Home / افيئر / ا مڪاني ماهه ٻوڏ جو خطرو بدين کي هر حالت ۾ ٻوڙائي تباهه ڪرائڻ جا سانباها
above article banner

ا مڪاني ماهه ٻوڏ جو خطرو بدين کي هر حالت ۾ ٻوڙائي تباهه ڪرائڻ جا سانباها

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ هن اسان جي پياري پاڪستان جي قيام بعد سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان جيڪي ويل وهايا ويا، سندن حقن تي ڌاڙا هڻي سنڌ جي پاڻي، زمين، تيل ۽ گئس سميت سمورن وسيلن تي قبضا ڪري ڌارين ڌاڙيلن

هٿان ٿيل ڦرلٽ ۽ بر بريت جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.افسوس جي  ڳالهه اها آهي ته سنڌ کي لٽي ڦري تباهه ڪندڙ انهن وردي واري ۽ بنا وردي وارن سان گڏ اسان جا پنهنجا ڪي چنيسر، ڄام فيروز ۽ نائون مل پڻ گڏ ۽ ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهن.ون يونٽ جي ٺهڻ کان وٺي ذوالفقار آباد جي رٿا تائين اهو سلسلو جاري آهي. تڏهن ته سنڌ جي انقلابي شاعر منشي ابراهيم لکيو : مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾. ٿي واٽ ڏسيائون ويرن کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾. سنڌ سان جيڪي قهر ۽ ڪربلائون ڪيون ويون انهن ۾ آمرجنرل ضياءُ الحق جي ظالماڻي مارشل لائي راڄ ۾ 1984 ڌاري ايل بي او ڊي جو جيڪو موتمار ميگاپراجيڪٽ واپڊا وارن جوڙيو جنهن جي فنڊنگ ورلڊ بئنڪ ڪئي. ان پراجيڪٽ جا گهڻا نگران ڪنسلٽنٽ پڻ ورلڊ بئنڪ جا هئا، جن ۾ پرڏيهي گورن کانسواءِ جيڪي ڏيهي ماهر انجنيئر هئا انهن ۾ سنڌي پڻ شامل هئا.ساڳي طرح واپڊا ۽ آبپاشي کاتن جي اهلڪارن ۾ اهي سنڌي انجنيئر پڻ شامل هئا جن ان خونخوار پراجيڪٽ ۾ لکن ڪروڙن جا ڌاڙا هنيا بعد ۾ ان پراجيڪٽ جي مڪمل ناڪامي ۽ تباهي بعد اهي ساڳيا سنڌي ماهر انجنيئر ايل بي او ڊي کي لاڙ ۽ سنڌ لاءِ ميگا ڊزاسٽر سڏڻ لڳا.

ايل بي او ڊي جي هن هاڃيڪار پراجيڪٽ جا پيرا جيتوڻيڪ سٺ واري ڏهاڪي تائين هڪ ٻي فوجي آمر جنرل ايوب خان تائين وڃن ٿا پر 1974ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي دور حڪومت ۾ ايل بي او ڊي جي فزيبلٽي رپورٽ ۽ پي سي ون پڻ ٺهي ويئي هئي پر ورلڊبئنڪ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ان رٿا تي ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ عمل ٿي نه سگهيو.

وقت جو ستم ته ڏسو.1974ع ۾ آبادگار اڳواڻ سيد قمرالزمان شاهه، ايل بي او ڊي منصوبي جو حمايتي هو.بعد جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾جڏهن ايل بي او ڊي جي سم نالن جي کاٽي جو باقائده جڏهن ڪم شروع ٿيوتڏهن سيد قمرالزمان شاهه کڻي نالي ماتر ان جي مخالفت ڪئي پر ايوان زراعت جهڙي سنڌ جي آبادگارن جي تنظيم جواڳواڻ هئڻ جي باوجود ايل بي او ڊي جي تعميرروڪڻ لاءِ ڪا  ڀرپور مزاحمتي تحريڪ هلائي نه سگهيو.ڪن ڄاڻو ماڻهن جو چوڻ آهي ته سيد قمرالزامان ۽ پاڻي ماهر ادريس راجپوت انهن ماڻهن ۾ شامل آهن جن کي رٿا جي غلط ۽ هاڃيڪار ڊزائين جي فزيبلٽي رپورٽ جي ٺهڻ وقت ئي خبر هئي ته جيڪڏهن ٽائيڊل لنڪ ڊرين رستي ايل بي او ڊي جو پاڻي سمنڊ ۾ غير فطري ڇوڙ ڪيو ويو ته سمنڊ ڪجهه ئي  سالن ۾ بدين ضلعي کي ڳڙڪائي ويندو. ڇاڪاڻ ته ٽائيڊل لنڪ ڊرين وسيلي سمنڊ کي بدين طرف اڳتي اچڻ جو هڪ بهترين هٿرادو ٺهيل رستو ملي ويندو . واپڊا جي انجنيئر نقشي کي ڏسندي ئي ڳاڙهي ( منڌيئڙي) جو نشان لڳائي ڇڏيو هو جنهن جو مقصد هو ته بدين ضلعي کي سمنڊ ٽائيڊل لنڪ ڊرين رستي ڳڙڪائي ويندو.

اها 80 واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن ايل بي او ڊي ميگاپراجيڪٽ جي ٽائيڊل لنڪ ڊرين رستي ڇوڙ واري فزيبلٽي رپورٽ جڙي رهي هئي جيڪا رپورٽ هڪ پرڏيهي ڪنسلٽنٽ ڪمپني ڊونالڊ تيار ڪئي هئي. با خبرڄاڻو ذريعن “افيئر” کي اهو پڻ ٻڌايو ته ان وقت واپڊا ۽ پاڻي کاتي سنڌ جي اعليٰ اهلڪارن جن ۾ اڪثريت سنڌي ڪامورن جي هئي کي شروع سان ئي اها خبر هئي ته ايل بي او ڊي جي اها رٿا جلد ناڪام ٿي ڏاکڻي سنڌ ۾ تباهي مچائيندي. پوءِ به  انهن بي رحم پيٽ پرست سنڌي ڪامورن کي بدين جي لکين معصوم ماڻهن تي ڪابه ڪهل نه آئي. انهن ڪرپشن وسيلي ڪروڙين روپيا ڪمائي بدين ضلعي کي قربان ڪري ڇڏيو.

ڄاڻو ذريعن اهو پڻ ٻڌايو ته بدين سان ترقي جي نالي ۾ ٿيندڙ اهڙي امڪاني قهر کان ان وقت جيتوڻيڪ بدين جا لکين ماڻهو بي خبر هئا پر بدين ضلعي سان واسطو رکندڙ هڪ ماڻهو سيد علي مير شاهه جيڪو پڻ آبادگارن جي هڪ تنظيم سنڌآبادگاربورڊ جو باني صدر ۽ پاڻي ماهر هو، جيڪو بعد ۾ آمر جنرل پر ويز مشرف جي دور حڪومت ۾ سنڌ جو آبپاشي وزير پڻ بڻيو. علي مير شاهه پنهنجي وزارت واري دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جو حمايتي بڻجي واپڊا جي چيئرمين جنرل ذوالفقار  کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت حاصل ڪرائڻ لاءِ بدين جي دوري تي پڻ وٺي آيو.ان وقت  واپڊا جي چيئرمين جي بدين شهر ۾ پهچڻ تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مرحوم سائين حڪيم هاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ بدين جي بهادر ڀيڻن اهڙو ته بڇڙو استقبال ڪيو جو واپڊا جو چيئرمين ۽ علي مير شاهه ڪنهن ملاقات ۽ خطاب ڪرڻ جي سرڪٽ هائوس بدين مان پوليس جي وڏن اٽالن جي پهري ۾ پڇ ٽارو ڪري ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا. اهو علي ميرشاهه پڻ سيد قمرزمان شاهه ۽ ادريس راجپوت وغيره جيان ايل بي او ڊي رٿا جي جڙڻ وقت ئي باخبر هو ته بدين ضلعو سمنڊ هيٺ اچي ويندو.افسوس ته سڀ ڄاڻڻ جي باوجود به اهي سڀئي سنڌ جا ڪامورا ۽ پاڻي ماهر خاموش رهيا.انهن بدين واسين کي آخر تائين اهو نه ٻڌايو ته ايل بي او ڊي جي هن ڀيانڪ رٿا سان بدين ضلعي جو وجود ئي مٽجي ويندو.

ساڳي طرح سان ايل بي او ڊي ۽ ان جي ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي ماحولياتي ۽ معاشي فائدن تي اڀياس ڪرائي انهن رپورٽن جا ڪتاب سنڌي ٽيڪنوڪريٽس کان لکرايا ويا جن سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ اداري سنڌ اسٽڊي سينٽر مان لکين روپيا وٺي بنا ڪنهن سائيٽ ڏسڻ جي ڪوڙن اڀياسن وارين رپورٽن جا ڪوڙا ڪتاب پڻ لکي ڏنا، جن مان ڪي سنڌي ماهر ايل بي او ڊي جو اوجهه ڦاٽڻ بعد قلابازي کائي ان کي بدين ۽ لاڙ جي ماڻهن لاءِ ڊيٿ وارنٽ سڌڻ لڳا.ستم ظريفي ته ڏسو ايل بي او ڊي جو منصوبو آمر جنرل ضياءُ الحق شروع ڪيو ۽ اهو 1995ع پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ مڪمل ٿيو ۽ اپڊا وارن اهڙي قاتل منصوبي جو افتتاح وري فيبروري 1996ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم شهيد محترمه بيبظير ڀٽو کان بي خبري ۾ ڪرايو. ان ڏس ۾ اها ڳالهه ڪيڏي نه افسوس ناڪ آهي ته تباهي آڻيندڙ غير فطري طورتي سمنڊ سان ڳنڍيل 42 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽائيڊل لنڪ ڊرين جي تعمير تي آيل لاڳت جا اٽڪل هڪ ارب رپيا سنڌ حڪومت جي خزاني مان خرچ ڪيا ويا. ايل بي او ڊي جي پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ اهو اجگر خوني سم نالو ٽائيڊل لنڪ ڊرين، فقط ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ خوفناڪ سامونڊي ويرن جي سٽ نه سهي 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان کان هڪ سال اڳ جون 1998ع ۾ مڪمل طور تباهه ٿي واش آئوٽ ٿي ويو،جنهن سان گڏ هن ميگا پراجيڪٽ ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ 1800 فوٽ ڊگهو فولادي اسٽريڪچر چولري ويئر پڻ سامونڊي ويرن ۾ ڳڀا ڳڀا ٿي لهرن ۾ لڙهي ويو. جنهن سان هي سڄو ميگاپراجيڪٽ مڪمل طورتي ناڪام ۽ تباهه ٿي ويو.بعد ۾ ان ٽائيڊل لنڪ ڊرين جو پيٽ 2 کان ٽي ڪلوميٽرن تائين ويڪرو ۽ سوين فوٽ اونهو ٿي ويو. اهوئي ڪارڻ آهي ته 1999ع جي خوفناڪ سامونڊي طوفان ۽ 2003ع جي ڀيانڪ ٻوڏ ۾ مست سمنڊ ان سم نالي جو گس وٺي بدين ضلعي تي ڪاهي آيو ۽ 2003ع جي ٻوڏ ۾ سمنڊ جو پاڻي وڃي بدين جي شهر جو دنگ ڪيو. 2011ع جي مها ٻوڏ ۾ بدين ضلعو ته غرق آب ٿي ويو پر ان سان گڏ سڄي ڏاکڻي سنڌ ٻڏي تباهه ٿي ويئي. هاڻ  وري سانوڻي برساتون شروع ٿي ويون آهن. هن سال 2012ع ۾ پڻ هڪ وڌيڪ مها ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي جيڪا امڪاني ٻوڏ ايل بي او ڊي وگهي بدين ضلعي ۾ چوٿين مها آفت هوندي جيڪا ان ڪري وڌيڪ خطرناڪ هوندي جو هن وقت ايل بي او ڊي، جي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ جا سڀئي رستا مڪمل طور تي بند آهن. جون 1998ع ۾ تباهه ٿيل ٽائيڊل لنڪ ڊرين اڃا تائين ساڳي خونخوار حالت ۾ هزارين ڪيوسڪ سامونڊي پاڻي سان تار ٿي هڪ درياء جي شڪل ۾ ابتو بدين جي انساني ۽ زرعي آبادي طرف وهي اچي سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه روپا ماڙي لڳ ڇوليون هڻي رهيو آهي. شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ايل بي او  ڊي سم نالي جو ڪوري ڪريڪ رستي سمنڊ ۾ پاڻي جي نيڪال واري قديمي درياهه پراڻ جي قدرتي رستي کي ڀارت حڪومت بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هن ڀيري آبڪلاڻي ۾ صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي.جيئن ته بدين جي تاريخي ضلعي کي ملڪ جي فوجي ۽ غير فوجي حڪمرانن قرباني جو ٻڪرو بڻائي ايل بي او ڊي جي ست سسي خوني راڪاس وگهي اهڙي بي دردي سان موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جو هاڻي ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سال جيڪڏهن گهڻي نه پر وچولي برسات ۾ به بدين ضلعو مڪمل طورتي ٻڏي تباهه ٿي ويندو،ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ٽائيڊل لنڪ ڊرين وسيلي سمنڊ جو پاڻي بدين کي ٻوڙيندو ته ٻئي طرف هن وقت جا ملڪي حڪمران ۽ آبپاشي کاتي وارا مٿين اٽڪل پنجن ضلعن نواب شاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊوالهيار جي برساتن جو اٽڪل 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي اسپائينل ڊرين،ايم ايم ڊرين،۽ پراڻ ڍوري وسيلي بدين ضلعي جي حدن ڏانهن ڇوڙ ڪرائڻ وارن هاڃيڪار منصوبن تي بنهه ناڪارا ۽ غير معياري ڪم ڪرائي اربين روپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن.

بدين جي ٻوڏ متاثر لکين ماڻهن جي سخت اعتراض ۽ مزاحمت جي باوجود سيڊا ۽ آبپاشي کاتن جا راشي اهلڪار، بااثر سياسي ڌرين جي دٻاءَ تي بدين کي ٻوڙي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ اهو ڄاڻندي به اٽڪل 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي بدين ڏانهن ڇوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ايل بي او ڊي جي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ جا ٻئي ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڊي پي او ڊي وارا رستا بند ٿيل آهن ته پوءِ اهو مٿين ضلعن جي برساتن  وارو اٽڪل 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي بدين ضلعي کي نه ٻوڙيندو ته آخر اهو پاڻي ڪيڏانهن  ويندو؟. بدين جو بدنصيب لاوارث ضلعو جيڪو ايل بي او ڊي جي آفت سبب جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ اچي گذريل اٽڪل 20 سالن کان پيڙجي رهيو آهي،جنهن کي بچائڻ لاءِ موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن هيل تائين ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي. فقط بدين جا تباهه ٿيل ماڻهو هرطرف کان دانهون ڪري رهيا آهن. بدين جي آبادگارن ۽ لکين ٻوڏ متاثرن جو اهو حقيقت پسنداڻو اصولي موقف رهيو آهي ته ايل بي او ڊي جي مڪمل ناڪامي ۽ تباهي بعد جڏهن بدين جي پنهنجي برساتي ٻوڏن جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال نٿو ٿي سگهي ۽ هر سال برساتن ۾ هي ضلعو ٻڏي ٿو،سمنڊ بي دردي سان ضلعي کي ڳڙڪائي رهيو آهي، ته مٿين ضلعن جو ايترو پاڻي آخر ڪهڙي طرح سان بدين کي ٻوڙڻ لاءِ ڇوڙيو پيو وڃي ؟ مٿين ضلعن جي پاڻي کي بدين ڏانهن ڇوڙڻ لاءِ سيڊا آبپاشي جا سرڪاري ڪامورا ۽ ڪي نام نهاد پاڻي ماهر۽ هٿ ٺوڪيا انجنيئر ۽ ٽيڪنوڪريٽڪ جيڪي اهڙن هاڃيڪار غلط منصوبن ۾ ڪروڙين روپين جا ڌاڙا هڻن ٿا، اهي چون ٿا ته صدين کان سنڌو درياهه جي ڏاکڻي پاسي جي قديم درياهه پراڻ ۽ هاڪڙي سميت پاڻي جو قدرتي ڇوڙ بدين وٽان ئي آهي ته پوءِ مٿين ضلعي جي ٻوڏ واري پاڻي کي بدين وٽان ڇونه ڇوڙيو وڃي؟ مٿين ماڻهن جو اهو موقف ڪيڏو نه ظالماڻو آهي ؟ ڇا بدين جي ماڻهن جو اهوئي ڏوهه آهي ته انهن جو ضلعو پوڇڙي ۾ آهي،جنهن ڪري سندن ٻڏڻ لازمي آهي. اهو ڪٿي جو قانون آهي ته هڪڙن ملڪن ،صوبن ۽ ضلعن کي بچائڻ لاءِ ٻين ملڪن، صوبن ۽ ضلعن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڪٺو وڃي،؟

بابا جڏهن زميني حقيقت اها آهي جيڪا اسين مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته علائقي جي جاگرافي تبديل ٿي وئي آهي.پراڻ ۽ هاڪڙي جي قديم دريائن جي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ جا قدرتي رستا بند ٿي ويا آهن.شڪور ڍنڍ جو وڏو حصو پاڙيسري ملڪ ڀارت جي سرحدي حدن ۾ اچي ويو آهي جتان سمنڊ ڏانهن پاڻي نيڪال واري رستي کي انڊيا وارن مضبوط پڪو بند ٻڌي روڪي ڇڏيو آهي. ٽائيڊل لنڪ ڊرين ابتو وهي کاري سامونڊي پاڻي سان بدين کي ٻوڙي رهي آهي ۽ اوهين ڪهڙي طريقي سان پراڻا قديمي ڍورا بحال ڪري پاڻي بدين کي ٻوڙڻ لاءِ ڇوڙي رهيا آهيو. چوٿين امڪاني مهاٻوڏ جي خوف بدين جي  ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. امڪاني ٻوڏ جي پيدا ٿيل سنگين خطري بابت “افيئر” طرفان جڏهن بدين جي آبادگار اڳواڻ ۽ پاڻي ماهر سيد ظفر علي شاهه سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته سمنڊ ڏانهن ايل بي او ڊي جي پاڻي جي نيڪال جا سمورا رستا بدستور بند هئڻ ڪرڻ هن سال صورتحال انتهائي سنگين ۽ بنهه دهشتناڪ آهي.هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته آبپاشي کاتي وارا غير قانوني طور بدين جي ماڻهن جي اجازت کانسواءِ اسپائينل ڊرين جي گنجائش وڌائي ڍورو پراڻ رستي 20 هزار ڪيوسڪ برساتي ٻوڏ جو پاڻي بدين طرف ڇوڙي رهيا آهن پر بدين جا چونڊيل عوامي نمائندا خاموش آهن. هن چيو ته اهڙي حالت ۾ هن سال جيڪڏهن گهڻيون برساتون پيون ته سمنڊ جو پاڻي وڃي ٽنڊي محمدخان ضلعي جو دنگ ڪندو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو