Home / افيئر / اسرائيل، ايراني سفارتڪار اغوا ڪرڻ ۾ ملوث
above article banner

اسرائيل، ايراني سفارتڪار اغوا ڪرڻ ۾ ملوث

ايران جي پرڏيهي وزير علي اڪبر صالحي لبنان ۾ ٽيهه ورهيه اڳ اغوا ٿيندڙ ايراني سفارتڪار جي حوالي سان چيو آهي ته اغوا ٿيندڙ سفارتڪارن بابت اسرائيل جي ڪردار ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي آهي. ڇو ته ڪيترين ئي رپورٽن مان اهي اشارا ملن ٿا ته اسرائيل جا انهن سفارتڪارن کي اغوا ڪندڙن سان ويجها لاڳاپا آهن. ايران مذڪوره اغوا ٿيل سفارتڪارن جي آزادي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري کان “فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي” ٺاهڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. 4 جولاءِ 1982ع تي سڍ محسن موسوي احمد متو سليان، نفي رسنگار مقدم ۽ ڪاظم اخوان کي لبنان ۾ اسرائيل سان لاڳاپيل باغين اغوا ڪري ورتو هو. گهڻو پوءِ کين لبنان جي علائقي جو نير ۾ منتقل ڪري اتان کان اسرائيل منتقل ڪيو ويو هو. انهن اغوا ٿيل سفارتڪارن بابت آخري ڀيرو شاهديون 2008 ۾ سامهون آيون ته اهي اڃا تائين جيئرا آهن ۽ اسرائيل جي قبضي ۾ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو