Home / افيئر / اتر ڪوريا: فوجي سربراهه کي عهدي تان هٽايو ويو
above article banner

اتر ڪوريا: فوجي سربراهه کي عهدي تان هٽايو ويو

اترڪوريا پنهنجي فوجي سربراهه “ ري يونگ هو” کي سمورن سرڪاري عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي. هو فوجي سربراهه هجڻ کان سواءِ طاقتور سينٽرل ملٽري ڪميشن جو وائيس چيئرمين ۽ حڪمران جماعت ورڪرز پارٽي ۾ اعليٰ عهديدار پڻ هو. پارٽي موقف موجب کيس صحت جي خرابي سبب عهدن تان هٽايو ويو آهي. ليڪن اتر ڪوريا ۾ ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان جاري بيان ۾ سندس ڪنهن جانشين جو به ذڪر ناهي ڪيو ويو. ٻئي طرف سيول ۾ يونيفڪيشن ملٽري جي ترجمان چيو آهي ته اهو قدم تمام غير معمولي آهي. ري يونگ هو کي ٽي ورهيه اڳ جونگ ال جي قيادت ۾ فوجي سربراهه بڻايو ويو هو. فوجي سربراهه جي جونگ ال سان گڏ سرڪاري تقريبن ۾ هميشه گڏ نظر ايندو هو. هو انهن ستن اعليٰ سرڪاري عملدارن مان هڪ هو جيڪي موجوده نوجوان حڪمران “ ڪم جونگ ال” سان سندس والد جي جنازي ۾ سرڪاري تدفين جي موقعي تي موجود هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو