Home / افيئر / سنڌي ڪتابن جي کپت
above article banner

سنڌي ڪتابن جي کپت

 

سچ ڪري پڇو ته پاڻ کي اڃا تائين اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته واري سان سنڌي اخبارن ۾ اها هاءِ گهوڙا ۽ پٽڪو ڇو لڳو پيو آهي ته اڳي گهڻا ماڻهو ڪتاب پڙهندا هئا ۽ هاڻي ميڊيا جي اچڻ جي ڪري ماڻهو ڪتاب گهٽ ٿا پڙهن. ها، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته  جي ڪنهن ڪتاب ۾ دم خم نه هوندو ته پوءِ ماڻهن جي ڪهڙي کٽي آهي جو پنهنجو وقت اهڙن ڪتابن پڙهڻ ۾ خراب ڪن.باقي جيڪي ڪتاب دم خم رکن ٿا ته اهي ته اڳي کان تمام گهڻو وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. 1947ع کان پوءِ سنڌي ادب تڏهن چاڙهه کاڌو، جنهن زماني ۾ روح رهاڻ رسالو نڪتو ۽ روح رهاڻ جا جشن بسنت هال ۾ ٿيندا هئا ۽ جڏهن شيخ اياز شاعري پڙهڻ لاءِ اٿندو هو ته سڄو هال ڀرجي ويندو هو. پر هاڻ شيخ اياز ته پري جي ڳالهه پر جي ڪچو ڦڪو ادبي فنڪشن ٿيندوآهي ته به  ممتاز آڊيٽوريم ڀرجي ويندو آهي، جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي. هاڻي توهان انهي وقت آڊيٽوريم جي به ڪٿ ڪري ڏسو ته جي ڀلجان نٿو ته ممتاز آڊيٽوريم ۾ پنجوڻ تي وڌيڪ ماڻهو ادبي فنڪشن ۾ گڏ ٿين ٿا. جي شيخ اياز اڃا حال حيات هجي ها ته ڪر سندس شاعري ٻڌڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ممتاز آڊيٽوريم به پوري پئجي نه سگهي. اها ڳالهه ته ٿي ٻڌڻ جي حد تائين پر جنهن زماني کي ادب جي عروج وارو زمانو چئجي ٿو ته انهي زماني ۾ شيخ اياز جي شاعري جو ڪتاب ڇڪي تاڻي هزارکن ڪاپيون مس ڇپجندو هو. پر هاڻي سندس ڪتابن جي هر هڪ ڪاپي هزارن جي منهن شايع ٿئي ٿي ۽ ڇاپي پويان ڇاپو اچي ٿو.

شيخ اياز ته ٿيو Larger than life شاعر، پر جي ٻئي نثر تي اچون ته نسيم کرل، جمال ابڙو، امر جليل ۽ الطاف شيخ جا ڪتاب به گهٽ ڪونه ٿا ڇپجن. اهي ته ٿيا سينيئر ليکڪ پر خود طارق ابڙو جي ناول “ رهجي ويل منظر” جا ست ڇاپا اچي به ويا ۽ هٿو ئي هٿ کڄي به ويا.اڳي هڪ اڌ اشاعتي ادارا هئا،هاڻي ته انهن جو تعداد اڳي کان گهڻو وڌيل نظر اچي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ ڪتاب مٿان ڪتاب شايع ٿيندو نظر اچي ٿو. ظاهر آهي ته انهن پبلشرن بک مرڻ لاءِ دڪان ته ڪونه کوليا آهن. ڪمائين ٿا تڏهن ته ڪتاب پويان ڪتاب شايع ڪن ٿا. وڌيڪ ماڻهو پڙهن ٿا. تڏهن ته ايترا ڪتاب شايع ٿين ٿا. ڪٿي ڪٿي ته اهي ڪتاب فوٽو اسٽيٽ ڪري جلد بند ڪرائي به وڪرو ڪيا وڃن ٿا. پبلشرن کي انهي ڳالهه تي ڪن کڻڻ کپن، پاڻ جو ڪم آهي اطلاع ڏيڻ . اڳي “ افيئر” جي طرز تي ٻه چار رسالا نڪرندا هئا، پر اهي صرف وڌ ۾ وڌ پنج سئو ڪاپيون ڇپبا هئا. هاڻي “ افيئر” ته جتي ڪٿي ڏسجي ٿو، جي ڏينهن به دير ڪر ته اسٽالن تان اهو اطلاع ٿو ملي ته افيئر جون سڀ ڪاپيون کڄي ويون آهن. معنيٰ ته ماڻهو پڙهن ٿا. باقي جي ڪنهن ڪتاب يا رسالي ۾ حال نه هوندو ته اهو اسٽالن تي پيو سڙندو. منهنجي نظر ۾ هن ملڪ ۾ اردو جو هن وقت سٺو معياري ليکڪ انتظار حسين آهي. مون  کي تڏهن حيراني ٿي جڏهن لاهور جي هڪ محفل ۾ انتظار حسين مون کان پڇيو ته سندس ناول جون صرف هڪ هزار ڪاپيون ڇپجن ٿيون، جنهن جا وڌ ۾ وڌ خريدار سنڌي آهن. انهيءَ جو ڪارڻ ڇاهي؟ ٻڌايو مانس ته سنڌي پڙهن ٿا. ايئن جيئن ڀارت ۾ ڏکڻ ڀارت جا ماڻهو غريبي حال سارو به اترئين ڀارت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ معياري ادب پڙهن ٿا.ايئن سنڌ به ڏکڻ ۾ آهي ۽ حال به غريباڻو اٿس. مون هيستائين ڪراچي ۾ جيڪي به اردو ادب جا فنڪشن ڏٺا آهن، انهن ۾ 90 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ته جهونا ۽ جهونيون هونديون آهن.جڏهن ته سنڌي ادب جي محفل ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو نوجوان موجود هوندا آهن. اردو معياري ادب کي ڊائجسٽ کائي ويا آهن. جڏهن ته سنڌي زبان ۾ ڪوششن جي باوجود اڃاتائين ڪو ڊائجسٽ ايترو اڀري نه سگهيو آهي، جيترو معياري لکڻيون اڀري سگهيون آهن.هيستائين اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪتاب جي آڏو ڪونه آئي آهي.مورڳو ميڊيا ته پاڻ ڪتابن کي هٿي ڏني آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا اڃا نابالغ آهي، پر مغرب ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو گهر آهي.

ڀارت ۾ به چئنل مٿان چئنل چڙهيو بيٺو آهي. اهو ئي حال ڪمپيوٽر جو آهي. پر پوءِ به انهن ملڪن ۾ ڪتابن جي اشاعت ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي ۽ معياري ادب تخليق ڪندڙ ليکڪ مهانگا ٿيندا پيا وڃن.تازو بيمار ٿيڻ کان اڳ ۾ گارشيامارڪيز ڇڙي اڌ ڪلاڪ جي انٽرويو ڏيڻ جو معاوضو ميڊيا وارن کان پنجاهه هزار ڊالر وٺندو رهيو آهي. ڪمپيوٽر تي اوهان سندس شخصيت ۽ ڪتابن جي باري ۾ مختصر ڄاڻ ته حاصل ڪري سگهو ٿا پر سندس ڪو به شاهڪار پڙهي نٿا سگهو.ٻئي پاسي اوپراهه (Oprahh) جو ٽي وي پروگرام لڳ ڀڳ ويهارو سالن تائين ٽاپ رينڪنگ تي رهيوآهي، پر جڏهن سندس رينڪنگ کي لوڏو آيو ته هاڻي اها ساڳي (Oprah) پبلشر به بڻجي چڪي آهي ته جيئن سندس نالو سرفهرست رهي. اهو ته ٿيو آمريڪا، پر جي يورپ تي وڃبو ته مارٽن ايمس (Martin Amis) جهڙا ليکڪ ڪتاب لکڻ جا ڇڙا سوٿيءَ جا پيسا 5 لک پائونڊ وٺندو آهي. ڪاپوشنسڪي ته گذاري چڪو ، پر سندس ڪتابن جي اشاعت جو تعداد ته مارٽن ايمس جي ڪتابن کان وڌيڪ آهي.

يورپ ۾ جيڪا عزت وي. ايس نائيپال ۽ گئنگرگراس جهڙن ليکڪن کي ٿي ملي، ايتري ڪنهن وڏ ي اينڪرپرسن کي ته ڇا پر اتان جي وزير اعظم يا چانسلر کي به نٿي ملي. سو اتي جواهو حال آهي. ٻئي پاسي يورپ ۽ آمريڪا جا جيترا به وڏا وڏا اشاعتي ادارا آهن، انهن سڀني جون شاخون ڀارت جي پنجن پنجن شهرن ۾ موجود آهن.مطلب ته سنجيده ڪتاب اتي به وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو. جتي ٽي وي چئنلن جو حشروڙ موجود آهي ۽ ڪمپيوٽر سٿيا پيا آهن. پاڻ وٽ اڃا اليڪٽرانڪ ميڊيا ايتري ترقي  ڪا نه ڪئي آهي ته ڪتابن جي وڪري کي ڇو روڪيندي؟ مسئلو رڳو ڪتابن جي معيار جو آهي. البت ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ڪتاب جو اهو معيار ناهي.

ڪراچي شهر ۾ لبرٽي بوڪس وارن جا ست کن دڪان آهن جتي رڳو انگريزي ڪتاب وڪرو ٿين ٿا. هي بندو به انهن دڪانن تي ايندو ويندو رهيو آهي. پاڻ کي ته انهن دڪانن ۾ گهڻائي سنڌي خريدارن جي نظرآئي . مطلب ته سنڌ ۾ گهڻو ڪجهه پڙهيو وڃي ٿو. اهي پڙهندڙ ڪنهن اخبار ۾ خط ڇپائڻ جي چڪر ۾ نه پوندا آهن جن کي خاموش حلقو چئي سگهجي ٿو. سو اها ڳالهه اجائي آهي ته سنڌ مان ڪتابن پڙهڻ جو رجحان ختم ٿيندو وڃي.سٺو ڪتاب لکو، پوءِ گراهڪ جام. باقي ٺلهه تي کُل ڏبي ته زيرو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو