Home / پروفائيل / تون ڪٿي آهين
above article banner

تون ڪٿي آهين

هن کي ڳولڻ جي خواهش ساه ۾ سانــڍي ،خبر نه آهي ته مون سميت ڪيترا خوابن جا مسافر روز راتين جو سفر ڪندا هوندا  ۽ سندس آلي قبر جو عڪس ذهن جي ڪينواس تان لاهي ساڻس گهاريل حسين يادگيرين جي بتيلي تي سفر ڪندا هوندا. دل ٿي چوي هن خوابن جي شهزادي کي ساروڻين ۾ ڳولجي ؟جيڪو انهن لمحن ۾ گڏ هو جڏهن هڪ ڀيرو  چيٽ جو چنڊ پنهنجي پوري اوج ۽ عروج تي هو.روهئ جي رات ۾ رم جهم روشنيون هڪ نرالي رنگ جو ڏيکاءُ ڏئي رهيون هيون .  هن  سان گڏ جي  اسان  ،خواجه فريد فائونڊيشن جي دعوت تي  جهوڪ  فريد وڃي نڪتا هئاسين .

اسان ان ڏينهن ئي ڊگهو سفر ڪري اچي خواجه غلام فريد جي ان آسڻ تي پهتا هئاسين ،جتي هو پنهنجا هوش حواس عشق جي عقاب  پکئ هٿان هڪ جهڙپ سان جهٽائي اچي وارئ جو دڙو وسائي ويٺو هو.

هن پوءِ پنهنجي ٻڪريون چاريندڙ محبوبه کي ريجهائڻ جي لاءِ شاعرئ جو سهارو ورتو هو. عاشق شاعر جي آسڻ تي ان گهڙئ مدهوش وکون کڻي هورڙيان هوڙيان هلندڙ تنهن  حسن درس  جي من به ۾ ڪا اهڙي ميخ کتل هئي ..


ان ڏينهن هو اڳي جيان هوائن ۾ ٽهڪ ڪونه وکيري رهيو هو پر اداسيء جي آتڻ تي  ڪو سٽ ڪتي رهيو هو .۽ دور درو کان روهيلا جهوڪ فريد ۾ ٽولن جي صورت ۾ گڏ ٿي رهيا هئا .ان شام مقبري جي ساڄي پاسي واري ڀٽ ڀرسان رقص فريدي ۾ حسن درس کي حيدرآباد کان ايترو پري ڏسي ،ساڻس گڏ سنڌ ٽي وي ۾ ڪم ڪندڙ دوست اچرج ۾ پئجي ويا هئا ،پر هو ته ڄڻ جنم جنم کان روهئ جي ريگستان ۾ ڪنهن وڃائجي ويل وجود جي تلاش ۾ محوء رقصان هو ،سو بيخودي مان فريدڻ جي فراق کي ڪاري شال جيان ڪنڌ ۾ اوڍي ائين پئي هليو ڄڻ ته اجهو مشاخ هوٿي جي ميلي تي آيو هجي

.رقص فريدي جنهن به ڏٺو هوندو سو ئي سمجهي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪهڙا ڪيف آهن ؟حسن جي عميق اکين ۾ انهئ جا اولڙا اسان کي به هڪ عجيب ڪيفيت جي جهان جو سير ڪرائي رهيا هئا .هو مسلسل عشق جي بنواس ڀوڳڻ واري رمز تي ڳالهائي رهيو هو.

ويرا واهه جي واري  جهڙي ڀٽ تي حسن درس ان شام جوانئ جي جوڳ تي ڳالهايو ،هن جي اها تقرير اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي . هو نهايت ڪاريگرئ سان  لفظن جي رفوگري ڪري رهيو هو.بدن جي بخين کي لڪائي هلندڙ روحن سان ان رات حسن درس مخاطب هو.

ياد ٿو اچيم ته جيئن ئي رات پنهنجي جوڀن تي آئي ،چنڊ چڙهيو ،تيئن ئي آڏو فقير جي آواز ريگستان جي رات مٿان راڄ ڪرڻ لڳو .اسان جي خانه بدوشن جي خيمن جهڙي من جيئن ئي  اهو آواز جهپڻ شروع ڪيو ته اسان به  اچي انهئ محفل جو وچ ورتو .ساز هوا ۾ گونجڻ لڳا ته“ مون مان ناچ ڀلي اچ نڪري آءٌ رقص ڪرڻ ٿوچاهيان”جهڙين سٽن جي خالق شاعر جي بيخود اندر منجهان ناچ ڪنهن ڪاري واسينگ جيان ڦڻ کڻي نڪري نروار ٿيو . هن دل کولي فريد سائين جي تڪئي تي پنهجي احساسن جو اظهار ڪيو .موبائيل جا بند سگنل ۽ روح جون کليل تارون تنهن رات هن لاءِ ڪنهن پرين جي پار جهريون هيون .ان رات پوئين پهر تيز هوا هلي ۽ ڦڙ ڦڙ ٿئي ۽ مون  صبح اٿي محسوس ڪيو ته اشو فقير جو وسيب چاندي جهڙو اجرو آهي .

اڄ رات انب جي اوٽ منجهان جڏهن آءٌ چنڊ کي چڙهندي ڏسان پيو ته هي لفظ مونکي ان گهڙي جي يادگيري پيا ڏيارين جنهن گهڙئ دراوڙ ڪوٽ جي اجڙيل آثارن سامهون بيهي هن چيو هو ته “ زندگي خود هڪ ڪوٽ آهي “ .چنڊ گرهڻ سنڌ کان پنهنجو محبوب شاعر کسي ورتو .هن جهڙو  آواز ٻڌڻ جي لاءِ هاڻي مسرور ،مظفر ۽ مسعود سميت سندس سمورن يارن کي اسد درس جو نمبر ڊائل ڪرڻو ٿو پوي يا وري  ذڪر يار خاطر انهن پشم جهڙن پهرن جي پاند ۾  ٻڌل ڳالهين جي ڳنڍين کي کولڻو ٿو پوي جيڪي هن جي قربت سندي واس سان معطر آهن .هن تي ڪوشش جي باوجود جي ڪجهه لکي نه ٿو سهگجي ته پوءِ دل ٿي چوي ته روح کي ڪنهن سفر تي کڻي وڃجي .هن جر ڳولا سان ڪجهه هانٰٰء جو بار هلڪو ڪجي .بلڪل ائين جيئن هو ڪڏهن اچانڪ ائين ڪال  ڪري ڪنهن نئين سفر جي لاءِ سنبت ڪرڻ جو حڪم صادر  ڪندو هو ۽اسان  سندس دوست اهو اعزاز ماڻڻ جي لاءِ اتاولا هوندا هئاسين .

مون سميت سڄي سنگت کي اهو سفر ڪيئن ٿو وسري سگهي جڏهن فقيرداد کوسي ۽ شوڪت ميمڻ جي سڏ تي اسان ڪرچات گهمڻ ويا هئاسين .جعفر ميمڻ ،لالا رحمان ،مهيش،اقبال ملاح ،اصغر ڀٽي ،مسرور سومرو  ،قادر جوڻيجو،اسحاق مڱريو،مسعود لوهارسميت ٽيهارو کن دوستن جو قافلو ڪرچات روانو ٿيو .۽ انهي ڪاروان جي اڳواڻي حسن درس ڪري رهيو هو.اسان ڊگهو سفر ڪري جڏهن رات وڃي کير ٿر جي هنج ۾ ويڙهي ته حسن جي پهاڙي حسن جهڙي پدمڻي شاعري اسان جا سڀ ٿڪ لاهڻ لاءِ ڪافي هئي .جابلو فنڪارن جڏهن مورا ڳائڻ شروع ڪيا،ٿڌ جڏهن وڌ ٿيڻ لڳي۽محفل جي وچ ۾ ٻرندڙ مچ اندر ٽانڊا ٽمڪڻ لڳا ته حسن جي آواز ۾ خانم گوگوش جي خماريل وکن ،ڪميت گهوڙن جي ٽاپولين ،جهمپير جي کجين ،ساري سنڌ پرين جي پاڇن،ڪونيا جي ڪيف ۾ رومي جي رقص ۽ دل قلندري جي دم دم ڌمالن جا واڄٽ وڄڻ لڳا .

جيئين اقبال چيو هو ته

قوم ڪيا هئي ،قوم ڪي امامت ڪيا هئ؟

ڀلا ڪيا جاني بيچارا دو رڪعت ڪا اما م،

بلڪل تيئن حسن درس کي  اهي محقق دانشور ڇا سمجهي سگهندا جن لاءِ شيخ اياز پهرين ئي چئي ويو آهي ته ”محقق لفظ انهئ حقي مان نڪتو آهي جنهن جو ڪم ئي گڙ گڙ ڪرڻ آهي “

” رمتا جوڳي رامڪلي ۾ رانول سائين تنهنجا آهيو ن “جهڙيون سٽون ان رات حسن ڪرچات ۾ ارپي رهيو هو ،۽ مون اهي رڪارڊ ڪري يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪري ڇڏيون هاڻي هڪ طرف هن جو آواز گونجي ٿو ته  ٻئي طرف دانشور حقا گڙ گڙ ڪرڻ لڳن ٿا .”وچن فقير جو آواز  حسن جي دل جي صدائون ۽محبوب جون مداحون  بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جهر جهنگ جهونگاريندو رهندو ،۽ حقا گڙ گڙ ڪندا تنهن رک ۾ بک ٿيندا رهندا .

اهو زماني کان وسري ويل دوستن جون سارون ڪيئن لهندو  هو اهو ته ڪير انهئ عطا دل کان پڇي جيڪو ڪيترن سالن کان پيرالائيز ٿي بستري تي پيل آهي پر حسن درس اڄ به هڪ حوصلي جيان هن سان گڏ گفتگو ڪري ٿو .ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو  سوٽ قادر راهئ ،يونس جمالي ،ڊاڪٽر سڄڻ سومرو ۽ چاچا علي محمد انصاري ئي ان ماڻهو جي سيڙجي سارون لهڻ جو ثبوت آهن  ته   هو رشتا نڀائي ڄاڻندو هو  .هن کي رشتن جي مقدس  تنهن تقدس ۾ ڳولجي .

سندس حادثي کان هفتو پهرين جي ڳالهه آهي ، حيدآباد ۾ هڪ دوست جي آفيس ۾ اسان جي ملاقات ٿي . هو نهايت ڪاوڙ ۾ هو،ڇو ته ٿورڙي دير پهرين هو پنهجي هڪ اهڙي پراڻي دوست جي گهران ڀاڀي وٽان ٿي  پئي آيو ،جنهن دوست عورتن جي حقن تي ڊگها ليڪچر ڏيندي ڏيندي نيٺ عورتن جي ئي  حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سوشل  سامرئ جي سحر ۾ اچي ساڻس نه رڳو  ٻي  شادي ڪري ڇڏي پر پهرين گهر وارئ کي بارن سميت گهر ڇڏڻ جو کليل آپشن به ڏئي ڇڏيائين .حسن کي ڀاڀي دانهن ڏيڻ لاءِ گهرايو هو.حسن پنهنجي دوست جي گهر ٻار کي ائين اجڙندو ڏسي اداس ٿي ويو هو . .ڪارونجهر ريسٽ هائوس تي پره ڦٽئ تائين مون سان ڪچهرئ ۾  پنهجي گهر واري ۽ ٻارن کي ياد ڪندڙ مدهوش حسن ،روحل ،چيزل،ردم ۽ ڀاڀي ارم سان جنم جنم جو ساٿ نڀائيندڙ حسن ان وقت واقعي به شدت سان ياد اچي ٿو  جڏهن هن  لاءِ اڄڪلهه ساڳيا  تقرير باز دانشور اچي اهي  فتوائون ٿا صادر ڪن ته ”حسن درس عورتن،گهوڙن ۽ شرابن جو شاعر هو”،

خبر نه آهي ته هو اهو اعتراف ڇو نه ٿا ڪن ته هو سراپا زندگي هو ۽ ان جي رنگن روپن ۽ ڀرمن جو  شاعر هو .سندس شاعري خود زندگي هئي ،جنهن ۾ ڪانڊيري هاري ،پريمون ڪولهئ ۽ عشق جي سنهڙي آر جهڙي آواز تائين  _ فجر ويلي اٿندڙ الله الله جي تنوارن  کان وٺي قلندر تي رقص ڪندڙ رقاصه جي پيرن ۽ ڇيرن جي ڇم ڇم تائين ،فطرت جا سڀ روپ  سمايل هئا. هو هڪ اهڙو  شخص هو ،جنهن پنهنجي گناهن ۽ ثوابن سميت پنهنجي ڀرپور زندگي گذاري ،هو فرشتو ته ڪو نه  هو پر فرشتن جي لباس ۾ لڪيل اهڙن کوڙ اک جي ميرن، گفتار جي غازين کان پوءِ به هزار ڀيرا وڌيڪ رشتن ،ناتن ۽ تعلقاتن  جو ڀرم رکندڙ  هڪ باڪردار  ماڻهو هو.

تڏهن ته اڄ هر اک جي آرسي ۾ پنهجو پنهجو حسن جلوه افروز آهي .نه ڄاڻان ته ڇو هن جو ن ساروڻيون ساريندي مونکي وري به اها ساڳي ڪوهستان جي  رات من تي تري ٿي اچي.

انهئ رات دير تائين محفل هلي ۽ اڃا اک مس لڳي هئي  ته سنگت اچي اٿاريو ته هلو ۽ هلي کير ٿر جي چوٽين تان اڀرندڙ سج به ڏسو ۽ گڊ به ڏسو.اقبال ملاح سميت اسان جهڙا اڪثر دير تائين سمهندڙ سڀاڳا  به ان گهڙي اکين ۾ ننڊ جا کيپ ڀري روانا ٿيا .گڊ ولر ڪري ڊوڙي رهيا هئا ۽ حسن معصوم ٻارڙن جيان نهايت محبت منجهان انهن کي تڪي رهيو هو.سوچيان ٿو ته مشائخ جي مٽي ۾ جيڪو لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ جسم دفن ڪيو هئوسين سو ڪو ٻيو هو .هو ته اتي کير ٿر جي منظرن ۾ رهجي ويو ۽ هاڻي روز صبح ساڻ انهن جي قطارن ساڻ رونشا ڪندو ٽپندو ڪڏندو هوندو يا ته سانولي فقير  جي سفر ۾ سمنڊ ساڻ رهاڻيون ڪندي ،جتن جي وائين ۾ “وڃايم پير پنهون جو “ جو صدائون ڏيندو هوندو .ان ڏهاڙي جڏهن اسان کاري ڇاڻ کان نڪتا هئاسين ته اسان کي لهندڙ سج سمنڊ وٽان نظر آيو .هو جيڪو جاڳ جي ٻيڙي پرزا ٿي پوڻ جو سنيها ڏيندي شاهبندر کان نه سمهڻ جا سبب پيو پڇندو هو تنهن ان  رات سانولي فقير جي ميلي تي رات دير تائين سرندي تي سسئي جا سور ٻڌا،عبدالله جت کان ڀٽائي ٻڌو،عبدالله مرگهر کان رومي جي شاعري ٻڌي ۽ پوءِ ولهه واسيل رات ۾ ڪنهن بابو بيکاري جيان سمهي پيو . سمنڊ مٿان ستارا چمڪي رهيا هئا ،هو گهري ننڊ ۾ ستل هو ۽ مسعود لوهار هن مٿان اوڇڻ ٺاهي رهيو هو .مون محسوس ڪيو ته هو سندس سمورن دوستن جي لاءِ محبوب به آهي ته هڪ معصوم ٻار جهڙو روح پرور به آهي .ان ڏينهن جڏهن صبح منجهان اسان اتان نڪرڻ جي ڪري رهيا هئاسين ته هن طبيعت خراب هئڻ جي ڪري  ڏاڍي دير به لاٿي .غلام حسين خواجي جو اسرار هو ته وير چڙهي ان کان پهرين نڪري هلون پر هن جا پير ئي نه پيا  ٿين ته ڪو  هتان نڪرجي . سوچيان ٿو هو اتي ته ڪونه رهجي ويو؟ يا هن کي هلي ڳولجي ورڙن جي ان واٽ تي جتي ڊسمبر جي هڪ  سرد رات  ۾ دير تائين هن ويهي ”لڳي ويو لاڙ سان آ لئون ،اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون“جي رمز تي رهاڻ ڪئي  هئي.هن ان ڏينهن  ساڻس  حاجي سائينڏني ملاح ۽ صالح محمد ورڙ جي سنگت کي ساريندي” پراڻي عشق پوڙهي جي وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي ”واري سٽ چئي ته سندس اکيون ڪنهن جوهرئ جيان جوانين جيان جڙڻ لڳيون. هو پهريون دفعو لاڙ مقبول نظاماڻئ سان گڏجي ورڙن جي ڳوٺ آيو هو،۽ هتي اڻ ڳڻين عاشقن جو محبوب بنجي ويو. لاڙ جي لوڻاٺيل رات ۾ سندس آواز گونجڻ لڳو هو  ،

پکي پرديس جا ، سورج پرن پويان  لڙي  ٿو  پيو

ورڙ ان واٽ تي ويٺل اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو .

عمر جي آڱرين مان ڏس ڦلي وانگر ڇڻون ٿا پيا

سڄڻ سگريٽ سستي جيان سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو .

وطن ۾ بي وطن معشوق عاشق جو ملڻ ڪهڙو؟

زمانو زور تي تڙ تا ن تماچين کي تڙي ٿو پيو .

هن ته ڪاسبي جي نابين يوسف فقير سان به هڪ واعدو ڪيو هو ته هيل جڏهن سانوڻ ايندو ته اسان سڀ وري عباس کوسي سان گڏجي ڪارونجهر اينداسين ۽ پوري رات رهاڻ ڪنداسين .ها پر نمورين جي واس ۾ هن تنهن مڱڻهار فقير کان سر سارنگ به ٻڌو هو ۽ ڪا گهڙي هارمونيم تي رقص ڪندڙ سندس آڱرين ۾ گم ٿي ويو هو .زندگي ساٿ ڏنو ته هن کي انهن آڱرين ۾ به ڳولينداسين يا وري کيس ڪينجهر جي لهرن تي ترندڙ انهي اجري عڪس ۾ جانچينداسين جتي هن بي انت رومانس جي رنگت ۾ اچي دلڪش بدن سمندر  وارو نظم ٻڌايو هو ۽ ڪا رات محمد حنيف ۽ وسعت الله خان کي اهڙي به عطا ڪئي هئائين جو هو تڙ تي تماچي بنجي،پنهنجي پنهنجي نوري کي نورا پائي  لهرون لهرون  ٿي نچڻ تي مجبور ٿيا هئا.

هو منظرن جو شاعر هو،۽ سندس آواز ۾ دارون جي مستي هئي تڏهن ته هن ان رات به ڪارونجهر تي محفل لٽي ورتي جڏهن سندس آواز گونجيو ته ،

اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون ،سمو ڪنهن سار وانگي هو

لڙيو   پئي   لاڙ  تان  سورج  مهاڻي  ٻار  وانگي      هو.

وڻن تي ڪانگ هئا ويـٺل،ڳلئ مان ڳئون پئي آيون

پرايو   ڳوٺ  هو  ليڪن  پرين جي    پار وانگي  هو .

صفا سنسان مندر ۾ جڏهن سانجهي ملي مونسان

اتي آواز سنهو_ عشق جو ڪنهن آر وانگي هو.

مڇئ جي اک مان ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي

لڙاٽيل وقت ۾ لمحو لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.

هوائن تي هليس آءُ،نظر ڪجهه ڪونه ٿي آيو

سڄڻ رستو سڄو تنهنجو سنهئ ڪنهن تار وانگي هو.

هن کي روهي جي رات ،نريڙئ جي نيرڳين .عطا دل جي اکين ،رڻ جي راهن ،جتن جي هوڪرن ،ڪارونجهر جي ڪولهين ،کير ٿر جي مورن ،مير مهمد لنڊ جي نڙ جي آلاپن ،يوسف فقير جي آڱرين،سرندين جي سرن ، ،سلطان جوڻيجي  ۽ اصغر ڀٽئ  جي ڪچهرين ،بدين شهر جي گلين ،شاه پنجي جي واٽن ،جهپير جي کجين ۾ ڳوليندي ڳوليندي اگر وري جي پنهنجي آس پاس نهاربو ته هو ٽهڪ ڏيندو ٽڙندو ڪاري شال ڪلهن ۾ اوڍي سامهون نظر ايندو ۽ اوچتو لوهه پائي وري ڪنهن چنڊ گرهڻ ۾ گم ٿي ويندو .۽ دل بي اختيار هن کان سوال ڪرڻ لڳندي ته ”تون ڪٿي آهين ؟“

هلو ته هن جي تلاش ۾ سندس شاعري جو سمنڊ  جهاڳڻ هلجي .

تون ڪٿي آهين ….

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو