Home / افيئر / بينطير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ پهرين يونيورسٽي
above article banner

بينطير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ پهرين يونيورسٽي

ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي سرڪاري يونيورسٽين ۾ داخلا نه ملڻ وارو مسئلو هميشه پئي رهندو آيو آهي، خاص طور ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا .انهن لاءِ پڙهڻ تقريبن ناممڪن ئي آهي، جنهن جي لاءِ سنڌ جون سياسي پارٽيون توڙي سول سوسائٽي جون تنظيمون سالن کان وٺي انهي ناانصافي خلاف آواز اٿارينديون آيون آهن. سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن کي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ داخلائون نه ملڻ اتي تعليم نه پرائي سگهڻ ڌرتي جي اصل وارثن سان وڏي زيادتي ۾ شمار ٿئي ٿي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا جو طريقيڪار ئي اهڙو رکيو ويو آهي جنهن تحت داخلائون وٺڻ جو پهريون حق صرف ڪراچي شهر جي بورڊ ۽ يونيورسٽين مان ڊگريون وٺندڙ شاگردن جو آهي، ڪراچي شهر کان ٻاهر ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ ڪا به ڪوٽا مقرر نه آهي،جنهن ڪري ڪراچي مان انٽر ميڊئيٽ ۽ گريجوئيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي سگهن ٿا اُهو ئي سبب آهي جو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اردو،پشتو، پنجابي ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ شاگردن جو وڌيڪ تعداد تعيلم پرائي رهيو آهي. سنڌي شاگردن جو تعداد ڪراچي يونيورسٽي ۾ بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد ،سکر ،لاڙڪاڻو، ميرپور خاص جي بورڊن، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن جي لاءِ هرضلعي جون سيٽون رکيون وڃن. جيئن سنڌي شاگرد پنهجي ئي شهر ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ تعليم پرائي سگهن ڇو ته سرڪاري يونيورسٽين ۽ خانگي يونيورسٽين جي داخلا ۽ سيمسٽر جي فين ۾ ڏينهن  رات جو فرق آهي. اهل ۽ هيٺئين ڪلاس جي شاگردن لاءِ ڪراچي جي خانگي يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻ انتهائي مهانگو آهي. تنهنڪري صرف

ڪراچي جي پبلڪ يونيورسٽي ۾ ئي سنڌ جي ٻهراڙي جو شاگردن پڙهي سگهي ٿو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي قائم ڪئي آهي جيڪا ڪراچي جي ٻهراڙي وارين سنڌي آبادين ۽ خاص طور تي اندرون سنڌ جي شاگردن لاءِ آهي. هيءَ پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽي سنڌ اسيمبلي جي 2010 جي ايڪٽ تحت قائم ڪئي وئي آهي، جتي گذريل سال کان باقائده ڪلاس هلي رهيا آهن. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ ۾ هن سال جي داخلائن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن مطابق 23 جولاءِ کان وٺي فارم وٺڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ 18 آگسٽ 2012 تائين فارم وٺي ۽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 2 سيپٽمبر 2012 تي ورتي ويندي. ۽ پري انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ بلڪل ٻئي ڏينهن يعني 3 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي.11 سيپٽمبر کان ڪلاس شروع ٿي ويندا.

داخلا لاءِ فارم جي في 500 رپيا رکيل آهي، ۽ داخلا فارم پوسٽل ايڊريس ذريعي به گهرائي جمع ڪرائي سگهجي ٿو.بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي مڪمل معلومات لاءِ www. bbsul.com.edu.pk کي وزٽ ڪيو. يادرهي بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري هائر ايجوڪيشن ڪميشن HEC طرفان رجسٽرڊ ۽ مڃيل يونيورسٽي آهي. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۾ بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪمپيوٽنگ سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنس جي 4 سالن ۽ 8 سيمسٽرن تي مشتمل ڪورسن ۽ Bed لاءِ پڻ هڪ ۽ ٻن سالن جا ڪورس شروع ڪيا ويا آهن. هيٺين سبجيڪٽن ۾ تعليم وٺڻ لاءِ هن سال ٽوٽل 240 سيٽون رکيون ويون آهن. جنهن لاءِ هيٺين مضمونن لاءِ فارم جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

Bs بزنس ايڊ منسٽريشن (بي بي اي)

Bs ڪامرس (بي ڪام)

Bs پبلڪ ايڊمنسٽريشن بي پي اي)

Bs ڪمپيوٽر سائنس ( بي ايس سي ايس)

Bs انفارميشن ٽيڪنالاجي ( بي ايس آءِ ٽي)

Bs سافٽ ويئر انجنيئرنگ (بي ايس ايس اي)

Bs انگلش

Bs اڪنامڪس

Bs ايجوڪيشن  (بي اي ڊي)

بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي ۾ 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن جي شاگردن لاءِ باقي 50 سيڪڙو سيٽون ڪراچي جي ٻهراڙي وارن ٽائونز لياري، ملير، گڏاپ، ڪياماڙي لاءِ آهن.جڏهن ته مٿين ٽائونز کانسواءِ ڪراچي به هڪ ضلعي ۾ شمار ٿيل آهي. هي داخلائون انٽري ٽسيٽ ذريعي ٿينديون .ان لاءِ 2009،2010،2011  ۽ 2012 ۾ انٽرميڊيئٽ پاس ڪندڙ شاگرد جن جون مارڪون گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو آهن اهي داخلا لاءِ فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا. جن شاگردن جي اڃا رزلٽ ظاهر نه ٿي آهي ۽ رزلٽ جي انتظار ۾ آهن اهي به يونيورسٽي ۾ داخلا فارم جمع ڪرائي سگهن ٿا.

هن يونيورسٽي جي جيڪا خاص ڳالهه نظر اچي ٿي اها آهي ته هن ڪراچي ۾ قائم يونيورسٽي جون 95 سيڪڙو سيٽون  سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سميت ڪراچي شهر جي ٻهراڙي وارن ٽائونز لاءِ آهن. ان کانسواءِ يونيورسٽي طرفان اهل شاگردن کي ماهوار 2000 رپيا وظيفو پڻ ڏنو ويندو. روزانو ملير، گڏاپ ۽ ڪياماڙي مان شاگردن کي آڻڻ ۽ نيئڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو مفت بندوبست ڪيل آهي. يونيورسٽي جا سمورا ڪلاس رومز، ليبارٽريز ۽ آڊيٽوريم ايئر ڪنڊيشن آهن. يونيورسٽي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن کي گروپن ۾ رهائڻ لاءِ پڻ بندوبست ٿيل آهن.يونيورسٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بيبظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ جو فيون پاڪستان جي سڀني پبلڪ يونيورسٽين جي فين کان گهٽ ۾ گهٽ آهن. پهرين سال ۾ داخلا وٺندڙ 70 سيڪڙو شاگردن کي فين ۾ رعايت ۽ ماهوار ٻه هزار رپيا وظيفو ڏنو ويوآهي. جڏهن ته گذريل سال به سنڌ جي ٻهراڙي واريون سيٽون وڏي تعداد ۾ بچي پيون ۽ صرف 170 ٽوٽل شاگرد داخلا وٺي سگهيا. ٻئي طرف ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي آف سائنس ۽ آرٽس جيڪا پڻ هڪ سرڪاري/پبلڪ يونيورسٽي آهي، جنهن جو چانسلر صدر پاڪستان آهي، جنهن جا ٽي ڪيمپس گذريل 10 سالن کان هلي رهيا آهن، جن ۾ هڪ ڪيمپس اسلام آباد ۾ جڏهن ته ٻه ڪيمپس ڪراچي ۾ هلي رهيا آهن. جنهن ۾ هڪ “گلشن ڪيمپس” گلشن اقبال ۽ ٻيو سول اسپتال ڪراچي جي پٺيان “مولوي عبدالحق” ڪيمپس آهي. هن ٻنهي ڪيمپسن ۾ هزارين شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، جتي پڻ بي ايس سائنس، سوشل سائنس، بزنس ايڊمنسٽريشن، ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي پڻ ڪرائي وڃي ٿي، پر اتي به سنڌي شاگردن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.

وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ به داخلائون کليل ميرٽ تي ٿينديون آهن. جتي ڪراچي جي بورڊ ۽ يونيورسٽي مان تعليم جو هئڻ اولين شرط به نه آهي. گهڻا شاگرد اهو سمجهي پڻ ان يونيورسٽي جو رخ نٿا ڪن ته هتي صرف اردو پڙهائي وڃي ٿي پر ايئن بلڪل نه آهي. هتي سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ آهي، جتي پڻ هر سال گهربل تعداد ۾ شاگرد داخلائون نٿا وٺن. ان يونيورسٽي ۾ نئين سال جون داخلائون پڻ ايندڙ نومبر کان شروع ٿينديون .وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ جيڪا پڻ هڪ سرڪاري يونيورسٽي آهي، ان ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي شاگردن کي ڀرپور طريقي سان داخلائون وٺڻ گهرجن. بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جو قيام ۽ ان ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن بشمول ڪراچي جي سنڌي آباديءَ وارن علائقن لاءِ سيٽون رکڻ- هاڻوڪي حڪومت جو تعريف لائق ۽ اهم قدم آهي. جنهن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جو سونهري موقعو آهي. ان لاءِ سنڌ جي سڀني شاگردن ۽ والدين کي گهرجي ته هو بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ ۾ داخلا لاءِ وڏي تعداد ۾ فارم جمع ڪرائين. انٽري ٽيسٽ ۾ ويهي، ڪراچي ۾ سنڌين لاءِ قائم ڪيل يونيورسٽي جي مالڪي ڪن ايئن نه ٿئي ته ٻهراڙيءَ مان سنڌي شاگردن جي نه اچڻ ڪري ان تي به ڌارين جو قبضو ٿي وڃي.

Email: ishaksoomro@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو