هو،پر ڪجهه فني چئلنجزسبب هي اسڪيم عمل ۾ آڻڻ کان پهريان ئي ختم ڪئي وئي.

پلان نمبر 5: پ پ جي موجوده حڪومت 2010ع ۾ چين حڪومت سان هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن هيٺ M N V جي پوري ٽريڪ سان منڇر تائين 3 وڏا آر او پلانٽ منظور ڪيا ويا آهن، جنهن سبب M N V ڊرين ذريعي ايندڙ کاري پاڻي کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪري پيئڻ لائق بڻايو ويندو.

هتي هڪ وڌيڪ ٻي پيش رفت جو به ذڪر ڪندو هلجي ته 2010ع ۾ هڪ سنڌي چئنل تي منڇر ڍنڍ جي زهريلي پاڻي تي هڪ ڊاڪيوميٽري فلم ڏيکاري وئي .ڊاڪيومينٽري موجب زهريلي پاڻي جي انساني آبادي تي پوندڙ اثرن کي ڏيکاريو ويو .جنهن بعد چيف جسٽس سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ۽ واپڊا کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ان صورتحال تي اپ ڊيٽ ورتي –سپريم ڪورٽ ۾ واپڊا پاران M N V ڊرين کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ۽ سپريم ڪورٽ جي اسرار تي آبادي کي آرو پلانٽ ذريعي کاري پاڻي کي مٺي ۾ تبديل ڪري پهچائڻ جي حامي ڀري.تنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي هر شنوائي تي واپڊا آرو پلانٽ جو تعداد وڌائڻ جي ڪمٽمينٽ ڪري آئي ۽ هن وقت منڇر ڍنڍ جي کاٻي ڪپ تي 12 آرو پلانٽ لڳا يا ويا آهن. جن مان 6 پلانٽ واپڊا، 6 پلانٽ سنڌ حڪومت ۽ 4 پلانٽ اريگيشن ڊپارٽمينٽ جي سهڪار سان لڳرايا ويا آهن، جڏهن ته 12 پلانٽ بجاءِ 16 پلانٽ لڳائڻا آهن.جيتوڻيڪ ذڪر ڪيل پلانٽن جي گنجائش ڊزائين مطابق ته گهڻي آهي پر زمين تي لڳل پلانٽ مان اڪثر پلانٽ جي پيداوار تمام ٿوري آهي، جيڪا هڪ محدود آبادي جي ضرورت مشڪل سان پوري ڪري رهي آهي.پلانٽ کي موجوده ڳوٺاڻن موجب هڪ پلانٽ 100 فيمليز جي ضرورت مشڪل سان پوري ڪري رهيو آهي.جڏهن ته اڌ کان وڌيڪ آبادي يا ته پري  کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهي يا وري پاڻي پئسن تي وٺي رهيا آهن. جيتوڻيڪ لکين آبادي لاءِ فقط 12 آر او پلانٽ ڪا به حيثيت ڪونه ٿا رکن پر ان ۾ ڪافي مسئلا آهن جنهن سبب هي آر او پلانٽ به جلد بند ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. هڪ ته هنن پلانٽن جي سار سنڀال  تمام گهڻي مهانگائي آهي، ۽ مسلسل سار سنڀال  نه ٿيڻ سبب هي پلانٽ گهڻي دير تائين Functioanl نظر ڪونه ٿا اچن. ٻيو اهو ته واپڊاجي اسرار تي اهي سڀ پلانٽ ڳوٺن يا آباديءَ جي وچ ۾ ڏيڻ بدران پنهنجي نگراني جي سهولت کي ذهن ۾ رکندي منڇر ڍنڍ جي بند سان  لڳرايا ويا آهن ،جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا ٻه ٻه هزار فوٽن جي فاصلي تان پيدل پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن.حالانڪه هي اسڪيم ان سڄي علائقي جي شديد ضرورت آهي.پر هي پلانٽ سنڌ حڪومت پنهنجي منصوبابندي بدران واپڊا جي اسرار تي مهيا ڪيا آهن، ٿيڻ ته ائين کپي ته سنڌ حڪومت انهن سڀني آراو پلانٽن کي مشاهدي هيٺ رکي ۽ اسڪيمن جي ڪاميابي يا ناڪامي جي سبق کي Sutdy ڪري انهن کي وڌيڪ علائقن تائين ٺهرائي پر حقيقت  آهي ته ڪير به انهن پلانٽس جي مالڪي ڪون پيو ڪري ان ڪري اهڙن پلانٽس جو گهڻي عرصي تائين هلڻ ممڪن نظر ڪون پيو اچي. هوڏانهن هڪ ٻي حقيقت به علائقي واسين لاءِ هڪ اميد آهي پر خبر ناهي سنڌ حڪومت ان Option تي ڌيان ڇونه پئي ڏئي.ڀان سيد آباد کان وٺي سيوهڻ تائين ذڪر ڪيل سڀني ڳوٺن کان سنڌو درياءُ فقط 8-10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته سڀني متاثر ڳوٺن کي سنڌو درياءَ مان واٽر سپلاءِ اسڪيم هيٺ مٺو پاڻي سپلاءِ ڪري سگهي ٿي جيڪو پاڻي اڻ کٽ ۽ بنهه سستي اسڪيم هيٺ ڳوٺاڻن کي ملي سگهندو . جيڪڏهن ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي جي شهر واسين لاءِ 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي کان واٽر سپلاءِ اسڪيم اچي سگهي ٿي،جيڪا وڌيڪ 145 ڪلوميٽر اڳيان اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپاڪر تائين پهچائي سگهجي ٿي ته رڳو 10ڪلوميٽرن جي فاصلي کان درجنين ڳوٺن تائين سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي جي اسڪيم ڇو نٿي پهچائي سگهجي؟پروفيسر کهاوڙ چوي ٿو.آر او پلانٽ وسيلي مٺو بڻايل پاڻي صحت بخش نه آهي.

پروفيسر کهاوڙ چوي ٿو

آر او پلانٽ وسيلي مٺو بڻايل پاڻي صحت بخش نه آهي !

جيئن ته زيرِ زمين پارو پاڻي صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار هجي ٿو پر پوءِ به مٺي پاڻيءَ عدم دستيابي سبب ڪيترائي ماڻهو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. جيتوڻيڪ منڇر ڍنڍ جي آس پاس ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ زير زمين پاڻي بنهه کارو ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ به ڪيترائي انسان مجبوريءَ وچان اهڙو پاڻي پي رهيا آهن. حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ جو عالم اهو آهي جو اڃا تائين اهڙي پاڻي جا ٽيسٽ به ڪون ڪرايا ويا آهن ته اهڙي پاڻي جو هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾  کارپ ۽ ان ۾ سنکيو ڪيترو موجود آهي  ۽ اهو صحت لاءِ ڪيترو هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ وقتن به وقتن منڇر ڍنڍ جو دورو ڪندو رهي ٿو ۽ ان تان پاڻي جا مختلف سيمپل وٺي ان جا ٽيسٽ نتيجا به ورتا آهن-سندس موجب ان علائقي ۾ پاڻي ۾ سنکيو جهجهي مقدار ۾ موجود آهي، جيڪو انساني صحت لاءِ بنهه نقصان ڪار آهي.ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ تقريبن 20 ڏينهن پهريان منڇر ڍنڍ ۽ ان جي علائقي جو دورو ڪيو. پاڻ سنڌ حڪومت ۽ واپڊا جي گڏيل سهڪار سان لڳايل آر او پلانٽ پڻ وزٽ ڪيائين. ان موقعي تي هن ڳوٺاڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آر او پلانٽ جي منفي پاسن تي ڳالهائيندي چيو ته آر او پلانٽ پاڻي جو چو ٿين حصي کي پيئڻ لائق بنائي ٿو، جڏهن ته پراسيس کانپوءِ باقي بچيل 3 حصا پاڻي واپس منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو وڌيڪ نقصان ڪار آهي، ڇاڪاڻ ته آر او پلانٽ ذريعي پراسيس ڪيل پاڻي دوران سڀ لوڻاٺ رهيل ٽن حصن ۾ جمع ٿين ٿا،. جنهن  ڪري بچيل ٽي حصا پاڻ وڌيڪ لوڻياٺو ٿئي ٿو،جيڪو پاڻي منڇر ۾ ڇڏڻ بدران ضايع ڪرڻ گهرجي. “افيئر” پاران ان سلسلي ۾ منڇر ڍنڍ جي کاري پاڻي تي ڪيل اسٽوري دوران منڇر ڍنڍ تي ٿيندڙ هر چرپر تي گهري نظر رکندڙ ۽ آبپاشي کاتي جي ملازم  علي شير بٺڙ ٻڌايو ته ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل وزٽ دوران هن آر او پلانٽ ذريعي پيئڻ لائق بڻايل پاڻي تي به عدم اطميناني جو اظهار ڪندي چيو ته دراصل پراسيس کانپوءِ پاڻي جي P P M فقط 60 اتي اچي ٿي جنهن سبب اهڙي پاڻي ۾ لوڻياٺ جو مقدار بنهه گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته منڇر ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت محنت ڪش آهي، جيڪي گهڻو ڪري پورهيو ڪن ٿا.جنهن سبب گهڻو پگهر وهڻ سبب انهن جي جسم ۾ اڳ ئي لوڻياٺ جي ڪمي ٿي وڃي ٿي، ويتر جيڪڏهن آر او پلانٽ ذريعي بڻايل مٺو پاڻي واپرايو ويندو ته يقينن هي پاڻي ماڻهن جي جسم جي لوڻياٺ جي ضرورت پوري ڪري نه سگهندو. ان ڪري ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ ته ماڻهن کي اهو مشورو به ڏنو ته هو اهڙي پاڻي ۾ لوڻ ملائي پيئن ته جئين جسم جي نمڪيات جي ضرورت هرحال ۾ پوري ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو