Home / افيئر / بلوچستان جو وڏو وزير قانوني ڀڃڪڙين جو مرتڪب
above article banner

بلوچستان جو وڏو وزير قانوني ڀڃڪڙين جو مرتڪب

بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ملڪ جي ٻين حصن کان ڪافي بهتر آهي.حڪومتي نمائندن طرفان اڪثر اهڙيون دعوائون ڪيون وينديون آهن.شايد پنهنجي ان تاثر کي ثابت ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي 22 جون تي پنهنجي رهائشگاهه سراوان هائوس مان سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪجهه ٻڌائڻ کانسواءِ پيرين پنڌ نڪري پيو ۽ اتان موٽرسائيڪل تي ايندڙ مسجد جي پيش امام کان لفٽ ورتي ۽ وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ پهچي ويو.ڀوڳ چرچن وسيلي ميڊيا ۾ ان رهندڙ  وزيراعليٰ نواب اسلم رئيساڻي جي ان انداز تي جتي سيڪيورٽي ادارن  ۾ ڀاڄ پئجي وئي اتي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بريڪنگ نيوز به  فرمائش طور نشر ڪرائڻ لاءِ سرڪاري مراعت يافته صحافين سرٽوڙ ڪوششون ڪيون.

هڪ خابرو اداري ناراض وزيراعليٰ کي خوش رکڻ لاءِ خبر ۾ اهو به تبصرو ۽ تجزيو ڪري ڇڏيو ته وزير اعليٰ اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.وزير اعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي اهڙي وقت پيش امام سان گڏ موٽر سائيڪل تي سوار ٿيو جڏهن صوبائي گهرو وزارت طرفان امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري ڪوئيٽا شهر ۾ ٻن مهينن لاءِ موٽر سائيڪل تي ڊبل سواري ڪرڻ تي پابندي ۾ واڌارو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان هوندي به ان پابندي کان ٻارن،عورتن ۽ سٺ ورهين کان وڏي عمر وارن بزرگن کي مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي.ٻئي طرف ڪوئيٽا جي ڪجهه شهرين وزير اعليٰ بلوچستان طرفان پابندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا وري نوٽيفڪيشن جاري ڪري وزير اعليٰ کي به ڊبل سواري کان مستثنيٰ قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته صوبائي گهرو وزارت موٽر سائيڪل تي ڊبل سواري ڪرڻ تي پابندي سپريم ڪورٽ طرفان اهي هدايتون ملڻ کانپوءِ لاڳو ڪئي آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس افتخار محمدچوڌري صوبائي حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته ڪوئيٽا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

وزير اعليٰ بلوچستان طرفان امن امان جي صورتحال جي بهتري جو تاثر ڏيڻ جي فقط هڪ ڏينهن کانپوءِ بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن ڪوئيٽا جي علائقي سرياب مل ويجهو هڪ ڌوٻي جي دڪان تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري اٺن ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويندڙن ۾ پيءُ ۽ پٽ به شامل آهن جيڪي محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ جعفرآباد جي علائقي صحبت پور مان ڪوئيٽا آيا هئا.پولس روايت موجب واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته مارجي ويندڙن ۾ اڪثريت جو تعلق سنڌ،پنجاب ۽ بلوچستان جي علائقي نصير آباد سان آهي.هتي اها ڳالهه به ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعليٰ بلوچستان طرفان ڪجهه عرصو اڳ ئي هو اعلان ڪيو ويو هو ته اڳتي جنهن به علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ يا بدامني جو واقعو ٿيندو اتي جي ٿاڻي جي عملدار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.ليڪن ڪوئيٽا لاڳيتو بدامني جي ور چڙهيل آهي ۽ هينئر تائين نه ته ڪا ڪارروائي ٿي آهي ۽ نه وري جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

امن امان جي صورتحال جي بهتري جون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ليڪن بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري جولاءِ ۾ ٿيندڙ  بين الصوبائي راندين جا مقابلا به ملتوي ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ بلوچستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري افضل اعواڻ جو چوڻ هو ته 14 کان 16 جولاءِ تائين بين الصوبائي اولمپڪس گيمز ڪوئيٽا ۾ ٿيڻيون هيون،جنهن ۾ چئني صوبن  کانسواءِ پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي رانديگرن کي به شرڪت ڪرڻي هئي ليڪن ڪوئيٽا ۾ امن امان جي خراب صورتحال جي ڪري بين الصوبائي رانديون ملتوي ڪيون ويون آهن.هاڻوڪي صورتحال ۾ پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان رانديگر بين الصوبائي راندين لاءِ ڪوئيٽا اچڻ لاءِ تيار نه آهن . راندين جا مقابلا ملتوي ٿيڻ تي بلوچستان جي رانديگرن به اڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ رانديگرن کي تحفظ مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.ان سلسلي ۾ حڪومت جو موقف معلوم ڪرڻ لاءِ راندين ۽ ثقافت جي صوبائي وزير شاهنواز مري سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ليڪن ساڻس رابطور نٿي سگهيو.چيو وڃي ٿو ته هاڻي راندين جا هي مقابلا سيپٽمبر ۾ ٿيندا، جنهن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

هن کان اڳ 21 جون تي ڪوئيٽا جي علائقي غوث آباد ۾ هڪ تبليغي مرڪزمسجد فاروقيه ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا.18 جون تي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن کي نشانو بڻايو ويو،جنهن ۾ پنج شاگرد موت جو کاڄ ۽ 70 کان وڌيڪ شاگرد  ۽ شاگردياڻيون زخمي ٿيون.

سياسي ۽ مذهبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي۽ چيو پيو وڃي ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن پڻ ان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيوآهي. جمعيت علماءِ اسلام سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير عين الله شمس واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته اسانجي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي ناقص ۽ مايوس ڪندڙ آهي .سندن احتساب ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي امن امان جي صورتحال کي بهتر نٿا ڪري سگهن ته پوءِ مٿن اجايو خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

بلوچستان ۽ پشتون قومپرست جماعتن طرفان سياسي سرگرميون به صوبائي حڪومت جي ڪرپشن ۽ بدعنواني ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي بنياد بڻائي شروع ڪيون ويون آهن.ليڪن وزير اعليٰ حڪومت تي ٿيندڙ سياسي ڌرين جي تنقيد کي بناجواز ۽ بوکلاهٽ جو نتيجو ڄاڻايو آهي.صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت سڄي بلوچستان ۾ خوف ۽ دهشت وڌندڙ آهي ۽ هر شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي.ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڇا کين بنا خوف جي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي نصيب ٿيندي ؟ آخر اهي ڪيستائين خوف ۽ دهشت ۾ مبتلا رهندا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو