Home / ڪور افيئر / ذوالفقارآباد رٿا ۽ سياسي طوطن جون چالون
above article banner

ذوالفقارآباد رٿا ۽ سياسي طوطن جون چالون

محمد خان سيال يارهين جولاءِ جون اخبارون پڙهي، پل کن لاءِ پنهنجين اکين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته سنڌ خاص ڪري ٺٽي ضلعي کان چونڊيل عوامي نمائندن ۽ حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عهديدارن نه رڳو نئين رٿيل

شهر ذوالفقار آباد جي فائدي ۾ ، صدر آصف علي زرداريءَ جي موجودگيءَ ۾ ‘ذوالفقار آباد کپي’ جا نعرا بلند ڪيا پر فرمايو ته ذوالفقار آباد جا مخالف سنڌ جي ترقيءَ جاويري آهن. جڏهن ته اهو پراجيڪٽ، سندن دعوى موجب سنڌ ۾ خوشحاليءَ جو نئون دور آڻيندو، نه رڳو ايترو پر سيمينار ۽ عوامي رابطن ذريعي هو گڏجاڻيون ڪري، ذوالفقارآباد رٿا جا فائدا عوام کي به ڳڻائيندا. پيپلز پارٽيءَ جي عوامي چونديل نمائندن توڙي پارٽي عهديدارن ۾ ذوالفقارآباد رٿا لاءِ اوچتي محبت جاڳڻ جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا. هڪ ته اهي ويچارا ۽ معصوم نمائندا ذوالفقارآباد جي فائدن کان اڳ اڻ ڄاڻ هئا، جڏهن کين ذوالفقارآباد ٺهڻ جا فائدا اوچتو ٻڌايا ويا ته منجھن احساس ٿيو ته مار! هت ته خوشحاليءَ جو دور اچڻ وارو آهي پر صدر زرداريءَ جي بريفنگ کان اڳ، شايد کين اهڙي خبر ئي ڪانه هئي. بھرحال، اها خبر ويچارن کي ‘ڏاڍي دير سان پئي’ يا ٻيو سبب اهو ٿي سگھي ٿو ته ٺٽي ضلعي جي عوامي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ پ عهديدارن، صدر آصف علي زرداري سان پنهنجي وفاداري ۽ نمڪ حلالي ڏيکارڻ لاءِ انهيءَ رٿا جي واکاڻ ۾ ڪلما پڙهڻ شروع ڪيا آهن ۽ ساراهه ۾،  زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيا اٿن، پوءِ سنڌي عوام ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ته ڀلي ٿئي تن سان سندن ڪهڙو واسطو؟ رڳو بادشاهه نه ڏمريَ، پنج ڪرُوڙ سنڌي وڃن جھنم ۾!

ٺٽي جي عيوضين کان اها ڳالهه به وسري وئي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سال 1972 ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ جي هنگامن دوران تقرير ڪندي چيو هو ته: جيڪڏهن سنڌي، ريڊ انڊينس وانگيان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿي ويا ته اهو تاريخ ۾ وڏو ظلم ٿيندو!، مان سمجھان ٿو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا اهي لفظ، پ پ پ جي اڳوڻي ايم.اين.ايَ بابو غلام حسين جهڙن ماڻهن جيڪي شهيد ڀٽي جي وقت ۾ سرگرم هئا، تن کان اڄ به نه وسريا هوندا، جيڪڏهن ائين آهي ته اهڙن ماڻهن جيڪي شهيد ڀٽي جي وقت ۾ پارٽيءَ ۾ سرگرم هئا، سي اڄ اهي سڀ ڳالهيون ڇو وساري ويٺا آهن ته شهيد ڀٽي سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ بابت ڪهڙا خدشا ظاهر ڪيا هئا؟ يا وري اهڙن ماڻهن مصلحت جا کوپا پنهنجن اکين تي چاڙهي ڇڏيا آهن پر سندن ضمير  ڪڏهن ڪڏهن کين چھنڊڙيون ته ضرور پائيندو هوندو!

هاڻ اچو ته پ پ پ جي ڪجھه عهديدارن جون ڳالهيون ٻڌون ته انهن ڇا فرمايو آهي؟، پ پ پ جي اڳواڻ ارباب وزير ميمڻ جو فرمان هو ته ذوالفقارآباد سبب ٺٽي جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيندا، صنعتون لڳنديون ۽ مڪاني ماڻهن کي روزگار ملندو. صوبائي وزير صادق علي ميمڻ جو فرمان هو ته قومپرست هرو ڀرو هاءِ گھوڙا ڪن ٿا، انهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪرائبا. اڳوڻي ايم.اين.ايَ بابو غلام حسين جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري، ٺٽي جي عوام تي وڏو احسان ڪيو آهي، ان کي ڪالاباغ ڊيم وانگيان سياسي اشو نه بڻايو وڃي. ان رٿا جي پٺڀرائيءَ ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۽ گھر گھر مهم هلائينداسين. اهي به خبرون ڇپيون ته 15 مڪاني صحافين سميت پ پ پ جي ضلعي عهديدارن جي ڪل 60 ميمبرن صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي پر ڪنهن به ذوالفقارآباد رٿا بابت پنهنجا خدشا ڪونه ڏيکاريا، شايد 60 جا 60 ماڻهو ذوالفقارآباد رٿا جي ٺهڻ ۽ سنڌين جي ٿورائيءَ ۾ بدلجڻ  جا حامي هوندا، پر اهو به ٿي سگھي ٿو ته اهڙن ماڻهن جو ضمير شايد ننڊ ۾ سمهي رهيو هجي، تنهن ڪري انهن تي ڪھڙي ميار! ذوالفقارآباد رٿا جي پٺڀرائيءَ ۾ ارباب وزير ميمڻ، بابو غلام حسين ميمڻ ، صوبائي وزير صادق ميمڻ، عثمان جلباڻي، غلام قادر پليجيَ ۽ ٻين ڳالهايو جڏهن ته عبدالواحد سومريَ، حميرا علواڻي ۽ رخسانا شاهه کي نه گھرايو ويو. سنڌ جي  وزير سسئي پليجيَ کان علاوهه شيرازي گروپ جي ڪنهن ميمبر به شرڪت نه ڪئي. سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جو فرمان هو ته سسئي پليجي جي شرڪت  نه ڪرڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ڇاڪاڻ ته سندس والد غلام قادر پليجي گڏجاڻيءَ ۾ موجود هو. ڪجھه ڏينهن اڳ پ پ پ سنڌ جي اڳواڻ تاج حيدر، ذوالفقار آباد تي بريفنگ ڏني هئي، سندس فرمان هو ته سنڌ جي ماڻهن کي آئيني گارنٽيون ڏئي سگھجن ٿيون.

هاڻ اچو ته پ پ پ جي عهديدارن جي بيانن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪريون ته جيئن مامري جي تهه تائين پهچي سگھون.

ارباب وزير ميمڻ جو فرمان آهي ته ذوالفقار آباد سبب ٺٽي جا ماڻهو سکيا ستابا ٿيندا، صنعتون لڳنديون ۽ مڪاني ماڻهن کي روزگار ملندو، واهه سائين واهه، سڀ کان اڳ اسان ارباب وزير کان پڇنداسين ته دنيا جي ڇهين وڏي انڊس ڊيلٽا تباهيءَ جي ڪناري تي پھتي آهي ۽ سنڌ سرڪار اٽڪل ٽي ورهيه اڳ دوري تي آيل سينيٽ جي ڪاميٽي جنهن جي سربراهي سينيٽر لشڪري رئيساڻي (بلوچستان) ڪري رهيو هو تنهن کي سرڪاري طور ٻڌايو ويو هو ته عربي سمنڊ (سنڌي سمنڊ) جو خشڪيءَ تي ڪاهه ڪندڙ پاڻي اٽڪل 27 لک ايڪڙ زمين بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ تباهه ڪري ڇڏي آهي ۽ اهو ظلم اڃا به جاري آهي. جڏهن ته پاڻي جو 1991 وارو ٺاهه، اٽڪل 22 ورهيه اڳ ٿيو هو جنهن هيٺ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم.اي.ايف پاڻي ساليانو ڇڏڻو هو پر پنجاب جي اجائي هوڏ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ ان کان علاوهه ڪوٽڙي ۽ عربي سمنڊ (سنڌي سمنڊ) جي وچ۾ 145 ڪلوميٽرن جي پٽيءَ تي رهندڙ 26 لک سنڌي اڃ ۽ بک مري رهيا آهن.

ڪجھه وقت اڳ، سنڌ اسيمبلِيءَ جي اسپيڪر نثار کهڙي، پاڻي جي کوٽ (هٿرادو) سبب 26 لک انسانن (سنڌين) جي اڃ ۽ بک مرڻ بابت بيان به ڏنو هو پر ارباب وزير، بابو غلام حسين، صادق ميمڻ، شرجيل ميمڻ، عثمان جلباڻي، غلام قادر پليجو وغيره جيڪي انڊس ڊيلٽا جي تباهيءَ تي ورهين کان چپن تي چُن لائي ويٺا آهن ، سي سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري ٺٽي جي عوام کي ٻڌائين ته پ پ پ جي هاڻوڪي سرڪار ساڍن چئن ورهين دوران پنهنجي دور ۾ پنجاب کان 10 ايم.ايَ.ايف ساليانو پاڻي نه وٺي انڊس ڊيلٽا کي تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، ان کي بچائڻ لاءِ هنن ڇا ڪيو آهي؟ جڏهن حقيقت اها آهي ته سکڻن بيانن جاري ڪرڻ کان علاوه انهن ڪجھه به نه ڪيو آهي ته پوءِ هو ڪهڙي منهن سان عوام وٽ ويندا ۽ کين ٻڌائيندا ته ذوالفقار آباد جي ڪري سنڌ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون ننديون وهڻ لڳنديون. ڇا عوام کانئن اهو ڪونه پڇندو ته انڊس ڊيلٽا ۾ ايڏي وڏي تباهي آئي آهي، ان کي بچائڻ لاءِ پ پ پ سرڪار ڪجھه به نه ڪيو آهي، سا وري سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندي؟ ۽ پ پ پ جي اهڙن واعدن تي ڪهڙو اعتبار؟

تاج حيدر آئيني گارنٽين ڏيڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، سا سنڌ جي عوام جي اکين ۾ سرمو پائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي يا کڻي ائين چئجي ته سنڌين کي لالي پاپ ڏيکارڻ جي هڪ ڪوشش آهي. نه ته سڀني کي خبر آهي ته جڏهن اسٽيل ملز ٺهي هئي ته ان وقت به حڪومت، مڪاني ماڻهن کي نوڪرين ڏيڻ جا ڏاڍا دم دلاسا ڏنا هئا جيڪي پنهنجون زمينون اسٽيل ملز کي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هئا،  حڪومتي گارنٽيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ سا اسان سڀني کي خبر آهي! جيڪڏهن تاج حيدر، بابو غلام حسين، ارباب وزير ميمڻ، صادق ميمڻ، شرجيل ميمڻ وغيرهه کي خبر ناهي ته سندن ڄاڻ تي ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو، هونئن به هن ملڪ ۾ آئيني گارنٽيون ڪهڙي ڪم جون، انهن تي نه ڪڏهن عمل ٿيو آهي، نه ٿيندو ؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن ملڪ ۾ آئين جي ٽوڙيندڙن کي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪجھه ڪونه چيو ويو ۽ کين تحفظ ڏنو، اٽلندو  آئين جي خالق کي بيگناهه ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، سو آئيني گارنٽيون، سنڌين لاءِ لالي پاپ کان علاوهه ڪجھه به ناهن، سنڌ جا ماڻهو پاءُ اٽي جو کائن ٿا ۽ دوست ۽ دشمن جي فرق کي سڃاڻن ٿا، رهيو ٺٽي جا پ پ پ ليڊر جھڙوڪ بابو غلام حسين، ارباب وزير، صادق ميمڻ، عثمان جلباڻي وغيره سي عوام کي گھڻو وقت بيوقوف بڻائي نه ٿا سگھن.

بابو غلام حسين ته ٻه رتيون اڳتي وڌي ويو آهي. فرمائي ٿو ته ذوالفقارآباد کي ڪالاباغ ڊيم وانگيان سياسي اشو نه بڻايو وڃي، شايد بابو وساري ويٺو آهي ته  سندس اڳواڻ شهيد بينظير  ڀٽي، ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪمون شهيد تي ڌرڻو هنيو  ۽ اهو به چيو هئائين ته جيڪڏهن تڪراري ڪالاباغ ڊيم پنجاب ۾ ٺهيو ته سنڌ رڻ پٽ ٿي ويندي. هاڻ بابو صاحب فرمائي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم کي سياسي اشو بڻايو ويو آهي جيڪو سياست  جي ور چڙهي ويو آهي، سبحان الله! ٻين لفظن ۾ ڪالاباغ ڊيم واري رٿا درست هئي پرشهيد بينظير ڀٽي جو موقف غلط هو. افسوس ته بابوءَ جهڙا ماڻهو، خوماشد ۾ اصول پرستيءَ جا ليڪا لتاڙي ڇڏين ٿا ۽ سنڌ جي مفاد کي هر وقت تين وال ڪرڻ لاءِ آتا آهن، رڳو اشاريَ ملڻ جي دير آهي. ذوالفقارآباد جي حمايت ۾ گھر گھر مهم هلائڻ کان اڳ،  ارباب، بابو، صادق ميمڻ، عثمان جلباڻي وغيرهه عوام کي اهو به ٻڌائن ته هنن انڊس ڊيلٽا کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ هن وقت تائين ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن؟

مان ٺٽي جي عوام کي دل جي گھراين سان گذارش ڪريان ٿو ته جڏهن به ارباب وزير ميمڻ، بابو غلام حسين، صادق ميمڻ، عثمان جلباڻي وغيرهه جهڙا ماڻهو ذوالفقار آباد واري رٿا جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وٽن اچن ته هو کانئن پڇن ته پ پ پ سرڪار، 20 ورهيه گذرڻ جي باوجود، 1991 ـ پاڻي ٺاهه تي ڇو نه عمل ڪرائي سگھي آهي جو سنڌ سرڪار پاڻ چوي ٿي ته ٺٽو ۽ بدين ايندڙ 20 ورهين (هاڻ 17 ورهيه) ۾ غرق ٿي ويندا؟ سنڌ ۾ ماحولياتي الميو جنم وٺي رهيو آهي ۽ 26 لک ماڻهو ڪوٽڙي ۽ عربي سمنڊ جي وچ واري پٽي تي اڃ ۽ بک مري رهيا آهن ته پ پ پ سرڪار گذريل ساڍن چئن ورهين ۾ ، اهي مسئلا نبيرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ جو هاڻ سندن ڪوڙن واعدن تي اعتبار ڪريون. جيستائين نوڪرين جي گارنٽيءَ جو سوال آهي، پ پ سرڪار پهريان ته پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ڪراچيءَ جي ٻين ادارن ۾ سنڌين کي نوڪرين جي مڪمل ڪوٽا وٺي ڏئي ۽ پوءِ ذوالفقار آباد تي ڳالهائي، سکڻا بيانن جاري ڪرڻ سان سنڌ جا مسئلا نه نبيريا آهن ۽ نه ئي وري نبيربا.

صدر زرداري اها به دعوى ڪئي آهي ته ذوالفقارآباد ۾ ڌارين کي آباد نه ڪبو، هڪ ته آئين ملڪ اندر ڪنهن به حصي ۾ آباد ٿيڻ کان روڪي ڪونه ٿو، ٻيو ته اهڙيون دعوائون ڪرڻ وارا ٻڌائين ته ملڪ اندر هن قت 60 لک غيرملڪي غير قانوني طور رهن ٿا، تن کي تڙي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هنن ڇا ڪيو آهي، جو هاڻ ڪندا؟ پهريان ڪراچيءَ مان ته ڌارين کي ڪڍي ڏيکارين، پوءِ ڳالهائين ته خبر پوي ته گھڻين ويهين سو آهي؟
ٻئي طرف، چين جي سرڪار ، ذوالفقار آباد رٿا  جي مخالفت تي ڳڻتي ڏيکاري آهن، جنهن ڪري پ پ پ سرڪار، عوامي رابطي واري مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، نه ته پ پ پ سرڪار، سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم جاري رکي ها ۽ عوام جي راءِ جي هرگز پرواهه نه ڪري ها!
اهو درست آهي ته ذوالفقار آباد ميگا سٽي ٺهڻ جي ڪري ، وڏيون صنعتون لڳنديون ۽ هزارين جي انگ ۾ ماڻهو روزگار حاصل ڪندا پر اهو سڀ ڪجھه ڌارين لاءِ هوندو، جيئن سنڌ جي تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ آهي. جڏهن ته مڪاني ماڻهن (سنڌين) کي پٽيوالي ۽ ڪلرڪي جون ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪريون ضرور ملنديون، باقي ٿيو خير! ذوالفقار آباد درحقيقت سنڌي عوام کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گَھرِي سازش آهي، انهيءَ اسڪيم جي پويان اربين روپين جا اسڪينڊل لڪل آهن، افسوس ته اهو ڪُڌو ڪم پ پ پ سرڪار ڪري رهي آهي، جيڪا سنڌ جي عوام جي ووٽن تي چونڊيل آهي، بهرحال، پ پ پ سرڪار کي ڪو اهڙو ڪم ڪنهن به صورت ۾ نه ڪرڻ گھرجي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويزن جي خلاف هجي.
شهيد ڀٽي ته سنڌين جي ٿورائيءَ وارن خدشن کي اڄ کان چاليهه ورهيه اڳ سمجهي ورتو هو. ائين ٿو لڳي ته پ پ پ سرڪار ، شهيد ڀٽي جي ويزن کي قتل ڪرڻ لاءِ ڳنڍ ٻڌي بيٺي آهي جيڪا نندڻ جوڳي ڳالهه آهي، سنڌ جي عوام کي ، ڪنهن اهڙي سازش جو حصو بڻجڻ نه گھرجي، جنهن جو مقصد سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ هجي. ڀلي پ پ پ سنڌ جا ڪجھه اڳواڻ پنهنجي ضمير جو سودو ڇو نه ڪن، عوام سجاڳ رهي ۽ سنڌ ـ دشمن رٿائن جي پوري سگھه سان مخالفت ڪري!

mksial@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو