Home / پروفائيل / ارشاد گلاباڻي سان گهاريل آخري ڏينهن
above article banner

ارشاد گلاباڻي سان گهاريل آخري ڏينهن

هڪ ڏينهن ٻن پهرن جو مون کي هڪ دوست  فون ڪيو ته پنهنجو ارشاد بيمار آهي،ڇهن هفتن کان بخار اٿس. بخار کي بنهه ڪا اهميت ئي نه پئي ڏنائين ۽ پنهنجي ڪم سان جٽيو رهيو.دوستن جي بي حد اسرار تي ڪجهه چڪاس ڪرائي اٿائين ۽ گڙدي ۾ ڪينسر جو شڪ آهي. پريشاني ٿي.منهنجي ئي ساٿي ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر ۽ اسان ٻنهي جي صلاح سان S i u t ۾ داخل ڪيو. ايڪسري ٿيا،خون جي چڪاس ٿي ۽ طئي ٿيو ته اهو گڙدو ڪڍڻو پوندو.مان اڪثر گلاباڻي سان ملندو رهيس ڪڏهن به چهري تي مايوسي نه ڏٺي.هڪ ڏينهن چيائين ڊاڪٽر منهن ڏبو.ڪنهن به ڪينسر لاءِ گهڙي گهڙي اهم هوندي آهي.لڳي ٿو ته اهو عمل اڃان به ڪجهه وقت اڳ۾ شروع ٿيو هيو.

ڪينسر لاءِ سائنس ٿي ٻڌائي ته خوردبني گهرڙن ۾ اهو عمل جسم ۾ ظاهر ٿيندڙ نشانين کان گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هوندو آهي.تنهن هوندي به جيڪڏهن ان کي عضوي ۾ محدود هجڻ وقت پڪڙ جي ۽ علاج ڪجهه ته اهو قابل علاج مرض آهي ، پر هڪ دفعو اهو جيڪڏهن عضوي مان ٻاهر نڪري وڃي ۽ ٻين عضون کي متاثر ڪري ته پوءِ ان جو علاج مشڪل ٿيو وڃي. پياري دوست ارشاد سان بدقسمتي سان ايئن ٿيو. گڙدي جو ڪينسر جگر ۽ ڦڦڙن ۾ به هليو ويو هيو. گڙدي جي ڪينسر لاءِ اهو ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪينسر وارو گڙدو ڪڍي ڇڏبو ته ڪجهه ماڻهن ۾ ٻاهر پکڙيل ڪينسر ختم ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري گڙدي جي ڪينسر جو علاج ئي فقط آهي گڙدو ڪڍڻ. شفائون ۽ دوائون ته پنهنجو اثر ڪونه ڇڏين. ها، امينو ٿراپي جو ڪجهه نه ڪجهه عمل دخل آهي. جڏهن گڙدي ڪڍڻ کان پوءِ مريض تندرست ٿي وڃي ته اها ڏسي سگهجي ٿي پر ان جا فائدا به ڪي گهڻا ڪونهن.بس “ ٻڏندڙ کي تيلي جو سهارو” چئجي. گلاباڻي مرد مجاهد هيو. همت نه هاريائين. گڙدي جو آپريشن ماهر ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڪيو. گلاباڻي ڪجهه ڏينهن چڱي صحت ۾ رهيو پر آءِ سي يو مان وارڊ ۾ موڪلڻ جي قابل نه هيو. جگر ڪم ڪو نه پئي ڪيو،تنهن ڪري لمحيات(Proteins) جسم ۾ نه پئي ٺهيون،جسم تي سوڄ هئي،ڦڦڙن ۾ به ڪينسر هيو، تنهن  ڪري ساهه کڻڻ ۾ به مشڪل پئي ٿيس. ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي وسان نه گهٽايو. مان روز ملڻ ۽ ڏسڻ ويندو هيس. هڪ ڏينهن ٻارن  لاءِ پڇيو مانس ته مليو آهين. چيائين منهنجو آخري پٽ سڪيلڌو آهي ان جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي، ان ۾ منهنجو ساهه آهي. چيو مانس گهرائينس ته توسان ملرايون: چيائين ڊاڪٽر اسپتالن ۾ ننڍن ٻارن کي اجازت نه هوندي آهي، تنهن ڪري قانون کي نه ٽوڙبو، ٺيڪ ٿي ملندس.گلاباڻي جي صحت آخري ٻه ڏينهن وڌيڪ خراب ٿي. ساهه نه پئي کنيو ويس. ٻئي گڙدي به ڪم ڇڏي ڏنو. سائنس جي زبان ۾ ان  کي ملٽي ارگن فليئر چئبو آهي.جگر ۽ ڦڦڙ اڳ ئي متاثر هيا. هڪ گڙدو نڪري چڪو، ٻئي گڙدي ڪم ڇڏي ڏنو. دل وارو يار دل جي آسري تي جيئرو هيو.ارشاد کي ساهه کڻڻ واري مشين تي رکيو ويو.ڊائلسز ڪئي وئي، جتن ڪيا ويا پر زندگي وفا نه ڪئي. آخري ڏينهن وڏو پٽ آيو جيڪو ملڻ وقت جنهن نموني سخت پريشان هيو ۽ ان کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. ابي جي حالت ان کي چڪرائي وڌو.معصوم پيءُ جا پير ڇهيا، ڳل ڇهيا، دعا پڙهي ۽ روئي پيو.منهنجو هينئو به جهري پيو،گلاباڻي دوست جو هيو.گلاباڻي جو بي وقت موت ڪافي ڏکوئيندڙ آهي، خاص ڪري معاشري ۾ سگهارو رجحان رکندڙ ماڻهو جو موت وڏو مقصان آهي. اهو اسان لاءِ هڪ سبق به ڇڏي ويو ته موت سان مهاڏو اٽڪائي بي خوف ٿي اکيون اکين ۾ وجهي مرجي. ٻيو ڊاڪٽري جو حوالي سان ته ڪنهن به مرض کي هڪدم پڪڙ جي ۽ ان جو علاج ڪرائجي.6 هفتا وڏو وقت هوندو آهي. ٽيون اسان جو طبي سرشتو اهڙو مفيد ڪونهي جو ماڻهو ٿوري ٿوري تڪليف لاءِ ڊاڪٽر وٽ وڃي ان ۾ به مشڪلاتون آهن.چڱي ڊاڪٽر جو ملڻ، مفت علاج ۽ ايمانداري سان مرض جي چڪاس ۽ علاج اهي به ڏاڍا منجهائيندڙ مرحلا آهن.مونکي خبر ڪونهي ته گلاباڻي سان ڪهڙي مشڪل هئي جو هن ايترا ڏينهن مرض کي کليو ڇڏيو.اسان وٽ سرڪاري يا نجي نوڪرين ۾ هيلٿ انشورنس جو ڪو سرشتو ڪونهي ته جيئن ماڻهو ڪنهن اسپتال ۾ لنگهي وڃي ته ان جو هڪدم مفت علاج ٿئي.

گلاباڻي ايماندار ماڻهو هيو. نجي اسپتالن جو علاج ڏاڍو مهانگو آهي. هرڪو ڪونه ٿو برداشت ڪري سگهي. مون هڪ ڏينهن گلاباڻي کان پڇيو ته جتي ڪم ڪندو آهين اتان ڪا واهر ٿي اٿئي جو اب ڏنائين هابس ڪاغذي ڪارروائي جي حد تائين. دنيا سڄي ۾ صحت جي انشورنس جو سرشتو رائج آهي، ادارا پنهنجي ملازمن جي انشورنس ڪرائندا آهي ۽ انهن جو علاج ان انشورنس مان ٿيندو آهي. اهو به هڪ طريقو آهي. ٻيو طريقو آهي سرڪاري اسپتالن کي سگهارو بڻائڻ جو ۽ اتي مفت علاج مهيا ڪرڻ جو.S i u t به هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو سرڪار ۽ سرندي وارن جي شراڪت سان مفت علاج مهيا ڪري ٿو. هڪ دفعو مريض هتي داخل ٿئي ڪروڙن جو علاج به هي ادارو مهيا ڪندو. دوست گلاباڻي جيڪڏهن شروع ۾ ئي هن اداري جو رخ ڪري ها ته شايد ايتري دير نه لڳي ها. پر ڇا ڪجي زندگي بي وفا ۽ بي رحم آهي. معاشرا جيڪي پنهنجي ماڻهن جي صحت جو خيال رکندا آهن انهن جو قدر ڪندا آهن انهن جا ماڻهو صحتمند به رهندا آهن ۽ وڏي عمر به جئيندا آهن. يورپ ۾ عورتن جي سراسري عمر 80 سال آهي. مان هڪ ڏينهن پيرس جي اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيو هيس ته هڪ نوجوان اتي آيو ۽ چيائين ته مون اڄ اچانڪ اهو محسوس ڪيو آهي ته منهنجي پيشاب جو رنگ تبديل ٿي ويو آهي.فرينچ ڊاڪٽر ان جا سڀ ٽيسٽ ڪرايا، خون، پيشاب ۽ الٽراسائونڊ، ان ۾ ڪجهه به خرابي نه هئي،تنهن هوندي به ان کي چيائين ته تون وري اسان جي اوپي ڊي ۾ اچجان اسين وڌيڪ چڪاس ڪنداسون. چوڻ  جو مقصد آهي ته هي نوجوان ان ڪري هڪدم اسپتال پهتو ڇاڪاڻ ته خبر هيس ته سڀ ڪجهه مفت آهي ۽ ڊاڪٽر ايمانداري سان منهنجي چڪاس ڪندو ۽ هڪدم ڪندو، رکڻو ڪونهي ، ڏوڪڙ ڪونه پڇيا ويندا.جيڪڏهن اسان کي پنهنجي عوام کي پنهنجي ماڻهن کي تندرست ڏسڻو آهي ته اهڙو ئي ڪو سرشتو قائم ڪرڻو پوندو ادارن کي پنهنجي ورڪرز جي صحت پاليسي ڪرائڻي پوندي، انهن جو مفت علاج ڪرائڻو پوندو تڏهن وڃي ماڻهن جون حياتيون بچنديون.چڱا ادارا،چڱا ليڊر ۽ چڱا حڪمران پنهنجي ورڪرز جي واهر ڪندا آهن. هڪ ڏينهن ارشاد ڪجهه دوستن کي گهرايو ۽ چيو ته لڳي ٿو ته منهنجا ڏينهن پورا آهن.منهنجي ٻارن جي سنڀال ڪجو، انهن جو خيال رکجو. ارشاد جو ادارو ۽ سرڪار ملي ڪري گلاباڻي جي ٻارن جي واهر ڪن، انهن جي تعليم جو بندوبست ڪن،پينشن جو سلسلو ڪن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار کهڙو صاحب گلاباڻي کي ڏسڻ آيو هيو، هاڻ اميد ته حڪومت ۾ هوندي هو ڪو ٻوٽو ٻاريندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو