Home / افيئر / استاد فتح علي خان سان مٺي ۾ هڪ رات
above article banner

استاد فتح علي خان سان مٺي ۾ هڪ رات

راڳ ويراڳ سان چاهت اسان جي رت ۾ شامل آهي -ابن ڏاڏن کان موسيقي اسان جي ٻڌڻ جي حد تائين ميراث رهي آهي. اهو جينٽڪ انجينئرنگ جو سبب آهي پر اهو ڏاڍو سٺو سنوڻ آهي.مون کي ڄمندي سُر جي ستي پيل آهي سابه ڪلاسيڪل موسيقي سان رعتبت انتهائي رهي آهي.سٺن ڳوٺن ۽ خانصاحبن جو راڳ ٻڌڻ لاءِ وڏا جتن ڪياسين- تازو صادق فقير مٺي مان فون ڪئي ته 29 جون تي خانصاحب فتح علي خان سان مٺيءَ ۾ رهاڻ رکي اٿئون. وري پياري انسان ارباب احسان الله سِڪ مان سڌ ڏني ته اسان راڳ جي سنجيده ٻڌندڙن کي مٺيءَ ۾ سڏي استاد فتح علي خان جو راڳ ٻڌڻ لاءِ گڏ ڪيو آهي.مون چيو طبيعت خراب هوندي به ضرور پهچبو.


مون کي مٺي وڃڻ جو پهريون موقعو هو.اسان شام 6 بجي وياسين ،ارباب احسان سان ملاقات ٿي خبر پئي ته استاد فتح علي خان سويل پهچي چڪو آهي، آرام پيو ڪري.اسان چيو مٺي شهر جو ديدار ڪجي،رجب فقير ٿر جو خوبصورت فنڪار ساڻ کنيوسين.گڊي ڀٽ  پهتاسين ته ڏاڍو عجيب منظر هجي،مون سان ممتاز خاصخيلي،اياز امر شيخ ۽ ننڍڙو علي محمد ساٿ ۾ هئا.گڊي ڀٽ تمام مٿي آهي،شام جو ڀٽ تان مٺي شهر تمام هيٺ ۽ اوچين ڀٽن جي گهيري ۾ ڄڻ ڪٽوري وانگر آهي.خوبصورت منظر وري سج لهڻ مهل ته مٺيءَ جي لائيٽنگ تمام وڻندڙ ڏيک ڏئي رهي هئي.ڀٽ تي ريسٽ هائوس ۽ روڊ پارڪ جي اڏاوت گڊيءَ کي هيڪاري خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي.شام جو نوجوان ۽ ڪافي باذوق ماڻهو وندر لاءِ اچي خوشي محسوس ڪن ٿا.اسان جي دوستن ڪافي فوٽو گرافي ڪئي، خاص ڪري ننڍڙي علي محمد ته پنهنجي مهارت سان سڄا منظر قيد ڪري ورتا ۽ وٺ وٺان ۾ هجي.

موسيقي محفل واري هنڌ تي پهتاسين ته ڏاڍي سٺي سيٽنگ ٿيل هجي،ڄڻ بادشاهي دربار جي محفل هجي.فرشي نشت هئي –تمام وسيع آڳند تي گلم وڇايل ان تي وڏا طول  رکيل، هرڪو آرام سان ٽيڪ ڏئي ،ويهي ٻڌي سگهي.اڃا ويٺاسين ته استاد فتح علي خان پهچي ويو ڏاڍي حب سان مليو .مون کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪيائين- واهه سائين احسان صاحب توهان ته درس صاحب کي به گهرائي ورتو،بابا هاڻي ته مزو اچي ويو. بهرحال ماني کائي اسٽيج تي فقير قادر بخش مائيڪ سنڀاليو،تمام ڀلا شعر پڙهيا-محفل ۾ تقرير بازي کي رد ڪندي صرف استاد جي آجياڻي،اجرڪ ،ٿري لوئي ۽ سنڌي ٽوپي جون سوکڙيون وڏي تعداد ۾ استاد فتح علي خان کي ڏنيون ويون.

ارباب احسان الله تمام قرب مان استاد جي آجيان ڪئي ۽ پوءِ مون کي سڏيو ويو. مون مختصر نموني استاد فتح علي خان لاءِ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري کيس خراج پيش ڪيو.ايئن محفل جي ابتدا ٿي.تمام ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي ۽ مٺي شهر ۾ دنيا جو عظيم گائيڪ استاد فتح علي خان ( ايمن ) جي ڇيڙ شروع ڪئي-سڀ ٻڌندڙ سندس سُرن جي سحر ۾ گم ٿي ويا. ٻيو ڪو به آواز نه هو.استان (ايمن ) ۾ اهڙو ته مهارت ۽ فني معيار جو ڳائڻ سڀني جون دليون جهومڻ لڳيون.خيال بي مثال تان عجيب انداز ۽ انهن تائين جي تشريح به ڪندو هلي، وري ترانو به اهڙو جو سڀ دنگ رهجي ويا.مون  ته اڳ ايمن ايئن ڪڏهن نه ٻڌو –فتح علي خان ايڏا ڪلاسيڪل رنگ رکيا جو تمام سريلا ويٺل فنڪار صادق فقير، رفيق فقير ۽ رجب فقير سڀ سُن لڳا پيا هئا. تمام وڏو داد استاد جي دل بهار ڪري ڇڏي- استاد فتح علي خان  رات جي روح ۾ سُرن جا ڏيئا روشن ڪندو رهيو.

محفل ۾ سڀ سُريلا ماڻهو ويٺا هئا. اڳواٽ اعلان ڪيو ويو هو ته استاد کان ڪو به فرمائش نه ڪندو.استاد پنهنجي مزاج ۽ مرضي موجب جيڪي وڻي سو ڳائي پر يار ڪٿي ٿا رهي سگهن. هڪ همراهه ڊاڪٽر نواز استاد کي داد ڏيڻ وقت هڪ چٺي اڳيان رکي ويو. استاد فتح علي خان چيو “ بابا هڪ فرمائش پهتي آهي،راڳ گوري جي ٺيڪ ٻڌايون ٿا” مون کي ته گوري ٻڌڻ جو پهريون  موقعو مليو،استاد ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو-رفيق مون کي ٻڌايو ته راڳ گوري سان واهه جو انصاف ڪيو اٿن.محفل چوٽ سٺي هجي ته استاد فتح علي ميگهه جا سُر چيڙيا. ٿر ۾ ميگهه ته دلين تي راڄ ڪندو آهي. ٿري راڳين کي مون چيو“ اوهان به ميگهه ڳايو ٿا پر اڄ ٻڌو ميگهه ڪيئن ڳائبو آهي؟”

ميگهه ۾ استاد فتح علي تمام نازڪ مرحلا ۽ تمام خوبصورت تجربا- آلاپ ڄڻ ته اجهو ڪڪر ڪارو نڀار ڪري اجهو وسڻ لاءِ ويس ڪري رهيا هجن. بس من جي دنيا تي پلر جي پالوٽ ٿي چڪي، استاد اهڙا تانَ هنيا جو سڄي محفل جون دليون ميگهه جي سحر ۾ جهومي پيون واهه واهه جا مينهن وسي پيا.

استاد کي به اهڙو مزو آيو جو وري غزل جو دور شروع ٿي ويو، هڙا غزل جو جادو ڇانئجي ويو. نيٺ مون کان رهيو نه ٿيو چيم “ استاد خانصاحب اميد علي خان جو هڪ ايٽم( مينون تيري جيها سهڻا اور لبدا نهين) جي مهرباني ٿئي” استاد فتح علي خان فرمايو “ درس صاحب استاد اميد علي خان جي انهي خوبصورت سٺي کي پنجاب جي هڪ گوئي وري قوالي ڪري ڳايو آهي ” ان ڳالهه ۾ استاد جو احتجاج ۽ ڪاوڙ ظاهر هئي. استاد جڏهن ساڳيو ايٽم ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ڄڻ ٻڌڻندڙن تي وڄ ڪري پئي. استاد ڏاڍي ڪومل سُرن ۾ هي ڪلام ٻڌائي ڏاڍو متاثر ڪيو.

محفل کان پهرين استاد فتح علي خان سان ڪافي ڪچهري ٿي،ان  ۾ مون پي ٽي وي جي محفل ۾ ڳايل (درگا) جو ذڪر ڪيو هو- تمام نڪورڌن ۽ مختصر وقت ۾ استاد (درگا) ٻڌائي هئي- ڳالهه ياد هيس ۽ مون کي متوجه ڪندي درگا ٻڌائڻ لڳو، ڇا بيان ڪجي؟ درگا ۽ استاد فتح علي خان جا سُر اصل دل اڌما ڏيڻ لڳي. اصل راڳ جو حق ادا ڪري ڇڏيائين. استاد فتح علي خان رات اڍائي بجي تائين ڳائيندو رهيو.صدين جون اڃا يل دليون سيراب ڪندو رهيو.مون لاءِ هي محفل هڪ انمول تحفو آهي.ڏاڍي ياد رهندي ۽ محفل کان اڳي استاد فتح علي خان سان ڪچهري به خوب ٿي-ڏاڍو موڊ هجي “ يار مون کي سڄي دنيا ۾ ڳائڻ جا موقعا مليا ،وڏا راڳ جا مقابلا ٿيا پر سچ ٻڌايان ته مون کي سنڌ ۾ ڳائڻ جو جيڪو مزو ايندو آهي اهو ٻي هنڌ نه آيو، سنڌ ۾ جيڪو اسان کي پيار مليو-عزت ملي ايترو ته اثر آهي جو مون کي آمريڪا رهڻ لاءِ چيو ويو ، وڏي آفر به هئي پر مون چيو بابا مان سنڌ کان پري رهي نٿو سگهان- سنڌ ۾ اهڙي ڪا ڪشش آهي بس ڇا بيان ڪجي؟”

اهيا استاد فتح علي خان جي وڏ ماڻهپي آهي هو نالي جي پٺيان (حيدر آبادي) ڄاڻائيندو آهي. دنيا ۾ ڳائڻ جا واقعا ٻڌائيندي دلچسپ ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو.

چئي پيو: روس ۽ تاشقند ۾ 148 ملڪن جي ڪلاسيڪل راڳين جو عالمي مقابلو هجي،پاڪستان مان آئون اڪيلو هجان وقت تمام گهٽ مليو صرف 25 منٽ مون وس سارو ڳايو.سڄي دنيا جا سمجهدار ماڻهو ويٺا هجن،انڊيا جا 50 کن راڳي هجن،اسان جي پاڪستاني سفير چئي بابا سياسي مسئلا به آهن پاڻ کي انعام  ملڻ جو سوال ئي  پيدا نٿو ٿئي. مختلف حال هجن، هر هنڌ راڳ  پيو هلي دنيا جي  سطح جا جج هجن، سڄي رات پاڪستاني سفارت خاني ۾ محفل رکيل هجي- اتي اعلان ٻڌو سين ته پهريون انعام پاڪستان کي مليو آهي- بس مولا جا ڪرم عزت رهجي آئي.لنڊن ۾ منهنجو سئوٽ ڊاڪٽر شميم رهي ٿو-انڊيا جو تمام وڏو وديالا سينٽر آهي، اتي هندستان جي گويي جي ذات هجي مون کي به دعوت هجي،ڊاڪٽر شميم چئي اهڙو راڳ ٻڌاءِ جو ڪڏهن ڪنهن نه ڳايو هجي.مون چيو بابا وڏا وڏا گائيڪ ويٺا آهن ڪو هلڪو ڦلڪو ايٽم ٻڌائي جان ڇڏايون-چئي نه بابا شيءَ اهڙي ٻڌاءَ جو ياد رهي مون امير خسرو جي هڪ شيءَ راڳ ( ساز گيري) ٻڌائي مون پنهنجو ڳائڻ نه وڻندو آهي پر ان ڏينهن اهڙو مزو اچي ويو جو اڍائي ڪلاڪ ڳائيندو رهيس پوءِ ته ان خوبصورت هال ۾ رڳو واهه واهه  تاڙيون هجن.ان سينٽر جي ڊائريڪٽر جنرل اعلان ڪيو ته استاد فتح علي خان اڄ تو اهڙو ڳايو آهي هو هن هال جي سِرسِر مان آلاپ گونجدا ۽ محفل اڄ اتي ئي دنگ ٿا ڪيون.

استاد فتح علي خان وٽ جيڪو علم آهي ۽ڄاڻ آهي ان جي معيار جو ڪو جواب ناهي.سنڌ جو سڀاڳ آهي جو ايڏو وڏو گائيڪ اسان جي پلئه پيو آهي.شل وڏي حياتي ماڻي –اسان لاءِ وڏي وت ۽ اثاثو آهي. هي محفل زندگي ياد رهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو