Home / افيئر / رڍن جو ترانو
above article banner

رڍن جو ترانو

ڏهاڪن جي زبان ۾ روايت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. صدين جا حوالا ڏيڻ ڪجهه سولو لڳندو. گهڻي، پراڻي ڳالهه جي صحت بابت ذميواريون ورهائجي وڃن ٿيون. سڻائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻئي اوپرا نسل هجن ٿا.وقت جي نهايت ڊگهي بَرَ ۾ ٽٻي هڻي تصديق جي مرحلي مان گذرڻ اڻ ٿيڻي چئجي.ويجهڙ واري وارتا جا ڪيترائي اکين ڏٺا شاهد اسان جي چوڌاري گڏبا.ٿڏي تي ٽوڪي سگهن ٿا- نه ! ايئن ناهي ٿيو. پوءِ ڇاڪبو؟ خير. اوهان چاهيندوَ ته ڪڏهن ڪڏهن ڳهر، غنودگي جي حال ۾ وات چوريو. ننڊاکڙي ماحول ۾ واقعا ٻڌايو.حادثا، اتفاق نه سجهن ته تاثر بيان ڪريو.نفس کي آجو ڇڏيو ته سامهون ويٺلن سان مخاطب ٿئي. بنا ڪنهن روڪ جي. توهان جي ئي پود مان ڪو همراهه هجي ته پاڻ تي ضبط آڻي. ٻي سانجهه کيس ڇڏيو ويندو. اندر اوتيندو ته رخنو نه هوندس. سچ جي ڏوري هٿ وٺي سوريندا وڃو. آکاڻي اڳتي سرڪندي ويندي .وچ پهچو ته حقيقت ۽ افساني جي تفاوت کي وساري ڇڏيو. اجائي ملاوٽ به نه ڪريو. حادثا، اتفاق،آزمائشون ڪٿان ڳولهي-وارتا ۾  چتيون ڇو هڻجن؟ جيئن ڏسجي ۽ محسوس ڪجي، تيئن بيان ڪجي.نفس کي ڇوٽ ڇڏڻ جو مطلب ٿيندو ته عقل اٽڪاءَ لاءِ نه اچي. نالي، سال، ماڳ جي درستگي پوءِ جو مامرو آهي . ياداشت، تاريخ کان مڪتي پائڻ جو دڳ چئجي. هلڪي نشي جي ڪيف ۾ ڳالهائڻ شروع ڪريو. دماغ جو ڪٻاڙ خانو، اسٽور روم يا جنهن کي تحت الشعور ٿا ڪوٺين تنهن منجهه جمع ٿيل گندگٻاڙ ٻاهر ڪڍو.پرواهه نه ڪيو  ته ماڻهو اوهان کي بڪواسي چوندا.توهان جي بيان کي لٻاڙ سڏي ان جي اهميت گهٽائي ڇڏيندا. ڳياڙي وڄائيندار هو. اتهاس جي چڪي ۾ پيڙهجي موڳاٽ جو شڪار ٿيڻ کان چڱو آهي ته چار احمق اوهان ڪاڻ تهمتن جا انبار کنيو گهمن.

تاڙي جا چار ڍُڪ اوتڻ کانپوءِ ليکڪ ڪيف ۾ آهي. چوڌاري ڳهر جو منظر آهي. ننڊ پوڻ کان اڳ مٿس ڳالهائڻ جو دورو پوندو. حاضر ويٺل ساٿين مان ڪوئي چپ چوريندو ته راوي خود تي ضبط آڻي ڇڏيندو. پريان ڪنڊ ۾ ويهاڻي کي ٽيڪ ڏئي گهڏندڙ ڄڻي سوير مزاجي عشق جي گپ ۾ ڦاسجي پوڻ جي دانهن پئي ڪئي.ٻه مجهول هئا جن- اهو اِهو ڪيس ۽ ماٺ ٿي ويو.خماريل ڏکاري کي اوهان چپ ڪرائي ڇڏيو ته وري کيس بيان تي اُڪسائڻ اوکو هوندوآهي. هاڻ هو صبح تائين زبان بند ڪري ويٺو هوندو.گهڻو ٿيو ته پاسي تي وڃي اوڪارا ڏيندو. پٺي مهٽيندوَس ته پاراتا ڪڍندو-قهاري ! ماري ڇڏيوَ. پرڀرو بيٺل عقل موالين جي هن ڪِڙ ڏانهن نهاري افسوس وچان هٿ گسائيندو. هو انسان کي لٺ سان هڪليندڙ ڌنار آهي. ڪيڙ کي قابو رکڻ لاءِ پرتي ڪٿي وسندڙ پرڀوءَ جهڙو اوتار کڻي ايندڙ. پرماتما جنهن جا وصف واگهه وانگر آهن. هر هڪ رڍ خاطر جهنگ جي ڪائي حد آهي جا مقرر آهي، تنهن کان ٻاهر ڀلي سائو چهچ گاهه هجي.اهو پر ساهسيءَ جي چرڻ ڪاڻ ڪونهي. اسين هتي ويٺل رڍون سندس ئي کڙهه جو ڀاڱو آهيون. تاڙي جون ٻه چُسڪيون ڀري نفس جي منهن سامهون آهيون.عاجزيءَ جي بار کان مڪتي ملي اٿئون. پاڻ کي ڳهڻ مان نڪتل ٿا ڀانيون.دانائيءَ جي قيد کان آزاد ٿيندا وينداسين.رات به ڪجهه اڳتي رڙهندي، باک ڦٽڻ مهل پنهنجي بغاءَ کي ديوي جي روپ ۾ ڏسڻ جي آشا اٿئون .گهڻو ڪري ايئن ٿيندو ناهي. ڏينهن عقل جو ساٿاري آهي. روشني هن جو چهبڪ.سج جي ڏيا، موالي ماڻهو کي هونءَ به ڪانهلو ڪري ڇڏيندي آهي.


لازمي آهي ته اڄوڪي رات جيئرا رهون. نجات جو جاري سمئه گهاريون. اڇي صبح ٿيڻ شرط سنگهر وڄندا،ڌنار، چاڪ ۽ چوبند هوندو.متاري جي امر آڏو ڪنڌ نمائي رڍون اڳتي وڌنديون. اسان جي لڱن جا وار ڪتري نانگو ڪيو ويندو.مزي وٺڻ خاطر سڀ کان ڪمزور ۽ ڊڄڻي رڍ جي پٺيءَ تي واسينگ ويهاري، سواري ڪئي ويندي. ٻين جانورن ۾ ٽاهه پيو ته پرڀوءَ جو نانءُ پڪاريو ويندو، ايئن جيئن-واگهه ڙي واگهه ! اسين ڄاوا آهيون  ۽ مري وينداسين. هر ڀيري ڪنهن قضا جو انتظار ڪندا رهنداسين. حادثو،واقعو اتفاق- جهنگ جي حياتيءَ جي دفتر جو حصو، بلڪل نه. وڏڙن کان ٻڌوسين. باهه بابت.سمورو جهنگل رک ٿيو.عقل اسان کي ميداني حدن ۾ وٺي آيو.گهڻي برسات پئي. ٻيهر ساوڪ جو جهان، موٽ کاريائين . تبديلي، ڪابه نه. هر دفعي،سينگاري،سگهارا ڪن پرماتما جي ٻليدان لاءِ هڪليا ويندا آهن.ڪي قدر اُهي اکيون جن منجهه شورش جا اولڙا هجن ،پرڀوءَ آڏو سندن رت وهايو وڃي.گوشت کي ٽانڊن تي ڪوئلو ڪيو وڃي.ماهه سان گڏ ڪروڌ کي چٻاڙي هو سرور ڀانئي-عجب لڳي. هڪ رات تاڙيءَ جي نشي بعد اسان منجهان ئي ڪنهن هيءَ ترانو جوڙيو.

ڊيل جهڙي سهڻي!

توکي پريت آڇيان

ماريءَ هٿ چمڪندڙ ڪات

پرڀوءَ وات پاڻي

پرماتما چئي مون کي پايو

سچي محبت سا ئي چئجي.

تنهنجو گوشت جنهن گجيءَ هجي

سو پيٽ نه مان ڦاڙي ڇڏيان.

روز نهاريان ڪلهن ڏانهن

ڏوَنرا،پُٺا ۽ رانون

ڀڳوان کي جي ڀيٽا ٿيندا.

ڪانگ جا ڪارا پرچڱا

توکي اُڏاري هليو وڃان.

پرڀو تنهنجو ماهه چٻاڙي

۽ مان ساڻس پريم رکان !؟

ڏور ڪٿي سوني محل وسندڙ پرماتما جا نياپا اچن.ڏيهاڙي، ڌنار سي کنيو اچي . پرڀوءَ کي ساهه سان سانڍي ۽ ساڻس لڳاءُ رکڻ جون هدايتون .حڪمت ڀريون ڳالهيون ته ڪيئن پاڻ کي صاف سٿرو ۽ صحت ڀريو رکجي. متارو ٿجي ۽ سندس ٻليدان چڙهجي. روح جنهن منجهان رڍن جي نجات جو ترانو ٻُري نڪتو تهن جو هڪ جسماني ويس به هئو.هن جا ڏونرا، پٺا ۽ رانو ن ڏسڻ وٽان هيون.اڃا اَسر ڪو نه ٿيو. تاڙيءَ جا خمار ڪين لٿا ته پيغام آيو.ايئن جيئن ڀڳوان ڀر سان ئي ڪنهن ٻوڙي ۾ جاسوسي لاءِ ويٺل هجي. ڪوي رڍ جي پريتما،ونيءَ کي سينگاريو ويو.کيس نيو ويو.تراني جو خلقڻهار سُڪل سَرَ۾ ٻوٿ هنيو ٻاڪاريندو رهيو.ڪهڪاءُ جهنگ جو قائدو ناهي، ماريءَ نه سڻي ته موهڻي رڍ جي گرڀ ۾ ڪويءَ جو ايندڙ نسل هئو. ڏسجي ته پرماتما گهڻي قدر ايندڙ پود، ابهم جيو کان ئي گهٻرائيندڙ پڌرو ٿيو آهي.ٽوهه ۾ هجي ٿو ته ڪيئن رڍن جي هاڻوڪي ڪيڙ کي هضم ڪري ۽ سندن صبحاڻ به هڙپ ڪري. تنهن مانجهاندي ڪويءَ جي اکين بجنس رت ڇڏيو. گهڻگهرن سمجهايس. مزاجي محبت جي بي ثباتيءَ جو درس هليو. جياپي جي بي باقي هجڻ جون ڳالهيون،چوڻيون ته پرڀو جيجل ماءُ کان ست ڏها سرس ڀيرا پنهنجي رچنا سان انس رکندڙ هجي ٿو. مخلوق تي پڻ بلڪل ئي لازم ٿئي ٿو ته خالق حقيقي سان ويجهڙائپ پيدا ڪري.ڪوي سانتيڪو ٿيو.ٽي پهريءَ ڌنار کونگهرا هنيا ته تراني جي شآعر سانباها ڪيا. تنهن طرف روانو ٿيو جنهن پاسي کان واگهه ڙي واگهه جي دانهن ڪري ماري کين ڊيڄاريندو رهيو هئو.هو پنهنجي سامهون واري ساڄي کُر جي چهنب تڪيندو ويو.راوي ان واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. ڪويءَ جي وات سندس ئي سٽون هيون…. تنهنجو گوشت جنهن گجيءَ هجي.سو پيٽ نه مان ڦاڙي ڇڏيان…

پوءِ ڇاٿيو ؟ خبر ناهي. ڪوي واپس ڪين وريو. ڌنار جي منهن تي سرسيءَ واري مرڪ ڏسي سمجهي وياسين پرماتما اڳي کان اڳري . تراني جو خالق نسل سميت الوپ . ٿڌ واريون  راتيون ۽ تاڙيءَ جا ڍڪ اسان اڪثرگڏجي سو ترانو چوندا آهيون. سنگيت مينڍ جي محتاج آهي،جنهن نڙيءَ سُريلو آواز ٿي ڪڍيو سا ٻئي ڏينهن سينگاري پئي وئي.مزاجي عشق، آجپي سان به چڱو ناهي هليو. حقيقي مالڪ اوهان کي ڪيڏي مهل به سڏائي سگهي ٿو.مڃيوسين ته اسان جو ڪنڌ فقط اثبات لاءِ خلقيل آهي. بت ٻليدان لاءِ جنم ڏنل آهن.آتمائون البت اٿئون جي مزاج کي ڀاڪرپائي ويٺيون آهن. ڄاڻان ٿو ته تاڙيءَ جي نشي ۾ گهڻو ڳالهائي ويو آهيان. معلوم اٿم ته سڀاڻي سينگاريو ويندس. پوءِ به ڪا دير موت جو خوف خبر ناهي ڪيڏانهن هليو ويو آهي.جهرڪين جي چرچر ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. آخري پيالي چپن سان لڳائي اٿم . ويرم سمهڻ به چاهيان ٿو. صديون آڳاٽي نه ڏهاڪن جي وارتا سڻائي چڪو آهيان. هورڙيان هورڙيان پاڻ کي ڳهڻ کان ٻاهر نڪرندو محسوس ٿو ڪريان.وينتي اها ته مُڪتيءَ جو ترانو ورجائيندارهجو.اوهان جي ڌڻ ۾ ئي هڪ ڌيءَ اٿم.جيڪو سندس وَر ٿئي تنهن لاءِ منٿ ته کيس مزاج جي اک سان ئي نهاري. ايترو پيار ڏئي جو هوءَ ڀڳوان جي صحبت وساري ڇڏي.

چڱو آءُ سمهان ٿو. ڳهر جي حال ۾ جيڪي ڪجهه بيان ڪيم تنهن تي ويچار ضرور ڪجو.زمان هر سمئه نئون ترانو جوڙي ٿو.عالم ان گيت منجهه سندي ڪيف جا اولڙا پسي ٿو.ڪوي،اول پريتما،ايندڙ نسل ۽ پوءِ پنهنجو ڪنڌ ڀيٽا لاءِ پيش ڪري ٿو.پرڀوءَ جي ناماچاري،سدا بهار فصل آهي. ڌرتيءَ تي ٻوساٽ وڌندو وڃي ٿو.نشي جي حالت ۾ آءُ پنهنجي بيان کي ربط نه ڏئي سگهيس. اوهان چاهيون ته ڪڙيون ڪڙين سان ملائي ڄاڻي سگهو ٿا. صديون آڳاٽي نه ويجهڙ وارن ڏهاڪن جي وارتا آهي. جاري وقت جي ڪهاڻي آهي.ٿي سگهي ته مهربانو،هڪڙو وڙ ڪيو. اکيون ٻوٽڻ کان اڳ تاڙيءَ جي پيالي اڃا به ڏيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو