Home / پروفائيل / راجيش کنا:جنهن سان پيار، سياست ۽ ناٽڪ منڊليءَ نه نڀايو
above article banner

راجيش کنا:جنهن سان پيار، سياست ۽ ناٽڪ منڊليءَ نه نڀايو

بظاهري طرح فلمي ڊائلاگ پر حقيقت ۾ بالي ووڊ جي پهرين سپر اسٽار جا هي آخر لفظ هئا. 18 جولاءِ تي راجيش کنا جي موت تي ڪيترائي نيڻ رنا هوندا. اها ته ڀڳوان کي خبر پر راجيش جي روح لاءِ اها تسلي ڪافي آهي ته سندس آخري ڏينهن سڄي زندگي رٺل گرل فرينڊ انجو سان گڏ گذريو.

راجيش کان جنهن کي بالي ووڊ ۾ پيار مان ڪاڪا چوندا هئا.پنهنجي 69 سالن جي ڀرپور زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا. بالي ووڊ جي اسڪرين تي سالن تائين بي تاج باد شاهه رهندڙ ڪاڪا 70 جي ڏهاڪي ۾ امر پريم، ڪٽي پتنگ، اوبيشڪار ۽ آپ ڪي قسم جهڙيون هٽ فلمون ٺاهي بالي ووڊ جي پهرين سپراسٽار جو مرتبو ماڻيو.

امرشر ۾ اک کوليندڙ کنا خاندان جو جتن بمبئي صرف اداڪاري لاءِ آيو. شايد قسمت سپر اسٽار جو گلدستو کڻي سندس ئي انتظار ۾ بيٺل هئي. بمبئي جي ريل مان لهندڙ جتن سڌو بالي ووڊ جي اسٽيج تي پهچي راجيش کنا ٿي ويو. اها ته شايد راجيش کي به خبر نه هئي ته بمبئي جي ناٽڪ منڊلي ۾ اچڻ ۽ ڪجهه عرصي ۾ هندستان جو سڀ کان وڏو اداڪار ٿيڻ ۾ سندس ڪلا هئي يا لڪشمي ديوي جو فن. بمبئي جي نگري مان نڪري سنسار جون سرحدون اورانگهي چڪو آهي.چون ٿا ته راجيش کنا هندستان جو واحد اداڪار هو جنهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ٽريفڪ جام ٿي ويندي هئي،جيتوڻيڪ راجيش شادي هڪڙي ڪئي پر سندس فوٽن سان نه ڄاڻ ڪيترين هندستاني سندرين لائنون لڌيون هيون.

بمبئي جو هي بابو هندستان جي ڪنوارين جو تصوراتي سهاڳ ٿي رهيو.اهو به مشهور آهي ته راجيش جي ڳاڙهي رنگ واري ڪار جڏهن ان جي بنگلي هيٺان بيٺل هوندي هئي ته اسڪول ويندڙ ڇوڪريون ونڊ اسڪرين تان دز اگهي پنهنجي سنڌور ۾ وجهنديون هيون.

راجيش سچ به هندستانين جو هيرو هو.بمبئي جي ناٽڪ منڊلي اهو مشهور هوندو هو ته راجيش جي سفيد مرسڊيز گاڏي تي رڳو لپ اسٽڪ جا نشان هوندا هئا. راجيش جي فلمي ڪيريئر جا اوج وارا ڏينهن ستر جي ڏهاڪي وارا هئا. بقول جاويد اختر جي ته هڪڙو ئي ستارو هو جيڪو چمڪندو ئي رهيو.پنهنجي فلمي ڪيريئر جي ڦوهه جواني ۾ راجيش بمبئي جي پوش علائقي انڌيري ۾ ٻن ارب رپين واري ماليت وارو گهر جوڙايو. چون ٿا ته ڪارٽر روڊ تي واقع“ آشرواد” نالي ان بنگلي مان شام مهل صرف ميوزڪ جو آواز  ۽ شراب جي خوشبوءِ ايندي هئي.پئسي ۽ شهرت سان مالا مال راجيش کنا انجو مهيندرا نالي هڪ ماڊل ڊزائنر سان نيڻ اٽڪائي ويهي رهيو.ها اهائي انجو جنهن کي راجيش سڄي زندگي نه حاصل ڪري سگهيو ۽ نه ئي ان کي وساري سگهيو.انجو سان راجيش جي نينهن جا ناتا سن سٺ جي ڏهاڪي دوران جڙيا.راجيش جيڪو بمبئي جي فلمي دنيا ۾ اسٽار ٿي اڀري رهيو هو ان مهل انجو هن جي زندگي ۾ داخل ٿي. راجيش انجو کي گفٽ ۾ هڪڙو شاندار گهر خريد ڪري ڏنو جتي شوٽنگ کان پوءِ راجيش جي ڳاڙهي رنگ واري ڪار هميشه بنگلي هيٺان بيٺل نظر آئي. راجيش پنهنجي زندگي جا 7 خوبصورت سال انجو جي زلفن جي اسيري ۾ گذاريا،راجيش ۽ انجو جي پريم ڪهاڻي جو انت شادي جي صورت ۾ ان ڪري نه ٿيو جو انجو راجيش جي انا پرستي ۽ حد کان وڌيڪPossessiveness کي پسند نه ڪيو ٻئي طرف راجيش کي انجو کان هميشه اها شڪايت رهي ته انجو خود پسند عورت هئي، جنهن ڪڏهن به هن سان کلي پيار جو اظهار نه ڪيو.

انجو ۽ راجيش وچ۾ ويڇا تڏهن آيا جڏهن انجو ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر سرگيري سوبرز سان مڱڻي ڪري ورتي. جيتوڻيڪ اها مڱڻي شادي جي صورت ۾ ظاهر نه ٿي پر انجو جي ان عمل راجيش کي ڌوڏي ڇڏيو. پلاند ۾ راجيش 16 سالن جي ڊمپل ڪباڊيا سان اک اڙائي. ڊمپل ۽ راجيش جي سنگت بمبئي جي فلمي ستارن جي چارٽرجهاز ۾ ٿي. احمد آباد ويندڙ ان جهاز ۾ ڊمپل جي ڀرواري سيٽ خالي ڏسي راجيش ڊمپل کي سلام ڪري ويهي رهيو ۽ ايئن هوائي جهاز ۾ اوچتي ملاقات زندگي جي گڏ سفر ڪرڻ واري واعدي تائين پهتي.سن1973ع  ۾ راجيش ۽ ڊمپل جي شادي جي خبر نه صرف بمبئي جي ستارن لاءِ حيران ڪندڙ هئي پر ان خبر هندستان جي ڪيئي سندرين جي خوابن کي به چڪنا چور ڪيو. راجيش ۽ ڊمپل جي ڏولي جڏهن بمبئي جي رستن تان ٿيندي آشرواد بنگلي ڏانهن سفر شروع ڪيو ته راجيش انجو جي دل جلائڻ لاءِ شادي واري بگي جو اوچتو رسو بدلائي انجو جي گهر طرف ڪرائي ڇڏيو. ايئن انجو جي گهر هيٺان گذرندڙ  ان ڌولي سالن جي پريم ڪهاڻي کي ڪاماڏئي ڇڏي.

جيتوڻيڪ ڊمپل ۽ راجيش گڏيل رضامندي سان هڪٻئي کي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌو پر اها جوڙي نه هلي سگهي. حد کان وڌيڪ قدامت پرستي ۽ انا واري طبعيت رکندڙ راجيش تيز غصي ۽ آزادي پسند ڊمپل جي هن جي زندگي جا خوبصورت پل ان ڏينهن ختم ٿيا جنهن ڏينهن هن راجيش سان شادي ڪئي. ها ڊمپل زندگي جا پورا ڏهه سال راجيش سان گڏ گهر تائين محدود رهي گذاريا ۽ ٽوئڪل ۽ رنڪل کنا کي پاڻ سان گڏ وٺي راجيش کان الڳ ٿي وئي-راجيش ضد ۾ هن کي سڄي زندگي طلاق نه ڏني ۽ نه ئي ڊمپل ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪري سگهي.

راجيش اڃا انجو جي بي وفائي ۽ ڊمپل جي جدائي سهسائڻ ۾ رڌل هو ته هن جي بيقرار زندگي ۾ ٿوري عرصي لاءِ آنند پيدا ڪندڙ ٽينا مينم کي راجيش جي پيار کان وڌيڪ پنهنجي پڙهائي جو اونو هو. ايئن ئي ٽينا ڀڙڪي ڏئي لنڊن ۾ phd ڪرڻ لڳي ۽ جڏهن واپس آئي ته ان سندري جا نيڻ انيل امڊاڻي سان اٽڪي پيا ۽ ايئن ارب پتي واپاري بمبئي جي بابو کان محبوبا ڦري ورتي. ٻن ڏهاڪن تائين فلمي اسڪرين تي راڄ ڪندڙ راجيش جڏهن ڏٺو ته هاڻ سندس اداڪاري ۾ جوهر نه رهيو آ ته هن ناٽڪ منڊلي کي ڇڏي جنتا جي اسٽيج تي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سياست ۾ پير پاتو-تقرير جي گر ۽ ڊائلاگن جي ماهر اداڪار لاءِ ڪانگريسي اسٽيج تي ليڊ رول ڪرڻ لاءِ ماحول ٺهيل هو-اهڙي طرح 1991ع ۾ راجيش کنا ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي BJP جي سڀ کان مضبوط اميدوار ايل ڪي آڏواڻي جي سامهون دهلي واري سيٽ تي لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ اميدوار ٿيو.راجيش جي جوشيلي تقريرن ۽ بي پناهه شهرت آڏواڻي کي اهڙو ڌوڏيو جو فقط 1500 ووٽن تان آڏواڻي کنا کي هارايو-چون ٿا آڏواڻي صاحب کي راجيش کنا اليڪشن ۾ اهڙو بتال ڪيو جو دهلي ڇڏي گجرات کي پنهنجو اليڪشن تڪ ٺاهي دهلي جي سيٽ خالي ڪري گجرات مان پاڻ کي چونڊرايو. جيتوڻيڪ BJP راجيش جي شهريت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آڏواڻي جي جاءِ تي بمبئي جي فلمي ستارن ۾ شتروگهن سنها کي ڳولي راجيش جو مقابلو ڪيو پر اليڪشن ۾ 2500 کان وڌيڪ مارجن تي ڪامياب ٿيل راجيش راجنيتي ۾ به پاڻ کي اسٽار ثابت ڪيو. جيتوڻيڪ راجيش کنا لاءِ گانڌي خاندان جي گهر جا دروازا کيل رهيا پر پنجن سالن تائين لوڪ سڀا ۾ تقريرون ڪندڙ راجيش هندستان جي راجنيتي جي اسٽيج تي سپر اسٽار نه ٿي سگهيو. ايئن فلم ۽ سياست جي اسٽيج کي خدا حافظ چئي آشرواد ۾ لڪي شراب ۽ سگريٽ جو سهارو وٺندڙ راجيش پاڻ کي سالن تائين لوڪ کان لڪائي پيار،سياست ۽ ناٽڪ منڊلي جي مارڪيٽ ۾ مندي کان پوءِ راجيش لاءِ معاشي بدحالي به طوفان ٿي کيس آشرواد مان ڌڪي ڪڍيو. سن 2000 ۾ڏيڍ ڪروڙ جو انڪم ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سرڪار آشرواد بنگلي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ايئن راجيش شراب جي بوتل ۽ سگريٽ هٿ ۾ کڻي پنهنجي آفيس کي گهر ٺاهي ايندڙ ستن سالن لاءِ بي گهر زندگي گذاري. بقول سندس نوڪرياڻي جي ته انهن سالن ۾ هن راجيش کناکي ڪڏهن به دل کولي کلندي نه ڏٺو. هو چوندو هو ته آءُ محلات جهڙي گهر ۾ رهڻ جو عادي آهيان هتي مون کي ڏاڍي گهٽ ٿي ٿئي.راجيش جيڪو سڄي زندگي سپر اسٽار جي Nostolgia ۾ رهيو ۽ سدائين فلمي ڪيريئر جي اوج واري زماني جا قصا ياد ڪندو هو. هن کي زندگي جي آخري گهڙين تائين بمبئي جي بيوفا فلم انڊسٽري کان اها شڪايت رهي ته هڪڙي زندهه سپر اسٽار کي ڏيڻ لاءِ هنن وٽ ڪو ڪردار ڇو ناهي-آشرواد جي سامهون پروڊيوسرن جي گاڏين جون لائيٽون راجيش کي ياد هيون ۽ معاشي تنگدستي ۽ سماجي اڪيلائپ کي ختم ڪرڻ لاءِ راجيش پاڻ هلي وڃي پروڊيوسرن کي منٿون ڪيون ته هن کي ڪاسٽ ڪيو. ايئن 2008 ۾ بمبئي جي پهرين سپر اسٽار “وفا” جهڙي فلاپ فلم ۾ ڪم ڪري پنهنجو ڀرم ڀڳو.چون ٿا ته راجيش جي زندگي جا آخري ڏهه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا. جدائي ۽ آشرواد جي کسجڻ کان پوءِ ڪاڪا سان سندس طبعيت به نه نڀايو-ڏينهن ۾ چاليهه سگريٽن کي ساڙڻ ۽ هر وقت شراب کي پاڻي جي جاءِ تي استعمال ڪندڙ راجيش اسپتالن جا در کڙڪائڻ شروع ڪيا.

راجيش کي زندگي جي انهن آخري سالن ۾ سڀ کان وڏي شڪايت اها هئي ته هو اڪيلو ٿي ويو آهي. بقول سندس جي ته “مونکي ياد آهي ته اهو به دور هو جڏهن آشرواد جهڙي وڏي گهر ۾ گلدستا رکڻ لاءِ جاءِ نه ملندي هئي پر گذريل ڏهن سالن ۾ راجيش کي هڪ گل به نه مليو آهي.

جيتوڻيڪ ٽوئڪل ۽ رنڪل پنهنجي پيءَ سان نه ٺهنديون هيون پر سندس آخري سالگرهه اڪشي کنا ۽ ٽوئڪل گڏجي گووا ۾ ملهائي- راجيش کي زندگي جي تمام ڊگهي خانداني وڇوڙي کانپوءِ ان سالگرهه راجيش کي شانتي ڏني. راجيش پنهنجي فلم اراڌنا ۾ ڳايل ان گيت “ ميري سپنون کي راني ڪب آئي گي تو”۾ هميشه انجو کي تلاش ڪندو رهيو ۽ ٺيڪ ان ڏينهن جڏهن راجيش جي منهن تي وينٽي ليٽر چڙهيل هيو ۽ انجو آشرواد جي ان ڪمري ۾ راجيش کي الوداع چوڻ لاءِ موجود هئي.مهيش ڀٽ ٻڌايو ته انجو کان جڏهن مون فون ڪري راجيش جي موت جي خبر شيئر ڪئي ته سندس چوڻ هو. “ منهنجي لاءِ تسلي جي ڳالهه اها آهي ته راجيش جنهن مهل زندگي جو آخري ساهه کنيو ان مهل سندس هٿ منهنجي هٿ ۾ هو.”

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو