Home / افيئر / ذوالفقار آباد:هڪ تڪراري رٿا
above article banner

ذوالفقار آباد:هڪ تڪراري رٿا

ذوالفقار آباد جنهن کي شروع ۾ جهرڪ شهر جو نالو ڏنو ويو ، ان جو ذڪر پهريون ڀيرو 2009ع ۾ ٻڌو ويو. انهيءَ رٿا کي اڳتي هلي ٺٽي ضلعي ۾ وڌيڪ ڏکڻ طرف جاتي، شاهه بندر، ڪيٽي بندر۽ کارو ڇاڻ تعلقن ۾ عمل هيٺ آڻڻ جو رٿيو ويو .

 

صدر آصف علي زراريءَ جي صدارت هيٺ 28 جنوري 2011ع تي ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انهيءَ رٿا لاءِ ٺٽي ضلعي جي سامونڊي ڪناري وارن چئن تعلقن اندر 16 لک ايڪڙ ايراضي گهربل هوندي انهيءَ منجهان 12 لک ايڪڙ هن وقت سمنڊ جي ويرن هيٺ آهي. بورڊ آف ريونيو پاران هڪ پريزنٽيشن ۾ ٻڌايو ويو ته هن شهر لاءِ 13 لک ايڪڙ ايراضي استعمال هيٺ آڻي سگهجي ٿي جن مان ٽي لک 60 هزار ايڪڙ ٿڏي تي موجود آهي جڏهن ته 9 لک 60 هزار ايڪڙ سمنڊ مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.


شهر لاءِ ٻه هنڌ تجويز ڪيا ويا. اوليتي ڄاڻايل پهرين هنڌ ۾ جاتي، شاهه بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جا تعلقا شامل آهن. اهي تعلقا سنڌو درياءَ جي ٻنهي پاسن تي آهن. ڌانڌريءَ وٽ ٻنهي ڪنڌين کي جوڙڻ لاءِ 6 ڪلوميٽر ڊگهي پل تجويز ڪئي وئي. پريزنٽيشن ۾ رٿا جي پکيڙ لاءِ امڪاني هنڌن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. جهرڪن جي ڏکڻ اوڀر کان ويندي جاتي شهر جي اترين پاسي تائين جا علائقا انهيءَ ۾ شامل هئا. انهيءَ منجهه ميرپور بٺورو، سجاول، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقا اچي وڃن ٿا. ٻيو امڪاني هنڌ جتي شهر آباد ڪري سگهجي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي وچ وارو علائقو هو.

سنڌ سرڪاري ذوالفقار آباد رٿا لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ لينڊ مينجمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني قائم ڪئي آهي. انهيءَ ڪمپنيءَ هڪ ڌڪ ۾ ٻه لک ايڪڙ هٿيڪا ڪرڻ لاءِ انهيءَ کي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ايراضي قرار ڏئي ڇڏيو. علائقي ۾ ابن ڏاڏن کان آباد مهاڻن انهيءَ قدم جي رد عمل ۾ احتجاج ڪيو. سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين غريب ماهيگير ڪميونٽي جي آواز سان آواز ملايو. نتيجي ۾ سنڌ سرڪار کي قدم جهلڻا پيا ۽ قبضا ڇڏائڻ جي نالي تي ٿيندڙ اها ڪارروائي بند ڪئي وئي.

ذوالفقار آباد جا حامي انهيءَ کي 1995ع واري ڪيٽي بندر رٿا سان ڀيٽي انهيءَ جي حق ۾ دليل ڏين ٿا. بينظير ڀٽو جي ٻين حڪومت ۾ ڪيٽي بندر رٿا پيش ڪي وئي پر انهيءَ کان پوءِ ٻيون ڀيرو اقتدار جون واڳون سنڀاليندڙ نواز شريف جي دور ۾ اها رٿا سياسي انتقام جي ور چڙهي وئي. ڪيٽي بندر واري رٿا جا اهم جز هي هئا. (i) بجلي جي پيداوار لاءِ 5280 ميگاواٽ جو پلانٽ (ii)ڪراچي کان 148 ڪلوميٽر فاصلي تي ڪيٽي بندر وٽ اُونهي بندرگاهه (iii) ٿر جي ڪوئلي مان لاڀ (iv) جنگشاهي کان اسلام ڪوٽ تائين ريلوي لائين جي اڏاوت (v) ڄامشوري کان ڪيٽي بندر تائين بجلي جي ٽرانسميشن لائين وڇائڻ. ڪنساليڊيٽڊ اليڪٽرڪ پاور ايشيا (CEPA) سان رٿا بابت ٺاهه پڻ ٿي ويو هو پر 1996ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ئي ختم ڪئي وئي ۽ نواز شريف 1998ع ۾ انهيءَ رٿا کي ختم ڪري ڇڏيو. هڪٻئي سان ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي هوندي به ڪيٽي بندر ۽ ذوالفقار آباد مختلف رخن ۾ هڪ ٻئي کان الڳ رٿائون آهن. ڪيٽي بندر رٿا لکين آبادي وارو وڏو شهر وسائڻ جو منصوبو نه هو. اها علائقي اندر معاشي ترقي ۽ روزگار موقعا پيدا ڪرڻ جي رٿا هئي، جنهن مان اصل آبادي جي مفادن ۽ سنڌ جي آبادي واري نازڪ توازن کي ڪو خطرو نه هو. سڀ کان اهم ڳالهه ته انهيءَ وقت خطي جو سياسي منظر نامو به مٽيل هو. 11/9 نائين اليون کان اڳ واري صورتحال ۾ آمريڪا ۽ چين جا هندي وڏي سمنڊ ۾ مفاد به ساڳيا نه هئا. هاڻي سنڌ مان ڌار صوبي جي آواز ذريعي پنهنجن مفادن جون ڳيجهو ڌريون پڻ چرپر ۾ آهن ۽ انهن جون نظرون قدرتي وسيلن سان ڀريل سامونڊي ڪناري تي کتل آهن. 1998ع واري آدمشماري واري تناظر ۾ آبادي جي توازن جي حساسيت اڃا به کلي آڏو اچي رهي آهي ۽ اهو سنڌ جي رهاڪن لاءِ ڳڻتي جو مک سبب بڻجي ويو آهي. انهيءَ لحاظ کان ذوالفقار آباد جي ڀيٽ ڪيٽي بندر رٿا سان نه ٿي ڪري سگهجي.

رٿا کي هلائڻ واسطي سنڌ سرڪار 2010ع ۾ منظور ڪيل زيڊ ڊي اي ايڪٽ تحت هڪ خودمختيار ادارو ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪيو

اخباري خبرن موجب انهيءَ رٿا هيٺ ڪا به اسڪيم منظور ڪرڻ جو اختيار انهيءَ اداري کي حاصل آهي ۽ کيس ان ڏس ۾ رٿابندي ۽ ترقيات واري صوبائي کاتي کان منظوري وٺڻ جي ضرورت به نه آهي. اٿارٽي جي هڪ اعلي اختياراتي ڪميٽي کي سمورا فيصلا ڪرڻ واسطي اختيار مليل آهن. سنڌ صوبي جو چيف سيڪريٽري انهيءَ اٿارٽي جو هڪ عام ميمبر هوندو. علامتي طور ان جو سربراهه وڏو وزير آهي ۽ عملي طور انهيءَ کي مينيجنگ ڊائريڪٽر هلائي ٿو جيڪو هن وقت هڪ اڳوڻو فوجي آهي. مينيجنگ ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) افتخار حسين شاهه ۽ ڊائريڪٽر آپريشنز شوڪت علوي ٻنهي وٽ سنڌ جو ڊوميسائل ڪونهي ۽ سنڌ سول سرونٽس رولز 1974ع موجب کين سنڌ حڪومت ۾ ڪنهن عهدي تي مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. ماهوار 9 لک روپيا پگهار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪندڙ مينيجنگ ڊائريڪٽر کي شهري رٿابندي يا انجنيئرنگ جو ڪو لاڳاپيل تجربو ڪونهي. اها سنڌ ۾ پنهنجي قسم جي واحد ترقياتي رٿا آهي جنهن بابت سمورا فيصلا صدر پاڪستان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاسن ۾ ڪيا ويا آهن. شهر جي رٿابندي ۽ ان تي عمل درآمد ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو عملي ڪردار نه آهي.

سنڌ سرڪار جي دعويٰ آهي ته چين هن وڏي شهر جي اڏاوت لاءِ سيڙپ ڪندو. چين هن رٿا ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري آهي. چين جي سيڙپڪارن جو وفد صدر سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪري چڪو آهي جيئن هن رٿا جي اهم ٺيڪن کي حاصل ڪري سگهجي. صدر پڻ ويجهڙائي ۾ چين جو دورو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن چيني ڪمپنين وسيلي هن رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون. روزاني ڊان ۾ 25 آگسٽ 2011ع تي ڇپيل هڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو هيو ته چيني ڪمپنين ذوالفقار آباد ۾ هڪ اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي آهي. اها 15 سالن واري رٿا پنجن پنجن سالن جي ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

چين جا هن علائقي ۾ اسٽريٽجڪ مفاد آهن. چين جي“موتين مالها (String of Pearls)”جي نالي سان جوڙيل حڪمت عملي جو مقصد هن علائقي ۾ پنهنجو اقتصادي ۽ فوجي مفادن کي هٿي وٺرائڻ آهي. دنيا جي ٻين وڏي اقتصادي طاقت چين هرموز جي سامونڊي لنگهه کان ملاڪا جي سامونڊي لنگهه تائين فوجي ۽ معاشي اهميت رکندڙ علائقي ۾ پنهنجي اقتصادي ۽ فوجي چڱ مڙسي قائم ڪرڻ گهري ٿو. هندي وڏي سمنڊ جي هڪ ڇيڙي تي موجود هرموز واري سامونڊي لنگهه مان ڪچي تيل جي 40 سيڪڙو چرپر ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻي ڇيڙي تي موجود ملاڪا واري سامونڊي لنگهه مان دنيا جا 50 سيڪڙو واپاري ٻيڙا لنگهن ٿا. ياد رکڻ گهرجي ته چين گوادر بندر واري رٿا لاءِ رقم فراهم ڪندڙ مک ملڪ هو ۽ انهيءَ رٿا ۾ بندرگاهه سان گڏ هڪ وڏي شهر جي اڏاوت پڻ شامل هئي. چين 250 ملين ڊالر واري  گوادر رٿا لاءِ 80 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ موڙي فراهم ڪئي. گوادر رٿا ۾ سهڪار انهيءَ ساڳي حڪمت عملي جو حصو سمجهيو وڃي ٿو جيڪا رٿا بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب ڪامياب نه ٿي سگهي. چيني انجنيئرن کي پڻ گوادر ۾ نشانو بڻايو ويو. اهو خيال پڻ موجود آهي ته آمريڪا چين سان مهاڏو اٽڪائڻ چاهي ٿو ته جيئن علائقي ۾ سندس سپر پاور بڻجڻ واري خواب کي ساڀيان ٿيڻ نه ڏجي. گوادر عربي سمنڊ، هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ هلندڙ انهيءَ سرد جنگ جو شڪار بڻجي ويو. گوادر ۾ پير نه ڄمائي سگهڻ کان پوءِ سمجهيو اهو پيو وڃي ته چين ان جي متبادل طور ذوالفقار آباد جي اڏاوت جي خواهش رکي ٿو. جيڪڏهن اهو خيال ٺيڪ آهي ته پوءِ اهي امڪان پڻ موجود آهن ته چين کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ سنڌ ۾ به بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهجي ٿي. نتيجي طور انهيءَ جي قيمت پڻ سنڌ جي عوام کي چڪائڻي پوندي.

سامونڊي ڪناري کي سڄي دنيا ۾ ڪاروباري مقصد خاطر سيڙپ لاءِ بهترين هنڌ سمجهيو وڃي ٿو ڇو ته اتي رهائش، سياحت،صنعت ۽ واپار جا موقعا هوندا آهن. دنيا جون سڀ کان مهانگيون رهائشي اسڪيمون سامونڊي ڪناري وارن شهرن ۾ اڏيون ويون آهن. زمين تي آباد 3 ارب ماڻهو سامونڊي ڪناري کان 200 ڪلوميٽر تائين مفاصلي تي رهن ٿا. دنيا جا 17 مان 14 وڏا شهر سامونڊي ڪناري تي آباد آهن. اها ترقي گهڻو ڪري انهن علائقن جي مقامي ماڻهن کي قربان ڪري حاصل ڪئي وئي آهي. انهيءَ ڏس ۾ سول سوسائٽي هن رٿا جي سماجي ۽ ماحولياتي اثرن تي شديد خدشا ظاهر ڪيا آهن. سامونڊي ڪناري تي موجود انهن ڳوٺن منجهان هزارين ماڻهن جي زبردستي نيڪالي ظاهري طور گهڻو پري نظر نه پئي اچي.

زيڊ ڊي اي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر چين جي شهر شين زين (Shenzhen) جهڙو شهر وسائڻ جي خواهش ڏيکاري آهي جنهن جو دورو هو ويجهڙائي ۾ ڪري آيو هو. شين زين ماڊل هڪ ڇرڪائيندڙ حوالو آهي. ان شهر بابت مختصر ڄاڻ ڪجهه هن ريت آهي. وڪي پيڊيا موجب شين زين، چين جي ڏاکڻي صوبي گوانگ ڊانگ جي ڏکڻ ۾ هڪ مک شهر آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي اتر ۾ واقع آهي. هيءُ علائقو چين جو پهريون ۽ نهايت ڪامياب اسپيشل اڪنامڪ زون منجهان هڪ آهي. ان کي هن وقت انتظامي لحاظ کان سب پراونشل درجو مليل آهي، جنهن کي صوبي کان ڪجهه گهٽ اختيار هوندا آهن. شين زين پرل (Pearl) نديءَ جي ڊيلٽا ۾ هانگ ڪانگ سان لڳو لڳ آهي. اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ٿيڻ کان پوءِ شين زين جي آبادي ۽ ڪاروهنوار ۾ تيزيءَ سان اوسر ٿي. هن وقت شين زين جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، ان منجهان 60 لک ٻين علائقن مان لڏ پلاڻ ڪري آيل ماڻهو آهن. شين زين چين ۾ لڏ پلاڻ وارو سڀ کان وڏو شهر آهي. اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ٿيڻ کان اڳ هتان جي مقامي آبادي ڪينٽونيز (Cantonese) ۽ هاڪا (Hakka) تي مشتمل هئي. 1980ع کان وٺي ٻاهران ايندڙن جي غير معمولي لوڌ هن شهر جي نسلي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ شين زين ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي وڏي ڦير گهير کان پوءِ مينڊارن (Mandarin) بڻجي وئي، جنهن کي چين جي مرڪزي حڪومت عام ڳالهه ٻولهه واري قومي ٻولي طور رائج ڪرايو جڏهن ته ٻين صوبن مان لڏ پلاڻ ڪندڙن ۽ انهن جي اولاد به ان کي هٿي وٺرائي. تڏهن کان هتان جون مقامي ڪينٽونيز ۽ هاڪا برادريون ٿورائي ۾ تبديل ٿي ويون. انهن حقيقتن مان اهو چٽي نموني ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن وڏا شهر آباد ڪيا ويندا آهن ته اتان جي مقامي ماڻهن سان ڇا وهندو واپرندو آهي. ذوالفقار آباد رٿا واري علائقي ۾ رهندڙ غريب ماڻهن جو آئيندو به شين زين جي اصلوڪن رهاڪن کان گهڻو مختلف نه هوندو.

هن رٿا جي اڏاوت لاءِ امڪاني سهڪاري چين وڏين رٿائن تي عمل لاءِ ماڻهن جي جبري لڏپلاڻ ڪرائڻ جي حوالي سان اڳي ئي بدنام آهي. چين ۾ ٿري گارجز ڊيم واري رٿا جي ڪري 17 لک ماڻهن کي اباڻا اجها ڇڏڻا پيا. 2008ع وارين اولمپڪ راندين وڌيڪ 12 لک ماڻهن کي پنهنجن اجهن کان بيدخل ڪري ڇڏيو. پاڪستان جو ريڪارڊ پڻ انهيءَ ڏس ۾ چڱو نه آهي. ذوالفقار آباد کان گهڻي ننڍي چوٽياريون ڊيم واري رٿا جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل ڪجهه هزار ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاري وارو عمل پنهنجا نوازڻ ۽ بدعنواني جي ور چڙهي ويو. ذوالفقار آباد جي نتيجي ۾ لڏپلاڻ تي مجبور ٿيندڙن جي حالت پڻ ساري پئي آهي.

سنڌين کي ذوالفقار آباد جي خوابن واري شهر ۾ لکين ڌارين جي ڪاهه جو خدشو آهي. سنڌين جي مٿان پنهنجي ئي ڌرتي تي ٿورائي ۾ مٽجي وڃڻ جي تلوار لڙڪي پئي. 1998ع جي آدمشماري موجب سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 60 سيڪڙو هو جيڪو انهن لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌ جي شهرن ۾ آبادي جا اهڃاڻ اڳي ئي سنڌين جي حق ۾ نه آهن. سنڌ جي شهري علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي آبادي 25.8 سيڪڙو هئي جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي شهرن ۾ پنجابي ڳالهائيندڙن جو حصو 78.75 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا جي شهرن ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جو حصو 73.55 سيڪڙو هو. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ته اها صورتحال ويتر خراب آهي جو اتي سنڌي ڳالهائيندڙن جي آبادي رڳو 7.7 سيڪڙو هئي. 1998ع جي مردم شماري موجب سنڌ ۾ 28 لک 30 هزار لڏي آيل ماڻهو رهن ٿا جن مان 25 لک شهري علائقن ۾ آباد آهن. اهو لاڙو ظاهر ڪري ٿو ته نئون شهر پڻ ڌارين جي ڪاهه جو نئون مرڪز بڻجي ويندو. غير سرڪاري ڪاٿن موجب ڪراچي ۾ 30 کان 40 لک غير قانوني پناهگير موجود آهن پر سرڪاري انگ اکر انهيءَ کان گهڻا گهٽ آهن. سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 6 فيبروري 2009ع تي سنڌ اسيمبلي کي ڄاڻ ڏني هئي ته سنڌ ۾ 15 لک 60 هزار کان وڌيڪ ڌاريا رهن ٿا (ڊيلي ٽائيمز لاهور 7 فيبروري 2009ع). ذوالفقار آباد جهڙي جديد شهر ۾ نون اقتصادي موقعن مان لاڀ پرائڻ لاءِ واڌو رقم ۽ سکيا ورتل افرادي سگهه جي ضرورت هوندي. نئين شهر ۾ صنعت، بندرگاهن ۽ جهاز راني، واپار، زمين جي ڪاروبار، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين خدمتن ۾ سيڙپ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا پر ڳوٺاڻي سنڌ سکيا ورتل افرادي سگهه ۽ ناڻي جي کوٽ جي ڪري انهن موقعن مان لاڀ نه پرائي سگهندي. انهيءَ پس منظر ۾ هڪ ڪروڙ جي امڪاني آبادي واري انهيءَ شهر ۾ ملڪ ۽ خطي جي ٻين حصن مان لکين ڌارين جا ڪٽڪ ڪاهي پوندا. اهو عمل هڪ ڏهاڪي کن اندر سنڌين کي ٿورائي ۾ آڻي ڇڏيندو. انهيءَ ڪري سنڌي ذوالفقار آباد واري رٿا کي پنهنجي نسل ڪشي جو هٿيار سمجهن ٿا.

هڪ ڪروڙ آبادي واري شهر لاءِ وڏي مقدار ۾ پاڻي جي گهرج هوندي. ڪراچي جي تجربي مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ اهم ڪم جي ذميوار ادارن ۾ ساک ۽ صلاحيت ٻنهي جي کوٽ آهي. اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ (او پي پي ) جي هڪ تحقيق موجب ڪراچي کي هن وقت روزانو 695 ملين گيلن روزانو پاڻي ملي ٿو، جنهن ۾ سنڌو نديءَ مان 654 ايم جي ڊي ۽ حب ڊيم مان 50 ايم جي ڊي پاڻي شامل آهي. پاڻي جي واهپي جي معيار موجب هڪ ڪروڙ 60 لک آبادي واري شهر کي 600 ايم جي ڊي پاڻي گهربل هوندو آهي. ڪراچي جي آباديءَ جا وڌايل انگ اکر اهو مقدار هڪ هزار ايم ڊي جي تائين وڌايو ڇڏين ٿا. صنعتن کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 123 ايم ڊي جي پاڻي گهرجي. جيئن ته شهرين جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي پر ٽينڪر مافيا انهيءَ جو وڏو حصو چوري ڪيو وڃي. او پي پي جي رپورٽ ۾ ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته ٽينڪرن وسيلي پاڻي پهچائيندڙن جي سالياني آمدني 50 ارب رپين جي لڳ ڀڳ هوندي. ڪمزور انفرااسٽرڪچر جي ڪري 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ پاڻي پائيپن مان سميو وڃي. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ هٿراڌو آهي ۽ ان جا ذميوار پاڻي جو انتظام ڪندڙ ادارا آهن. پاڻي جي انهيءَ کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ K-IV رٿا جي شروعات ڪئي وئي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي گهرج ۽ رسد ۾ فرق کي ختم ڪري سگهجي. انهيءَ رٿا واسطي 1200 ڪيوسڪ واڌو پاڻي سنڌو نديءَ مان ڏيڻو پوندو جنهن سان ٺٽي ضلعي ۾ 3 لک ايڪڙ زرعي زمين جي آبپاشي تي اثر پوندا. (روزاني ڊان 25 مئي 2012ع) انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) اڳ ۾ ئي ڪراچيءَ جي لاءِ تربيلا ڊيم مان اهو پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن شهر کي مني پاڪستان ته چيو وڃي ٿو پر جڏهن پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته سنڌ کي پنهنجي حصي مان قرباني ڏيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو.

انهيءَ پس منظر ۾ ڪوبه شڪ نٿو رهي ته نئون مني پاڪستان يا ٿي سگهي ٿو ته مني چين پنهنجي پاڻي جي گهرج پوري ڪرڻ جي لاءِ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي هڪ ٻيو ڌاڙو لڳندو. سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي وڏي حصي ۾ جر جو پاڻي کارو آهي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پڻ ويران ٿي چڪا آهن. هاڻ نئين شهر جي لاءِ واڌو پاڻي جي فراهمي اڻٽر هوندي. سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ واهن جي پڇڙي وارا علائقا گهڻو ڪري سڪل ئي رهن ٿا ۽ پاڻي جو واڌو مقدار ٻي پاسي وڃڻ سان مقامي ماڻهن کان سندن جياپي جو وسيلو به ڦرجي ويندو. سنڌ سرڪار ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سنڌ ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروجيڪٽ هيٺ سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪيل بيس لائن سروي موجب انهن چئن تعلقن ۾ هڪ لک چاليهه هزار ايڪڙ ايراضي تي مختلف فصل، ڀاڄيون ۽ ميووا ٿين ٿا.  پاڻي جو رخ  رٿيل شهر ڏانهن موڙڻ سان اها زرعي زمين غير آباد ٿي ويندي ۽ انهيءَ تي گذران ڪندڙ مقامي ماڻهو پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. ڪراچيءَ جي تجربي کي آڏو رکجي ته ٽينڪر مافيا کي پنهنجي لاڀائتي ڪاروبار جي لاءِ هڪ نئون مرڪز ملي پوندو. انهيءَ پاڻيءَ جي قيمت غريب مقامي ماڻهن کي ئي چڪائڻي پوندي.

ذوالفقار آباد ۾ زلزلي کان محفوظ اڏاوتن جي لاءِ تمام گهڻن وسيلن جي گهرج پوندي. ڪراچي جيڪو انهيءَ هنڌ کان 150 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي اتي به زلزلي جا لوڏا اچن ٿا. جنوري 2011ع ۾ ڪراچيءَ ۾ 7.3 شدت جو زلزلو آيو هو جيڪو ڪشمير ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ 2005ع ۾ آيل موتمار زلزلي جي شدت 7.6 کان ڪجهه گهٽ هو. ڪراچي صرف انهيءَ ڪري زلزلي جي انهن لوڏن کان محفوظ رهيو جو ان زلزلي جو مرڪز بلوچستان ۾ 67 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو. اهو زلزلو سامونڊي ڪناري واري پٽي کي درپيش خطرن جي نشاندهي ڪري ٿو. ڪراچيءَ جي اولهه واري پاسي مڪران جي ساحلي پٽي ۾ زلزلا ۽ سونامي اچي چڪا آهن. 1945ع ۾ زلزلي ۽ ان کان پوءِ آيل سونامي انهيءَ علائقي کي متاثر ڪيو ۽ ان جا اثر ڪراچيءَ ۾ به محسوس ڪيا ويا. ان زلزلي ۽ سونامي سان مڪران جي سامونڊي ڪناري تي وڏي تباهي آئي. سونامي پاڪستان جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. ويجهڙائي ۾ 10 اپريل 2012ع تي انڊونيشيا ويجهو 8.7 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن کان پوءِ سونامي جو چتاءُ جاري ڪيو ويو. ڪنهن امڪاني سونامي جي خطري کان جن ملڪ کي خبردار ڪيو ويو هو، پاڪستان به انهن ۾ شامل هو.

سنڌ ۾ بنيادي ڍانچي جي تباهه حالي ۽ بنيادي خدمتن جي معيار کي ڏسندي ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته اهي وسيلا صوبي ۾ موجود بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڇو نه ٿا ڪتب آڻي سگهجن. سموري صوبي ۾ ڪٿي به ڀلا روڊ نه آهن، جڏهن ته ننڍا شهر پڻ بنيادي ڍانچي کان محروم آهن. سنڌ جي ننڍن شهرن توڙي وڏن شهرن ۾ رهائش، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون موجود نه آهن. هزارين اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ بنيادي ضرورتون نه آهن پر حڪومت انهيءَ تباهه ٿيندڙ بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ڏانهن ڌيان نه پئي ڏي. مثال طور سرڪاري انگن اکرن موجب صوبي اندر 10 هزار 722 اسڪول بنا عمارت جي هلي رهيا آهن، 24 هزار 559 اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي. (سنڌ اڪنامڪ سروي 2011-2009ع) ساڳي دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي غير مناسب آهي، هر 10 هزار ماڻهن لاءِ رڳو 3.5 ڊاڪٽر ۽ 1.1 نرسون موجود آهن. 2010ع ۽ 2011ع وارين ٻن وڏين ٻوڏن سنڌ کي تمام گهڻو نقصان رسايو. انهن ٻوڏن مان 50 هزار ڳوٺ متاثر ٿيا جڏهن ته 25 لک گهرن کي نقصان پهتو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ ٿيل نقصانن جي ڪاٿي موجب سرڪاري ۽ خانگي انفرااسٽرڪچر کي 3 کرب 72 ارب رپين جو نقصان پهتو. 2011ع واري ٻوڏ جو نقصان به انهيءَ کان گهٽ نه هو. صوبائي حڪومت وٽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي مرمت جي لاءِ گهربل ڏوڪڙ نه آهن. ڪراچيءَ تي آبادي جو دٻاءُ گهٽائڻ جي لاءِ وڌيڪ سمجهه ڀري حڪمت عملي جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ ڳوٺن کان شهري علائقن ڏانهن لڏپلاڻ گهڻو ڪري وڌندڙ غربت، زمين ۽ پاڻي جي وسيلن تي دٻاءُ ۽ ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال جو نتيجو آهي. اها صورتحال ٻهراڙيءَ  جي آبادي کي زندگي جي بهتر موقعن جي ڳولا ۾ شهري علائقن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪري ٿي. سنڌ جي ڳوٺن، ننڍن شهرن، تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٻهراڙين کان شهري علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ کي گهٽائي سگهي ٿي. ساڳي نموني سخت اميگريشن نظام ۽ ٻين ملڪن کان غير قانوني نموني ايندڙن تي ڪڙي نظر رکي ڪراچي کي ريليف پهچائي سگهجي ٿو. غير قانوني لڏپلاڻ خاص طور ڌارين جي ڪاهه واري معاملي کي حل ڪرڻ بدران هڪ نئين شهر جي اڏاوت هڪ اهڙي حل جي ڳولا جي ڪوشش آهي جنهن جي اندر ڪيترائي نوان مسئلا لڪيل آهن. انهيءَ تناظر ۾ ذوالفقار آباد هڪ غير مناسب اوليت آهي ۽ ان جهڙي وڏي شهر جي اڏاوت کي اربين ڊالر خرچ ڪري ڇڏڻ ڏاهپ نه هوندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو