Home / ڪئپيٽل افيئر / راجاجي راڄ کي مهلت
above article banner

راجاجي راڄ کي مهلت

جنهن ڏينهن ارسلان افتخار جو ڪيس ڪافي عرصي کان پوءِ وري ڪاز لسٽ تي آيو اهو ڏينهن ۽ ان جو ٻيو ڏينهن عدليا ــ سرڪار ڦڏي ۾ هڪ ٽرننگ پوائنٽ وارو ڏينهن هو. ٻئي ڏينهن صدقو ٿيڻ لاءِ تيار نئين وزير اعظم راجا پرويز اشرف جي سرڪار جي قسمت جو مقدمو رکيل هو. راجا جي سرڪار جيڪو جواب داخل ڪيو هو تنهن کان پوءِ مرزا غالب جي هن شعر واري صورتحال هئي :

“آج واں تیغ و کفن باندھے ہوئے جاتا ہوں میں

عذر میرے قتل کرنے میں وہ اب لاویں گے کیا؟”

رات جو خبرن ۽ تبصرن جي وچ ۾ اسپيشل ”ٽوٽا“ ڏيکاري راجا سان همدردي ڪئي وئي ته سندس حڪومت ۽ لالي ووڊ جي فلم ”دلهن ايڪ رات ڪي!“ جي ڪهاڻي ساڳي آهي. هڪ ٽي وي چينل ٽوٽي ۾ راجا پرويز کي قطار ۾ بيٺل وي آءِ پيز سان هٿ ملائيندي،  گارڊ آف آنر جو معائنو ڪندي ۽ فوجين کان سلامي وصول ڪندي ڏيکاريو. سموري ٽوٽي جي بيڪ گرائونڊ ۾ سونو نگم جو ڪلام هلي رهيو هو ”ڪل هو نه هو!“ ميڊيا جا مڙئي دڪان رات جو راجا پرويز اشرف جي نئين حڪومت جي ايصال ثواب لاءِ الوداعي لفظ چئي بند ٿيا. ريهرسلون اڳواٽ ٿي ويون. گهربل فوٽيجز جا ڪلپ ۽ نون ٽوٽن تي مناسب گانن جا ٽريڪ  هٿيڪا ڪري رکيا ويا. آخر ٻئي ڏينهن تي سرڳواسي ٿيندڙ سرڪار جو سياسي ڪانڌپو ڪرڻو هو.

ٻيو ڏينهن آيو، جنهن پڪ ڏني ته ٽيون ۽ چوٿون ڏينهن به ايندا بلڪه پندرهن ٻيا ڏينهن پڪ ئي پڪ ايندا جو ڪورٽ سڳوري نئين وزير اعظم کي پندرهن ڏينهن جو وقت ڏيئي ڇڏيو. وقت به ڄڻ ته گهرڻ بنا ڏنو ويو. جڏهن اٽارني جنرل چيو ته ٻاهر سڀ ماڻهو چون ٿا ته ڪورٽ توهان کي مهلت ڪانه ڏيندي ته جج صاحبن چيو ته اهو تاثر غلط آهي. وقت گهرندا ته ڇو ڪونه ڏينداسين.

اٽارني جنرل انتهائي خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪيو. جج صاحبن اهو به چيو ته هو سسٽم کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪنهن سازش جو حصو نه بڻجندا. جسٽس کوسي ته اهو به چيو ته ”آصف زرداري هن ملڪ جي سڀني شهرين جو صدر آهي ۽ اهو اسان جو به صدر آهي.“

ان سوال جو جواب ڳولڻ تي ڪي به انعام رکيل ڪونهن ته ان ڏينهن سڀ کان گهڻي مايوسي ڪنهن کي ٿي هئي.اسلام آباد جي هڪ سنڌي صحافي، انگريزي اخبار جي ڪالم نويس Cyril Ameida جي نالي سان هٿ چراند ڪندي سڄي ميڊيا ڪميونٽيءَ کي جيڪو نئون نالو ڏنو آهي، سو آهي: ”سڙيل الميڊيا!“

مايوس ٿيندڙ ڌرين ۾ ان کان سواءِ ڪجهه  ملازم ڌريون، ڪجهه پگهاردار ڌريون ۽ پارليامينٽ ۽ ان کان ٻاهر ويٺل ڪجهه نمبردار ۽ ڪجهه باريش روزيدار ڌريون شامل آهن. زرداري خلاف هڪ باضابطي گرينڊ اپوزيشن نه ٺهي سگهي هئي،  مٿان وري جيڪي به هن جا مخالف هئا، سي وري اوتري جا اوترا هڪٻئي جا مخالف به هئا. انهن سڀنيءَ کي ملائي ڪا وڏي فورس ٺاهڻ هڪڙو ڏکيو ڪم هو تنهن ڪري اهو ڪم سڙيل الميڊيا ۽ ساهميءَ وارن کنيو هو ته زرداريءَ جا مخالف جتي به هجن، ڀلي پاڻ سان سڌيءَ ريت گڏ نه به هلي سگهن پر انهن moving pieces کي اهڙي نموني اڳتي پوئتي رکي پيش ڪبو جو تاثر اهو ملي ته زرداري اڳيان ته هڪ مهاڀارت جو لشڪر خيما کوڙيو بيٺو آهي، هاڻ هن جو ٿيندو ته ٿيندو ڇا؟

جڏهن عدالت ميڊيا جي توقع جي ابتڙ راجا جي راڄ کي مهلت ڏني ۽ زرداريءَ لاءِ ٻه چڱا لفظ چيا ته ميڊيا جي پروڊيوسرن ۽ ليفٽيننٽ جنرل اينڪر پرسنز کي ايئن ڀنواٽي آئي ڄڻ جج ڊرامي جي ايڪٽرز وانگر هنن جي اڳواٽ تيار ڪيل اسڪرپٽ کي ڇڏي پنهنجون extempore لائنون چئي رهيا هجن.

رات وچ ۾ عدليا مٿان شڪ جو ڪارو ڪڪر ڇانءُ ڪري اچي بيهي رهيو. آف دي ريڪارڊ ڳالهيون هلڻ شروع ٿيون ته آخر چڪر ڇا آهي؟ ( پوٺوهاري لهجي ۾ ”آخر چڪُر ڪيا هي؟“) چيو ويو ته وڏو صاحب زرداريءَ سان ٺهڻ چاهي ٿو ۽ جيڪي ڪجهه ڪورٽ اندر ٿيو آهي سو دراصل زرداريءَ ڏانهن نياپو هو ته جيڪي ٿيو سو ٿيو، پاڻ پاڻ ۾ معاملا طئي ڪري سگهون ٿا. اهو به چيو ويو ته هڪ ڏينهن اڳ ارسلان جي ڪيس جي ڪارروائيءَ کان پوءِ اها سڄي تبديلي آئي آهي ۽ شايد نياپو اهو پيو ڏنو وڃي ته اوهين جيڪڏهن ڪنهن ريت ملڪ رياض کي پوئتي هٽڻ لاءِ چئو ته اسين به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار آهيون.

اهي ته هيون ”چوڻ نه جهڙيون“ ڳالهيون. اسٽوڊيو ۾ ويهي کنگهڪار ڪري نڙي گلو صاف ڪري جيڪي تجزيا ڪيا ويا سي اهي هئا ته ”عدليا ڪو وچون گس ڪڍڻ چاهي ٿي.“ بحث ان تي ٿي رهيا هئا ته ڇا واقعي ايئن آهي؟ ۽  جيڪڏهن ها ته اهو وچون گس ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ڪو وچون گس موجود به آهي؟

ان مرحلي تي اوهان بيريسٽر اڪرم شيخ کي ٽي ويءَ تي ”بيچ ڪا ڪوئي راسته هي هي نهين“ چوندي ڏٺو هوندو. آئون رڳو اردو سکڻ  لاءِ اڪرم شيخ کي ٻڌندو آهيان. ان کان سواءِ هو ڪهڙو موقف رکي ٿو ۽ ڪيئن پيش ڪري ٿو، ان باري ۾ مون جڏهن اسان جي حڪمران قوم جي عام ماڻهن کان سوالن جوابن وسيلي ٿورو سروي ڪيو ته اڪثريت جي راءِ سندس ”تقرير جي لذت“ جي باري ۾ اها هئي ته ”مين ني يه جانا ڪه گويا يه ڀي ميري دل مين هي!“ يعني بيريسٽر اڪرم شيخ نٿو ڳالهائي ڄڻ ميڊيا واري پنجاب، راولپنڊيءَ واري پنجاب، رائيونڊ واري پنجاب، شوڪت خانم واري پنجاب، E-7 ۽ E-11 واري ايليٽپنجاب ۽آب پاره واري پنجاب کي ملائي ٺهندڙ  سموري پنجاب جو اصل ضمير ٿو ڳالهائي. باقي جيڪڏهن ڪوٽ ٽائيءَ بدران کيس جبو ۽ عربي پٽڪو پارائي ساڳئي اسٽوڊيو ۾ آندو وڃي ته هو توهان کي نسيم حجازي جي ”آخري چٽان“  جو ڪردار جعفربرمڪي لڳندو.

ڪورٽ ٻه ٽي ٻيون آبزرويشنز ڏيئي زرداري مخالف ڪيمپ کي منجهائي ڇڏيو آهي. ايئن ٿو لڳي ته هڪ ٻئي سان  ۽ زرداريءَ سان وير رکندڙ مڙني فورسز کي گڏائيندڙ سڳو نڪري ويو هجي. جڏهن ڪورٽ فرمايو ته اپوزيشن کي توهين عدالت وارو قانون منظور ٿيڻ مهل رڪاوٽ وجهڻ کپندي هئي، رڳو واڪ آئوٽ ڪري انهن قوم جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ان ڪمينٽ تي قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر چوڌري نثار پارليماني ٻوليءَ ۾ شديد تنقيد ڪندي چيو ته اهڙي قسم جي راءِ زني ناجائز ۽ غير مناسب آهي. آف دي ريڪارڊ هن جيڪي چيو تنهن ۾ اهو هو ته هاڻي جج اسان کي اهو سيکارڻ چاهين ٿا ته سياست ڪيئن ڪبي آهي.

اليڪشن جي ويجهو اچڻ جي ڪري سياسي ڌريون به  پنهنجا رويا تبديل ڪري رهيون آهي. سرڪار ۽ نواز ليگ واري اپوزيشن هڪ ٻئي کي ويجهيون اچي ويون آهن. ان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن چوڌري نثار کي يورپ گهمڻ موڪليو ويو هو ته جيئن پٺيان نرم لهجي وارو سردار مهتاب معاملا نبيري سگهي. اوهان ڏٺو ته فخرالدين جي ابراهيم اليڪشن ڪميشن جو چيف ٿي ويو جنهن جي اچڻ سان سڀ سياسي ڌريون چون ٿيون ته اليڪشن ڪميشن آزاد ته ٿي ويو آهي، باقي رڳو ان کي انتظامي ۽ مالي خودمختاري ڏني وڃي. عاصمه جهانگير کي ڪيئر ٽيڪر وزير اعظم ٺاهڻ تي به اتفاق ٿي ويو هو پر پوءِ ڪجهه غير جمهوري قوتن وٽان رپورٽون ڪليئر ڪونه ٿيون.

جڏهن ايتري ويجهڙائي سياسي مخالفن ۾ آئي آهي ته لڳي ٿو ته عدليا هندستاني جج مارکنڊي ڪاٽجو جي گذارش کي قبوليت  ڏيندي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪئي آهي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جج صاحب پاڻ پنهنجي باري ۾ قائم ٿيندڙ تاثر مان بيزار ٿي ان کي تبديل ڪرڻ چاهيندا هجن. ۽ ٿيندي ته نظر نٿو اچي، پر ٿيڻ لاءِ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته وڏو صاحب سياسي نظام جي وڏي صاحب معاملا طئي ڪرڻ لاءِ ڪو وچون رستو ڳولهي رهيو هجي.

انهن ڏينهن ۾ ملتان واري اليڪشن جي نتيجن به عدالتي فيصلي کان ان جو سياسي جائز پڻو(legitimacy)کسيو آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ملتان واري اليڪشن اليڪٽورل سسٽم جو هڪ وڏو ڀوڳ هئي.

خبر ڪانهي ته سنڌ مان سپنا جو سپنو اڌ ۾ ڇڏي جيڪي نواز ليگ سان وڃي گڏيا آهن تن کي ڪجهه ملندو يا نه پر سائوٿ پنجاب ( الائي ڇو ان کي سڀ سرائيڪي بيلٽ چون ٿا؟) ۾ نواز شريف کي فائدو ٿي رهيو آهي. عمران خان سان وڏا هيوي ويٽ سرائيڪي گڏ آهن ۽ جي هو ايمانداريءَ سان مڃي ته هو پاڻ به سرائيڪي آهي، پر هو سرائيڪي صوبي تي واضح نه هجڻ ڪري سرائيڪي پاپولر ووٽ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهندو. واضح ته ڪوبه پنجابي ليڊر ڪونهي ۽ نڪو سرائيڪي صوبي ٺهڻ ڏانهن نيڪ نيت آهي، پر نواز شريف سڌي مخالفت بدران هڪ بهاول پور صوبي واري متبادل اسڪيم جي حمايت ڪري سرائيڪين کي اهو نياپو ڏيئي رهيو آهي ته مون سان ڳالهايو، پاڻ پاڻ ۾ ٺهي سگهون ٿا. ٻئي طرف سرائيڪي صوبي جي ڳالهه مٿي اچڻ سان سائوٿ پنجاب ۾ سياسي طور عدم تحفظ جو شڪار ٿيل پنجابي سيٽلر پنهنجا ٻڌا ووٽ نواز شريف کي ڏيڻ لاءِ تيا ويٺا آهن جو کين آسرو آهي ته جيڪڏهن صوبي واري ڪا نئين تبديلي آئي ته ان اندر هنن جي مفادن کي رڳو نواز شريف ئي تحفظ ڏياري سگهندو. اها ته سڀنيءَ کي خبر آهي ته ته سورهن سرائيڪي ضلعن مان ست ضلعا اهڙا آهن جتي سرائيڪي مڪمل ريت اقليت ۾ آهن ۽ ٻيا پنج ضلعا اهڙا آهن جتي سيٽلر ۽ سرائيڪي آبادي ۾ چاليهه ۽ پنجاهه سيڪڙو وارو توازن آهي. سرائيڪي صوبو ٺهندو يا نه، اهو ته ڪير به پڪ سان نٿو چئي سگهي پر اها ڳالهه پڪي آهي ته سرائيڪي علائقي ۾ رهندڙ insecure پنجابي سيٽلرز جا ووٽ نواز شريف لاءِ چونسي جا انبن وانگر پچي تيار ٿي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو