Home / افيئر / تترن جو شڪار ۽خفتين جا گُر
above article banner

تترن جو شڪار ۽خفتين جا گُر

 

تترن جي پنهنجي جوءِ هوندي آهي. تتر پنهنجي جوءِ ڪڏهن بـ ڪونـ ڇڏيندو، ڪيڏانهن بـ وڃي پر ڦري گهري وري ايندو پنهنجي جوءِ ۾ ، انهي جوءِ ۾ تتر جوڙي ۾ رهندو آهي. ڪڏهن به هيڪلو نر يا مادي ڪٿي ڪو نه هوندي. جي ڀلا نر ڪنهن شڪاري هٿان جهلجي ويو ته مادي وري ٻئي نر جي ڳولا ڪندي، جوءِ جوءِ ڦرندي ۽ ڳوليندي. پوءِ جنهن نر جي مادي جهلجي وئي هوندي اهو به اڪيلو هوندو تـ سامهون ٻوليندو ايئن وري جوڙي ٿي ويندا ۽ وڃي تتري واري يا تتر واري جوءِ جهليندا.  انهي ئي جوءِ واري ڳالهـ جو شڪاري پورو پورو فائدو وٺندا آهن .نه ته تتر ڪو جهل ڏي پر تتر جڏهن به جوءِ ۾ ڪنهن نولي تتر جي ٻولي ٻڌندو آهي ته نه رڳو هن جي سامهون ٻوليندو آهي، پر انهي ٻوليندڙ تتر سان وڙهڻ لاءِ جهٽ ۾ اچي پڄندو ۽ تتر ئي ٻي تتر جي ٻولي سڃاڻي ٿو، ماڻهو جي وس جي ڳالهـ ڪونهي. ماڻهو لاءِ  سڀئي تتر هڪجهڙا ۽ سڀني تترن جون ٻوليون به هڪجهڙيون .  پر هڪڙي ڳالهـ آهي جيڪي خفتي آهن اهي  پنهنجي تترن جي ٻولي پنجن ڪوهن تي بـ سڃاڻي ويندا تـه اهو منهنجو تتر پيو ٻولي . ڇو جو خفتي تـ پنهنجي تتر کي هٿن سان پالي وڏو ڪن ٿا . انهن لاءِ  ٻولي سڃاڻڻ تـ ڪو مسئلو ئي ناهي ۽ شڪاري گهڻو ڪري تتر سان ئي تترن کي ڦاسائيندا آهن . بس گهڻو ڪري تتر ئي تتر کي مارائي ٿو. ڦاسرائي تتر ٿو ۽ ڦاسائي شڪاري ٿو. تترن جي شڪاري جو شڪار گهڻو تڻو آهي ئي تتر سان. جيڪڏهن هن وٽ تتر آهي تـ  هو شڪار ڪري سگهي ٿو نه ته ويٺو  سيم ۾   پير اهاڙي پوءِ جيڪو بخت. ڇو جو شڪار آهي ئي بيڪار، جي لڳي تـ جهٽ ۾ جهولي ڀري اچي جي نـ لڳي تـ سڄو ڏينهن ويٺو سڃي سيم هڻي پر حرام جي ڪو جهٽ لڳيس .تتر جو شڪار تتر کانسواءِ ڪري ئي نٿو سگهجي پر جي ڪير تتر کانسواءِ تتر جو شڪار ڪري ٿو . تـ اهو ايترو سولو ڪونهي . تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي جيڪي شڪاري تتر کانسوءِ تتر جو شڪار ڪن ٿا . انهي جا بـ گهڻا ئي طريقا آهن . پوءِ جهڙو وڻي اهو طريقو استعمال ڪري.

انهن مان هڪڙو تـ ايئن ڪري جو لهي وڃي سيم ۾، اتي وڃي تتر جو پير اهاڙي هن جو پير ڀونتر جي پير جهڙو ٿئي ٿو،پر ٻاٽيٻڙ جو پير هن کان ننڍڙو آهي ۽ وک بـ ڇوٽي آهيس ، ٻيو ٻاٽيٻڙ جو پير رائيلي تي ملندو پر تتر جو پير بس ڀونتري جي پير جهڙو ئي آهي ۽ وک بـ ساڳي آهي. ٿورڙو فرق اهو آهي جو تتر جي پير ۾ هڪ ته هن جي ڇوٿين آڱر وارو نشان هوندو، ئي هوندو ٽي آڱريون اڳتي ۽ اها آڱر پوئتي لڳندي. ڪٿي ڪٿي تري  بـ تتر جي پير جي لڳندي ۽ جي نٿي لڳي تـ بـ چوٿين آڱر ذهن ۾ رکڻي آهي . ٻيو تتر جي پير جون آڱريون ٿورڙيون ڊگهيون هجن ٿيون پر ٽي ئي آڱريون هونديون برابر ساريکيون ننڍيون وڏيون نـه .بس اها ئي سڃاڻپ آهي تتر جي پير جي ۽ شڪاري جي ذهن ۾  تترن جي پير جو ايئن سمجهو ته ڦوٽو پيل هوندو آهي . هڪڙو شڪاري تـ پکين جي سئو پيرن مان بـ تتر جو پير ڌڪ سان سڃاڻي ويندو. هي تتر ويو آهي . شڪاري تـ تازي ۽ پراڻي پير سڃاڻڻ ۾ بـ گهڻي دير ناهن ڪندا هو بس پير ڏسي چوندا تـ اهو پير ڪيترو پراڻو آهي . جي هوندو تازو تـ، هن جو پير صاف پيو هوندو انهي پير مٿان ٻي ڪنهن بـ جيت جڻي جي پير يا ليڪي جو نشان ڪونـ هوندو نڪو وري انهي پير مٿان ڪو سڪل پن يا ڪک هوندو بس. صفا چٽو پيو هوندو ، پر جي هوندو پير پراڻو تـ انهي مٿان گينگهي جي پيرن جا نشان بـ هوندا ڪا ماڪوڙي بـ انهي پير تا مٽي، هوندي ڪو پن بـ اڏي اچي انهي مٿان ڪريو هوندو، ڪو ڪک بـ ٿي سگهي ٿو هوا اڏائي اچي مٿان ڪيرايو هجيس يا مرڳو واءِ ئي تيز لڳو هجي ۽ لٽي ڇڏيو هجيس . پر جي تازو هوندو تـ ساريکي زمين تي چٽو پيو هوندو.اهو بـ ريٽائين واري تي باقي ڪاٺي زمين تي يا جبل واري زمين تي تتر جو پير کڻي ئي نٿو سگهجي. ٻيو ڏکيو تتر جو پير کڻڻ آهي، وڻ جي هيٺان يا پنن ۾ گهڻو ڪري وڻ جي هيٺان وري سڪل پن ڇڻيل هوندا آهن. انهن ڇڻيل پنن ۾ پکي جو پيرکڻجي تـ ڪيئن کڻجي ڏاڍو ڏکيو آهي اتي پير جو تـ نشان ئي ناهي هوندو، پر هوشيار پيري وڻن جي پنن مان بـ پير کڻي ويندا آهن.اتي هو ڪکن پنن جي نشانن تي پير کڻندا آهن پکي جي مٽڻ سان پن سرندا آهن ۽ انهن پنن ۽ ڪکن جي سرڻ سان ليڪا ٿيندا آهن ۽ انهن ليڪن مان هو اهو اندازو ڪندا آهن تـ تتر ڪهڙي پاسي ويو آهي. گهڻا وري پنن مان پير کڻڻ واري خفي مان جند ڇڏائڻ لاءِ وڻ کي اهاڙ  ڏيندا آهن. اهاڙ ۾ هو وڻ جي چوڌاري گهمي ايندا . جي انهي وڻ مان تتر ٻاهر ڪٿان بـ نڪتو هوندو تـ خبر پئجي ويندي تـ تتر هتان نڪتو آهي ۽ هيڏانهن ويو آهي.جي رڳو پن ئي پن آهن تـ ڪکن جي ليڪن تي اندازو ڪبو پر شڪاري جي پيرن جو اندازو ناهي هوندو پر اهو سچ هوندو آهي. اهو هنن جو تجربو آهي. سو سيم ۾ لهڻ کانپوءِ شڪاري ڇا ڪندا آهن جو انهن حالتن ۾ انهن طريقن سان تتر جو پير اهاڙيندا آهن. پوءِ  اهو پير کڻي وڃي ڪا نـ ڪا ڌر دنگ ڪندا بس پکي جي ڌر وڻ، سو وڃي ڪنهن نـ ڪنهن وڻ ۾ پير کي هڻندا .پوءِ انهي وڻ کي اهاڙ ڏئي پڪ ڪندا ته واقعي هن وڻ ۾ تتر آهي جڏهن پڪ ٿي وئي پوءِ تـ ساهه به بند کڙڪو پير جو يا ڪنهن ڊينگهر جو ٿئي نـ بس اکيو وڻ ۾ هڻي پيا تتر کي ڳوليندا جيئن ئي تتر تي اک پئي ته هتان غليل مان مٽي  جوڳوڙهو نڪتو ۽ رڳو کنڀ اڏيا ۽ رڳو جهٽ ڪري وجهندا سير يا بسم الله، پر تتر کي هلندي ئي غليل جو ڳوڙهو هڻڻو آهي جي پير جهلي بيٺين تـ تتر جي رڳو پرن جو آواز ٻڌندي ن ا هو پيو وڃي۽ آڏا وڻ ڏئي . شڪاري آهي شڪاري  سو هڪڙو ڀيرو جي اکين سان تتر کي ويو ڏسي پوءِ ڪٿي ٿو ڇڏي. سو پنهنجا پورا وس ڪندو تـ هٿ آيل تتر هٿان نـ وڃي، سو وري تتر جي پٺيان، هوڏانهن تتر پرن تي اڏامي هوڏانهن شڪاري پيادو. سو وري پٺيان ڪٿي ڪٿي وري ٻـ ڄڻا گڏجي شڪار تي ويندا آهن انهن مان هڪڙو چاڙهيڪي تي بيهندو معنيٰ ڪنهن ڀٽ تي چڙهي مٿان بيهندو ٻيو پيو پير کڻندو .جڏهن نـه تتر اڏاڻو تـ چاڙهيڪي تي بيٺل همراه ڳالهائيندو ڪونـ رڳو هٿن سان اشارو ڪندو ۽ اشاري اشاري ۾ ٻڌائيندو تـ او ڦلاڻي وڻ ۾ ويو اٿئي تتر، پوءِ شڪاري بـ لوهه ڪري ڏڌندو انهي وڻ تي پوءِ پير ڪونـ نهاريندو، رڳو وڻ کي چوڌاري گهمرو ڏيندو تـ ڏسان ڪٿي آهي. بيهندو تـ هئين ڪونـ جيئن نه اک پوندي ٺڪ ڪرائيندو غليل جو ڳوڙهو. هڪڙي ڳالهـ تتر سڌو وڻ ۾ اڏندي وڃي ڪونه لهندو، هو وڻ کان ٿورڙي ويڇي تي لهندو  پوءِ اتان ڊوڙندو ڊوڙندو وڻ ۾ ڍري ويندو .  تتر جي اڏام ايتري وڏي ناهي هوندي بس هتان اڏيو تـ ڪجهـ وکون اڳتي وڃي ٻي وڻ ۾ پوندو. ٻيو وري ايئن به آهي تـه تتر جي پهرين اڏام وڏي ۾ وڏي ٻي انهي کان ننڍي، ٽين انهي  کان بـ ننڍي. اڏرڻ جو صفا ڀاڙيو آهي ٿڪندي دير ئي ڪونـ ڪندو. بس وڏي ۾ وڏو ٽي دفعا اڏندو ۽ ٿڪي پوندو .پوءِ جي آهي ڦڙ تيلو شڪاري ته ٽين اڏام کان پوءِ ڌڪ جي بـ ضرورت ڪونهي رڳو لڪ ڪري هٿ سان جهلي وٺ. ڏسندين تـ لڪي پئي هلندو ڪڏهن ڪڏهن وري ٿڪو تـ ايئن ڪندو جو ڳوه جو يا ڪوئي جو ٻر ڏٺئين انهي جو منهن وڏو هوندو تـ انهي ۾ ڍري ويندي دير ئي ڪونـ ڪندو پر شڪاري اتان بـ تتر کي جهليو اچن . ايئن ڊوڙائي ڊوڙائي تترکي  ٿڪائي  بڇڙو ڪري جهليندا آهن. تتر جو وڏي ۾ وڏو بچاءَ آهي ئي وڻ بس جتي جهنگ هوندو تتر به اتي هوندو وڻ بـ وڏو وڻ نـ جئين ڪونڀٽ ڪنڊي يا ٻٻر نـ پر ديوي، ڄار، ٿوهر ٻوهه سڻ.  چوڻ جو مقصد اهي وڻ جيڪي زمين تي ئي ڦهليل هجن مٿي نـ انهن ۾ تتر جو بچاءَ آهي يا ڪنڊن وارا ڍينگر انهن ۾ لڪي ويندو باقي ماري وجهـ جي ڏينهن جو ڪنهن وڏي وڻ تي چڙهي. مئو ڪونـ چڙهندو  باقي رات جو تـ رهي ئي وڻ جي ٽارن تي ٿو پر بس جي پره باک هنئي وڏي عصر جو لهي ايندو هيٺ. مٿي هن کي باز، نور ، ٻلو ڏينهن جو ويهڻ نٿو ڏي بس کڻيو وڃيس انهي ڪري نٿو ويهي. هڪڙو تـ ٿيو اهو ڊوڙائي تتر جهلڻ وارو طريقو،ٻيو طريقو آهي ڀڳوئين وارو طريقو تتر جهلڻ جو. انهي سان وري ڇا ڪندا آهن جو ماڻهو جي قد جيترو ڀڳئون ڪپڙو وٺي انهي ۾ ترڇو هڪ ڪنڊ کان وٺي ٻي ڪنڊ تائين ڪاٺي جون لٺون ٻڌندا آهن ترڇي ڪاٺي جي لٺ جو هڪڙو ڇيڙو هڪڙي ڪنڊ ۾ ٻيو ڇيڙو وري ٻي ڪنڊ ۾ ،ٻي پاسي وري تر ڇو هڪڙو ڇيڙو هڪڙي ڪنڊ ۾ ٻيو ڇيڙو وري ٻي ڪنڊ قابو ليرن سان ٻڌي، ٻنهي لٺن جي وچ تي جتي هو هڪٻي کي ڪراس ڪنديون آهن اتي بـ لير سان قابو ٻڌندا آهن جيئن اهي ڪاٺيون سرڪن يا ڪپڙو بي ترتيب نـ ٿئي. هن جي مٿان ڏسڻ لاءِ وري سوراخ ڇڏيندا آهن پوءِ جڏهن ڀڳوئين کڻي جهنگ ۾ ويندا آهن تـ شڪاري ڀڳوئين  جهليندو پنهنجي اڳيان هٿ وجهندو جتي لٺن جو ڪراس آهي اتي ۽ شلوار جا کونپلا هڻندو جيئن پنهنجي بت تي پهريل ڪپڙو نظر نـ اچيس. پوءِ جنهن بـ تتر جي نظر پئي ڀڳوئين تي اهو ڊوڙندو پيو ايندو. ڪڙ ڪڙ  پئي پوندي ۽ پيو ايندو پاسي ۾ لڳل هوندو رڇ، پوءِ شڪاري ٽل سان تترن کي انهي رڇ ۾ ڀڳوئين جي زور تي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندو. ڀڳوئين انهي رڇ ڏانهن ڪندو وڌندو ويندو تان جو ولر جو ولر انهي رڇ ۾ نـ پوي. پوءِ آهستي آهستي ڪري رڇ مان تتر جهليندو ڪٽي ۾ وجهندو ويندو.هڪڙي شڪاري جو تـ اهو بـ خيال آهي تـ ڀڳوئين تي ڪارو اصيل نانگ بـ اچي ٿو،ڪي شڪاري اها ڳالهـ بـ ڪن ٿا تـ ڀڳوئين تي جن بـ ٿئي ٿو. ڀڳوئين جي حوالي سان جيترا شڪاري آهن اوتريون ئي ڳالهيون آهن پر سڀ کان وڌيڪ تتر ڀڳوئين ۾ ڦاسن ٿا.انهي ڪري شڪاري انهي طريقي سان تتر ڦاسائڻ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. ڀڳوئين ۾ ولر آيو تـ ولر ئي صفا قابو، شڪاري اهو ٿا چون تـ ڀڳوئين ۾ خاندان ئي ختم.

انهي کان پوءِ آهي تتر ڦاسائڻ جو ڊٻ وارو طريقو. انهي ۾ وري ڇا آهي جو هيڪر تتر کي هيرائبو، هيڪر روز صبوح جو ٻاجهر جا داڻا اڇلي وڃبا ڪنهن جڳهـ تي، پوءِ انهي جڳهـ تي وري ٻي ڏينهن اچي وري داڻا اڇلي وڃبا، پوءِ اتي ايندڙ شڪاري پير به جانچيندا تـ واقعي تتر اچن ٿا يا داڻا ٻيا پکي ٻهاريو وڃن انهن داڻن تي تترن کي هيرائبو جڏهن هرندا تـ شام صبح اتي داڻا اڇلي وڃبا جڏهن ڏسبو تـ هاڻ تتر شام صبح هري ويا آهن تڏهن ڇا ڪبو جو چار ننڍڙيون ڪاٺيون کوڙي ٽن پاسن ۽ مٿان رڇ ڏئي ڇڏبو ۽ رڇ کي ڪلين سان قابو ڪبو ۽ هڪڙي پاسي وري پنجين ڪاٺي کوڙي انهي ۾ ڊگهي ڏوري ٻڌبي. پوءِ اها ڏوري جهلي ڇيٽياتو شڪاري وڃي ويهي رهندو ۽ انهي رڇ هيٺ داڻا اڇلي ڇڏيندو پوءِ جيئن ئي هريل تتر داڻن جي آسري تي ايندا هڪڙو                            هڪڙو ٿي انهي ڊٻ ۾ داڻن جي لالچ ۾ پيا ويندا جڏهن سڀ تتر انهي ڊٻ ۾ هليا ويندا تـ شڪاري هٿ ۾ جهليل رسي کي آهستي آهستي ڪري ڇڪ ڏيندو تـ رڇ اچي چڳندڙ تترن مٿان ڪرندو پوءِاتان تتر نڪو نڪري سگهن ۽ نڪو اڏامي سگهن. پوءِ آهستي آهستي ڪري شڪاري هڪڙو هٿ اندر وجهي هڪ هڪ ڪري تتر جهليندو ايندو انهي جا کنڀ يا پير ٻڌندو ايندو ۽ ڪٽي ۾ وجهندو ايندو .جي ڪڍڻ ۾ تڪڙ ڪيئن تـ تتر اڏاميوبه سگهن ٿا..

ٻيو آهي اڇل وارو طريقو انهي ۾ بـ ايئن تتر هيڪر چوڳي تي هيرائبا پوءِ جڏهن تتر هري ويندا پوءِ رڇ زمين ۾ هڪڙي اٽڪل سان پوري ڇڏبو. اهو طريقو انهي لاءِ  شڪاري استعمال ڪندا آهن جو جڏهن ڊٻ ۾ تتر ناهن ڦاسندا تـ اهو اڇل وارو طريقو استعمال ڪبو آهي .انهي جا ڇيڙا شڪاري جهلي لڪيو ويٺو هوندو جيئن هريل تتر تي ايندا تـ هي آهستي آهستي اهي رڇ جا ڇيڙا ڇڪيندو ڇڪيندو تترن مٿان رڇ واري ڇڏيندو آهي، پوءِ هڪڙو هڪڙو ويٺو ڪڍندو آهي . ڊٻ جو ٽاهيل تتر هجي يا رڇ جو اهو وري ڪونـ ايندو، ڀلي ڪيترا بـ داڻا کاڌا هجنس. اڃا به طريقو آهي دام ۽ رڇ وارو .انهن طريقن ۾ ايترا توڙي جو تتر ناهن ڦاسندا پر شڪاري اهو طريقو استعمال ڪندا آهن. انهي طريقي سان ئي تتر تترن کي ڦاسائيندا آهن. انهن طريقن ۾ ايئن ڪندا آهن جو پاليل تتر کڻي اچي شڪاري وڻ تي رکندو، انهن تترن ۾ هڪڙا هوندا آهن دامڙيا تتر ۽ ٻيا هوندا آهن سيٽڙيا تتر، دامڙيو تتر توڙي جو پاليل هوندو آهي پر ماڻهن کي ڏٺئين تـ رڳو پيو ڦٿڪندو ٻوليندو ڪونـه ڀلي پيو سيٽيون هڻ، دامڙئي تتر کي وڻ تي رکي مٿان ڪپڙو ڏئي ڇڏبو ۽ وڻ جي چوڌاري جيڪي بـ گهٽيون هونديون يا لنگهه هوندا اتان رڇ هڻي ڇڏبو يا وري دام هڻي ڇڏبي دام بانس جي ڪاٺين ۽ ليلون جي ڏورين مان ٺهيل هوندي آهي. پوءِ تتر وڻ تي رکي مٿان ڪپڙو ڏئي ڇڏبو تـ تتر ٻولڻ شروع ڪندو، پوءِ جنهن تتر جي جوءِ هوندي اهو سامهون نـ رڳو ٻوليندو پر وڙهڻ لاءِ ايندو. وڙهڻ لاءِ گهڻو ڪري نر تتر ايندو، مادي ڪونـ ايندي. تترجيئن وڻ کان ڇيٽياتو لهي وڻ ڏانهن لوه ڪندو تـ اتي دام يا رڇ لڳو پيو هوندو. بس جيئن لوه ڪندو ايئن وڃي ٺڪ دام يا رڇ ۾ ڦاسندو. سيٽڙيا تتر به شڪارين جا پاليل تتر هوندا آهن. هتان شڪاري جي سيٽي لڳي نه آهي هتان تتر ڪيڙو ڪٽ، ڪيڙو ڪٽ پئي پوندي .ڪرشن شڪاري پارڪر واري وٽ تـ اهڙو تتر بـ هو جو رڳو هو رات جو سيٽي هڻي تـ تتر رات جو بـ ٻولڻ شروع ڪندو هو ،ڪي ڪي تتر وري دوکو به ڪري ويندا آهن. اهي جهنگ ۾ کڻي وڃبا تـ ڪيتريون سيٽيون پيو هڻ حرام جو ٻولين پوءِ شڪاري ڏسڻ وٽان هوندا آهن . جي تتر هوندو دام يار رڇ جو ٽاهيل ۽ جنهن تتر جي ٻولي تي اڳ ۾ هو آيو هوندو ۽ ڦاسڻ کان بچي ويو هوندو تـ مئو نـ اچي وري. اهي آهن تترن جي شڪار جا طريقا.

تترن جا ٻچا بـ شڪاري جهليندا آهن. پر جيئن تتري جا حواس ٻڌائيندا آهن تـ ڪو شڪاري باز يا نور اچي ويو آهي تـ وڻ ۾ ويٺي ويٺي ترڙاٽو ڪندي تر تر، تر تر، انهي تي ٻچا پنن ۾ پنهنجو پاڻ کي لڪائي ڇڏيندا آهن. پوءِ ٻچن ۽ سڪل پنن جو رنگ هڪجهڙو نڪو خبر نه پوي. تتر جو ٻچو مهيني جو اڏمي ويندو پر پندرنهن ڏينهن جو تتر جو ٻچو بـ هرو ڀرو جهل ڪونـ ڏيندو. ٻه ٽي ڏينهن ۾ هلڻ جهڙو ٿي ويندو آهي. .ڇو جو ڊوڙڻ ۾ اهڙو تکو هوندو جو وڃي ٿيا خير، ٻچا رات جو وڻ هيٺ هوندا آهن ۽ تتر ۽ تتري رات جو وڻ مٿي ويهندا آهن..تتر ۽ تتري ٻئي گڏجي ٻچن کي پاليندا آهن ٻئي گڏجي ٻچا چڳائيندا جي ڪٿي تتري شڪاري جي ور چڙهي وئي ۽ وئي جهلجي تـ پٺيان نر تتر پيو ٻچن کي پاليندو.ڇيڻن ۽ سڪل ڪاٺين ۾ اڏوهي ٺونگيندو ويندو ۽ ٻچن کي سڏڻ لاءِ ڪرڙاٽ پيو ڪندو، پوءِ ٻچا انهي ڇيڻي کي سڄو ٺونگي ڇڏيندا جيڪا اڏوهي هوندي اها کائيندا. انهن جو کاڌ ئي اڏوهي آهي.تتري پندرنهن کان سورنهن ڪي ڪي تتريون تـ ويهـ بيضا بـ ڏينديون آهن. تتري زمين تي کڏ کوٽي پوءِ انهي تي ڪک رکي انهي تي بيضا ڏيندي آهي ڪي ڪي تتريون جيڪي هاري وسڪاري ۾ ٻاجهر هڪلڻ لئـ پيها ٺاهيندا آهن انهن تي بـ بيصا لاهينديون آهن. ڪي تتريون وري ٻاجهر جي ڪلار جي ڪانن ۾ بـ بيضا لاهينديون آهن . تتري ايڪويهـ ڏينهن ڪڪڙ وانگر آري تي بـ ويهندي آهي . تتر جا بيضا اڇا ڳيري جي بيضي جهڙا هوندا. هن جا بيضاگر هوڙو، ڳوهـ ،باز بيضا کائي ويندو آهي. تتري ٻن ٽائيمن تي وسڪاري ۽ پيرن ۾ بيضا لاهيندي آهي . معنيٰ هڪڙو ڦڳڻ ۾ ٻيو چيٽ ۾.  پر ڪن شڪارين جو خيال آهي تـ انهن موسمن کانسواءِ بـ هنن تتري کي ٻچن سان ڏٺو آهي .پر اهي ٻـ ٽائيم تـ پڪا آهن. ڪي شڪاري تـ تتري جا بيضا ڪڪڙ هيٺان بـ رکندا آهن پر اها ڪڪڙ ڦوڙيندي بـ آهي  پر  اهي ٻچا بچن نٿا.  ڦڳڻ واري بيضن ۾ ڦٽل ٻچا جولاءِ جي مهيني ۾ جوڙي جوڙي ٿي اڏامي ويندا آهن. ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي اوستائين گڏ هوندا آهن ..بس خفتي ٻچاجهلي ايندا آهن انهن کي پاليندا آهن انهن کي سيٽي تي ٻولڻ سيکاريندا آهن.  هنن شڪارين وٽ نر ۽ مادي تتر جي ٻچي جي سڃاڻپ جا پنهنجا طريقا آهن.ڇا ڪندا جو تتري جي ٻچن جي چهنب ۾ جهلي مٿي کڻندا جي هوندو نر تـ چهنب ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو پيرن سان ۽ جي هوندي مادي تـ ماٺ ڪيو ويٺي هوندي.ٻيو مادي تتري جي چهنب سنهڙي ۽ نر جي ٿلهي هوندي آهي.مادي تتري هلڪي هوندي آهي ۽ نر بت ۾ ڳرو هوندو.نر جي پير ۾ ڪڪڙ وانگر شيخون يعني دڏون هونديون آهن ۽ مادي تتر کي دڏون ناهن هونديون مادي جي ٻولي هلڪي يعني سنهي هوندي آهي ۽ نر جي ٻولي ٿلهي هوندي آهي.مادي جي ٻولي ڏيڍي هوندي آهي ڪيڙڪ، ڪيڙڪ، نر جي ٻولي پوري هوندي آهي .ڪيڙو ڪڪ، ڪيڙو ڪڪ. مادي جو پير به ننڍو هجي ٿو نر تتر جو پير وڏو هجي ٿو، مادي تتر جي سسي ننڍي ۽ نر تتر جي سسي ڊگهي هجي ٿي. تتر کي جي پاڻي ملي ويو تـ پي ڇڏيندو جي نـ مليو تـ صبح واري ماڪ جا ڦڙا وڻن جي پنن ۽ گاه تان پيئندو آهي. جي ڪاڙهي جو زمين گرم ٿي تـ هن جا پير سڙندا آهن پوءِ ڪنهن وڻ ۾ وڃي ويهي رهندو. جي ڀلا ڪو ڌاريل تتر ڀڄي ويو شڪاري  کان ۽ وڃي جهنگ جهليائين تـ انهي تتر کي جهنگلي تتر ڪڏهن بـ ڪونـ سهندو. انهي سان جهيڙو هوندو، هي جيڪي جهنگ ۾ تترن جا کنڀ پيا اڏندا آهن نـ اهي تتر پاڻ ۾ وڙهندا آهن انهن جا کنڀ هوندا آهن. جيستائين تتر کي سوڻ ٻولائڻ جي ڳالهـ اهي تـ اهي سوڻي تتر تي سائي پاسي يا ڏائي پاسي سوڻ ٻولائيندا آهن. هڪڙي شڪاري ٻڌايو تـ هو راٺي وٽان رڍون پئي ڪاهي ويو اتي ئي راٺي جي ٺڪر سوڻ ٻولايو ۽ چيائين اوهين هڪڙو دفعو ڌڻ ڪاهي واپس ضرور ايندا. سو اسين چار ڏينهن ۾ لاکي ٽوڀي پهتاسين تـ اچي مينهن نيو. هڻي ملڪ ڀريائين اسين اتان ئي مال ڪاهي واپس آياسين.نـ تـ موسم ئي مينهن جي ختم ٿي چڪي هئي. تترن جا هونئن تـ ٻـ قسم آهن اڇڙو تتر ۽ ڪارڙو، تتر اڇڙي تتر ۾ وري هڪڙو ايراني تتر ٿيندو آهي جيڪو عام تتر کان گهڻو ڳرو ۽ وڏو ٿئي ٿو. انهي تتر جي ٻولي تي وري جهنگلي تتر ڪونـ ايندو.اڇڙي تتر جا قسم رنگ سان آهن.هڪڙو تـ شڪاري چون ٿا تتر صفا اڇي ڪبوتر جهڙو هجي ٿو. ٻيو ٿورڙو ڳاڙهو رائي جهڙو ، ٻيو وري ٿورڙو ڀورڙو ٿئي ٿو. سو ايئن اڇڙي تتر جا قسم رنگ سان هوندا آهن.تتر جو گوشت سفيد ٿئي ٿو، پکين ۾ تتر جو گوشت شوق سان کاڌو وڃي ٿو. چون ٿا مرداني طاقت لاءِ بـ تتر جو گوشت ڀلو آهي .کاڌي ۾ هن جهڙو لذيذ ٻي ڪنهن پکي جو گوشت ڪونهي، سواءِ ڀونتري جي. باقي ڳالهـ وڃي ڪرشن ڪولهي پارڪر جي شڪاري ٽوڙي چيائين ايئن ڪيئن ٻڌايان تـ شڪار ڪئين ٿيندو آهي ٿورو هل تـ خبر پوي هي شڪاري تترن جا ۽ انهن جو جهان. بس هي شڪاري بـ شڪار پٺيان پنج پنج ڇهـ ڇهـ ڪوه وڃن ٿا.

jogee_khalid@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو