Home / ويندي ويندي / ذوالفقار آباد وارو واٽر لو
above article banner

ذوالفقار آباد وارو واٽر لو

هر مغرور جي حياتي ۾ ڪي ڏينهن يا گهڙيون “ واٽر لو” هونديون آهن. تڪبر جي ڪلي ڪنڌ ۾ هڻي هلندڙ شخص پنهنجي ئي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ويهندو آهي.پنهنجي وڍئي جو ڪهڙو ويڄ ۽طبيب.

“ واٽر لو” اتر فرانس ۾ اها جاءِ آهي جتي يورپ ۽ آفريقا فتح ڪرڻ بعد خواب کڻي نڪتل فرانسيسي آمر ، نيپولين بونايارٽ، انگريز ۽ سندس اتحاي فوج هٿان جنگ ۾ شڪست کاڌي هئي ۽ ان شڪست سندس درجه بدرجه زوال جا بنياد رکي ڇڏيا هئا.نه ته واٽر لو کان اڳ نيپولين جي ڪنهن تي اک ئي نه ٿي ٻڏي.


فيلڊ مارشل لاايوب خان لاءِ تاشقند جو ٺاهه واٽرلو ثابت ٿيو.فوج ۽ پنجاب به سندس خلاف ٿي ويا. ذوالفقار علي ڀٽي ايوب مخالف جذبن کي پنهنجي سياسي پيش قدمي لاءِ استعمال ڪيو.ايوب جو زوال ايئن ٿيو جو ڪتابه سندس رت نه چٽن- ڪٿي فيلڊ مارشل جي فرعونيت ۽ ڪٿي ڪتن گڏهن تي ايوب آمر لکيل.

ذوالفقار علي ڀٽي جو اقتدار به رعونيت ۽ فرعونيت سان ڀريل هو پر پوءِ هن سندس چاپلوسن کيس بنا مقابلي چونڊون کٽرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري تڪ مان سندس ممڪنه چونڊ مخالف،جماعت اسلامي جي اڳواڻ، جان محمد عباسي کي اغوا ڪرائي، تذليل ڪرائي، پنهنجي پر ۾ کيس مقبول و معمور ٿي بڻايو.تن سندس “ واٽرلو” گهڙي ورتو. چونڊن ۾ ڌانڌلي جي معاملي تي اٿيل مخالف سياسي پارٽين جي تحريڪP N A 5 جولاءِ  1977ع جي آپريشن فيئر پلي تي انت ڪيو.فخر ايشيا کي ٻه سال پوءِ هڪ عام قيدي جي حيثيت ۾ ڦاهي ڏئي اچي سندس ڳوٺ لاش دفنايو ويو.

جنرل ضياجي به آمريڪين سان چڱي ياري هلي پر پوءِ جڏهن آمريڪين افغان جهاد جي جند ڇڏڻ ۽ جنيوا ۾ محمد خان جوڻيجو زين نوراني معرفت ٺاهه ڪرائي ٻه مهينا پوءِ مرڳو جوڻيجو کي ئي ٽڪيٽ وٺرائي ڇڏي .سامراج جي ٽيڪ تي ايترا سال ملڪ تي نمرود  مثل راڄ ڪندڙ فوجي آمر جو دن دائي کان ڪيئن ڳجهو ٿي سگهي ٿو.18 آگسٽ 1988ع تي سندس جهاز ايئن هوا ۾ ڦاٽو جو نه بانس رهيو نه بابسري وڄڻ لاءِ بچي.پرويز مشرف جي چونڊيل جمهوريت ته اجهو ڪالهه جي ڳالهه آهي. سندس اقتدار جي اوج وارن سالن۾ ايئن ٿي لڳو ڄڻ تاج برطانيا وانگر هن مٿان اقتدار جو سج ڪڏهن به غروب نه ٿيندو. پر پوءِ هن کان 9 مارچ 2007 ع وارو “ واٽرلو” ٿي ويو. چيف جسٽس جي انڪار سندس تڪبر جي بت تي پهرين ڪنڪري اڇلائي. پوءِ ته سڄي ملڪ جا ابابيل هئا ۽ باوردي صدر صاحب. خاموش اڪثريت جي تائيد سان حڪومت هلائڻ جي دعويٰ ڪندڙ آمر کي آخري ڏهاڙن ۾ اها همت نه پئي ٿئي ته پنهنجي حمايت ۾ هڪ جلوس ڪڍرائي سگهي. هاڻ بڇڙي شڪل ڪيو عالمي هوائون کائيندو وتي.

اوهان سوچي ندوَ ته اسان اوهان کي هي سڀ مثال ڇو ٻڌايا جيڪي اوهان کي خبر آهن يا ياد آهن. ڳالهه دراصل هي آهي ته خراب حڪمراني ، ڪرپشن جا الزام پنهنجي جاءِ تي، صدر آصف علي زرداري کي هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ڏبو ته هن ڪيئن به ڪهڙيون به اٽڪلون ڪري ،اقتدار بچايو آهي يا ايئن چئجي ته Survival جون کيس فل مارڪون ڏئي سگهجن ٿيون. پر اسان اوهان کي اهو ٻڌائڻ لاءِ هي اپتار ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ سندس شريڪ چيئرمين ذوالفقار آباد رٿا جي مشعل م پاڻ لاءِ “ واٽرلو” پيدا ڪري ڇڏي آهي. سنڌين جي چوڻي  ۾ آهي ته ڪنهن کي ڏجي نه پر ڏکائجي به نه. ذوالفقارآباد جي سون سان سنڌين جو ڪن ڇڄي ٿو ته هو ان سون ۽ پارائڻ واري کي گهورڻ ۾ دير نه ڪندا. ڇا چيو هو اڳوڻي پير پاڳاري ته پ پ جي سنڌ ڪارڊ ۾ سوراخ ٿي چڪو آهي؟ذوالفقار مرزا هٿان ٿيل ان سوراخ کي ٽاڪڻ ۾ ڪيترو ٽائيم لڳندو، خبر ناهي، پر هڪ ڳالهه ٻڌي آهي ته ذوالفقار آباد رٿا اهو ڪارڊ ئي لوڙهي ڇڏيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو