Home / افيئر / آفريڪي يونين جي پهرين عورت سربراهه چونڊجي وئي
above article banner

آفريڪي يونين جي پهرين عورت سربراهه چونڊجي وئي

آفريڪي يونين ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ نڪوسازنا ڊلامني زوما کي پنهنجو اڳواڻ چونڊي هڪ نئين تاريخ جوڙي ورتي آهي.آفريڪي يونين جي تاريخ ۾ هي پهرين عورت آهي جيڪا ان جي سربراهي جا فرض نڀائيندي. هوءَ اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي صدر جيڪب زوما جي اڳوڻي گهرواري ۽ هن وقت ڏکڻ آفريڪا جي گهرو وزير، جڏهن ته وزير صحت جا فرض به نڀائي چڪي آهي. هن پنهنجي مخالف گبون سان تعلق رکنڊر جسين پنگ کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي تنظيم جي سربراهي حاصل ڪئي آهي. 54 رڪني تنظيم ۾ سندس حق ۾ 37 ووٽ وڌا ويا. ايئن هن چونڊجڻ لاءِ گهربل 60 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ورتا.ياد رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ٻنهي مان ڪو به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهيو هو، جنهن ڪري پنگ وڌيڪ ڇهن مهينن تائين آفريڪي يونين جي سربراهه طور ذميواريون نڀائيندو رهيو. واضح رهي ته ٻنهي اميدوارن جي حق ۾ راءِ لساني بنيادن تي ورهائجي وئي هئي. انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪ ڏکڻ آفريڪا جي عورت جي حق ۾ جڏهن  ته فرانسيسي ڳالهائيندڙ ملڪ گبون جي اميدوار جي حق ۾ هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو