Home / افيئر / سنڌ يونيورسٽي يا بند يونيورسٽي
above article banner

سنڌ يونيورسٽي يا بند يونيورسٽي

 

سياست جو ڌنڌو انتهائي گندو هوندو آهي. سنڌ يونيورسٽي به هڪ ننڍڙي رياست بڻجي وئي آهي جتان جي سياست مادر علمي جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي رڳو 25 هزار شاگردن، 5 سئو استادن ۽

 

25 سئو ملازمن جو نالو نه آهي پر هي هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن سان پوري سنڌ جو مستقبل لاڳاپيل آهي، جنهن جي تباهي جي پٺيان نه رڳو ايجنسين  ۽ سياسي جماعتن جو هٿ آهي پر ان پٺيان شاگردن، استادن ۽ والدين به ملوث آهن. “افيئر” نه رڳو وي سي نظير مغل جي اقتداري دور ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي نروار جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي پر مظهر الحق صديقي جي آمريت جهڙي اقتداري دور ۾ جيڪو وهيو واپريو ان کي هڪ آئيني جيان پڙهندڙن جي سامهون آندو. جيتوڻيڪ وي سي جو عهدو 4 سالن جي مدي تائين هوندو آهي پر مظهر صديقي جي مدي ۾ ٽيون ڀيرو جيڪا واڌ ٿي هئي “افيئر” ان آمريتي دورخلاف به لکندو رهيو جنهن ڪري عدالتي ڪيسن سان به منهن ڏيڻو پيو. وي سي جو عهدو وٺڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي ان لاءِ چڱي خاصي رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي،  تنهن ڪري اهو وي سي ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو مدو پورو ڪندو رهي ٿو ماضي ۾ مظهر صديقي  اميدوارن ۾ 50 نمبر تي هو پر هو عزيز آباد جي آدمين جي ڪوٽا ۾ ڀرتي ٿيو هو جڏهن ته اهليت کي نظر انداز ڪندي  سندس مدي ۾ ٽي ڀيرا واڌ به ڪئي وئي هئي.هن وقت وي سي جي عهدي جي جنگ رڳو نظير مغل يا سوٽا اڳواڻن ۾ نه آهي هي جنگ ايون صدر ۽ گورنر هائوس وچ ۾ آهي. گورنر هائوس پنهنجي مرضي جو وي سي آڻڻ جي چڪر ۾ آهي پر هن ڀيري گورنر هائوس کي ايوان صدر ملهه ماريون پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ نظير مغل به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ لاءِ 10 ئي آڱرين جا زور لڳايا پر هو شروعاتي ڌڪ پچائي نه سگهيو ۽ استاد تنظيمن جي مخالفت کان پوءِ سندس اقتدار جو تخت اونڌو ٿي ويس تنهن ڪري هو ٻي ٽل ڪري آيو ۽ هن ڪجهه استادن سان اندروني طور معاملا طئي ڪيا جنهن ڪري پوءِ نظير مغل ٽن مهينن جي موڪل کان پوءِ 29 جون 2012ع تي ٻيهر چارج وٺي ڪم شروع ڪيو، جڏهن نظير مغل ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو هو ڊاڪٽرپروين شاهه کي وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو تنهن دانشمندي جو مظاهرو ڪندي “مفاهمت” واري پاليسي اختيار ڪئي ڇا ڪاڻ ته هن نظير مغل سان جيڪا جٺ ٿي ان کي اکين سان ڏٺو ان ڪري هن مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي. ونڊ ورڇ ڪري کائڻ واري پروين شاهه جڏهن عهدي جي چارج سنڀالي ته سيوا ۽ سوٽا وارن احتجاجي تحريڪ کي تالا لڳائي ڇڏيا رڳو ميار کان بچڻ لاءِ هڪ اڌ ڪلاڪ روڊن تي اچي نعرا هنيا ويا. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته نا اهل وائيس چانسلر جي وڃڻ کان پوءِ اهل وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه جي چئن مهينن جي مختصر اقتداري دور ۾ 2 شاگرد دين محمد ۽   عبدالغفور نوحاڻي شهيد ٿيا، ان 4 مهينن ۾ فائرنگ جا 37 واقعا پيش آيا ۽ لڳ ڀڳ 20 جهيڙا ٿيا جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا. ان دوران ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون، “افيئر”  جا ذريعا ٻڌائين ٿا ته ان دوران سوين غير قانوني ڀرتيون ٿيون، استاد تنظيمن کي وڏي پئماني تي خوش رکيو ويو.  سينيئر استادن کي ڇڏي جونيئر استادن ۽ سوٽا سان لاڳاپيل استادن کي پرڏيهه ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جون منظوريون ڏينون ويون، ميرٽ جي لتاڙ ڪري ايڊميشن سيل ۾ ناجائز داخلائون ڏنيون ويون، حلف وفاداري تقريب جي نالي سان لکين رپيا رشوت طور جاري ڪرڻ سميت استادن جي فيڊريشن اسلام آباد جي اجلاس لاءِ هزارين رپيا جاري ڪيا ويا، سوٽا ۽ سيوا جي ڪيترن ئي استادن کي بنگلا الاٽ ڪيا ويا.“افيئر” جي ذريعن موجب وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه ڪيترن ئي کي نوازيو جن سندس خلاف ڪا به احتجاجي تحريڪ نه هلائي، هن سوٽا ۽ سيوا جي اڳواڻن کي ان ڪري خوش ڪيو جيئن نظير مغل واپس نه اچي. ذريعا ٻڌائين ٿا ته پروين شاهه ۽ استادن ۾ ڳجهي ٺاهه کان پوءِ پروفيسر سرفراز سولنگي کي ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ  مقرر ڪيو ، سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد عبدالغفار شاهه سوٽا جي تجويز تي  پروفيسر سيد رضا محمد شاهه کي  يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني جي چيئرمين شپ واري اضافي چارج ڏني. مليل ڄاڻ موجب وقتي وائيس چيئرمين  پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه طرفان سوٽا ۽ سيوا اڳواڻن جي خواهشن تي نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا.سوٽا ۽ سيوا جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ونڊ ملڻ کان پوءِ پروين شاهه جي اقتداري دور ۾ کين ٻن شاگردن جي قتل ۽ جهيڙن سميت ٻي ڪرپشن نظر نه آئي ۽ هنن احتجاجي تحريڪ کي ختم ڪري ڇڏيو. هي سڀ ڪجهه عوام جي سامهون آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري ٿو ان پٺيان ڪهڙي ڌر جا ڪهڙا مقصد آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته نظير مغل جي وڃڻ کانپوءِ پروين شاهه جن کي اضافي چارجون ۽ ٻيا عهدا ڏنا  تن کي نظير مغل هٽائي وري انهن جي جاءِ تي پنهنجا اهي ماڻهو رکيا جن کي هن سوٽا جي هلندڙ تحريڪ مان ٽوڙيو.

نظير مغل جو ٻن سالن وارو دور سوٽا ۽ سيوا کي وڻوندڙ لڳو پر جڏهن معاملا هيڏي هوڏي ٿيا ته هنن احتجاجي تحريڪون شروع ڪيون. چئن مهينن جي موڪل کان پوءِ جڏهن نظير مغل وري چارج وٺي ڪم کي اڳتي وڌائي ٿو ته سوٽا ۽ سيوا وارن کي ان جي ڪرپشن نظر اچي ٿي ۽ احتجاجي تحريڪ ٻيهر شروع ڪئي ٿي وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي نظير مغل جي دور کان پوءِ جڏهن وقتي وائيس چانسلر پروين شاهه اچي ٿي تڏهن تحريڪ کي ٻنجو ٿو اچي وڃي ان کان پوءِ ڪهاڻي جو رخ وري ٽيون پاسو اختيار ٿو ڪري، ڇو ته جڏهن ڪجهه صحافين اهي سموريون حقيقتون سامهون آنديون ته کين ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڄامشوري جو هڪ سينيئر  صحافي حاڪم چانڊيو “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن هنن سموريون حقيقتون ميڊيا تي آنديون ته سوٽا ۾ شامل ٻن عورت اڳواڻن پنهنجي سفارشن ذريعي ڪيترن ئي صحافين جي نمائندگي ختم ڪرائي  جيڪڏهن انهن خلاف ڪالم لکيا ويا ته انهن کي ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون مليون. سندس چوڻ هو ته هنن ڪجهه صحافي پنهنجي من پسند جا رکرايا آهن. هن ٻڌايو ته سوٽا اڳواڻن آخر ۾ نظير مغل هٽايو بدران صحافي هٽايو تحريڪ هلائي.

نظير مغل جي وڃڻ ۽ ان جي اچڻ تائين تقريبن سنڌ يونيورسٽي ٻن مهينن تائين بند رهي، ڪلاسن جا بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا روز جو معمول رهيا. ان سموري صورتحال جي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

نظير مغل ۽ سوٽا اڳواڻن وچ ۾ ڳجهو ٺاهه آخر تائين نه ٿو ٿئي آخر ڪار ڊرامو پنهنجو رخ مٽائيندو پيو وڃي ۽ اهڙي صورتحال ۾ نظير مغل سوٽا جي ڪجهه ماڻهن کي راضي ڪري انهن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. ان تحريڪ دوران سوٽا اڳواڻن توڙي وي سي وچ ۾ سرد جنگ جاري رهي اهڙي ريت 8 جولاءِ واري رات سوٽا اڳواڻ عرفانا ملاح ۽ امر سنڌو ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيون هيون ۽ ان وقت هنن جون ٽي گاڏيون هيون جن گاڏين ۾ هي سوار هيون ان جي اڳيان ۽ پٺيان واري گاڏي  به انهن جي ئي هئي.تنهن وقت ڪراچي جي سپر هاءِ وي نادرن باءِ پاس وٽ مٿن نامعلوم هٿياربند حملو ڪري ويا. ان دوران گاڏيءَ تي فائرنگ سبب امر سنڌو کي ٻانهن ۾ هلڪو زخم رسيو، جنهن بقائي اسپتال مان معمولي قسم جو علاج ورتو . جنهن علائقي ۾ هي واقعو پيش آيو اها سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد هئي پر واقعي کان پوءِ ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ، ايس ايڇ او گڏاپ ٽائون ۽ ايس ايڇ او سچل به اتي ئي پهتا. ذريعن موجب ان وقت عرفانا ۽ امرسنڌو جو چوڻ هو ته هنن هٿياربندن جي سڃاڻپ ڪئي آهي ۽ اهي نظير مغل جا ماڻهو هئا. اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رات جي اونڌاهي ۾ هنن هٿياربندن جي سڃاڻپ ڪيئن ڪئي؟ ۽ جيڪڏهن هٿياربند ايترو ويجهو اچن ها ته سندن نشانو غلط نه وڃي ها. بهرحال اهڙا کوڙ سارا سوال پيدا ٿين ٿا. ذريعن موجب جڏهن امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پهتيون ته هنن سڌو وي سي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر قانون موجب 16 گريڊ کان مٿي جي آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي کي چيف سيڪريٽري کان اجازت وٺڻي پوندي آهي.ان سلسلي ۾ “افيئر” طرفان امر سنڌو ۽ عرفانا ملاح سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي. اهڙي واقعي بابت سندن مخالف ٻڌائين ٿا ته اهو واقعو شروع کان چٽو نه ريهوآهي.اهي سوال اٿاريا وڃن ٿا ته حملي جي ايف آءِ آر ۽ زخمي جي ڊاڪٽري چڪاس رپرٽ اڃاڇونه ٿي آهي.؟

وي سي نظير مغل جڏهن پاڻ خلاف تحريڪ کي اثرائتو ڏٺو تڏهن هن سوٽا کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کان حمايت حاصل ڪئي ۽ انهن وي سي خلاف تحريڪ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾  16 جولاءِ تي حيدرآباد جي جيم خاني ۾ وي سي نظير مغل کي آجياڻو پڻ ڏنو ويو.  ماضي ۾ وي سي نظير مغل خلاف تحريڪ هلائيندڙ  ۽ تازو ئي  ان کي آجياڻو ڏيندڙ  ڊاڪٽر عبدالجبار شيخ “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته ماضي ۾ هنن ڪڏهن به وي سي نظير مغل خلاف ڪا به تحريڪ نه هلائي هئي ، هو صرف يونيورسٽي جو ماحول سڌارڻ لاءِ روڊن تي نڪتا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار شيخ ٻڌايو ته “کين دوست استعمال ڪري ويا آهن، سندس چوڻ هو ته چند ماڻهو هئا جيڪي نظير مغل هٽايو تحريڪ ۾ هئا باقي اڪثريت انهن جي هئي، جيڪي يونيورسٽي سڌارڻ چاهين ٿا. سوٽا جو ساٿ ڇڏي ويل عبدالجبار شيخ جي موقف بابت وري سوٽا اڳواڻ اظهر شاهه جو چوڻ آهي ته  جن دوستن نظير مغل جو ساٿ ڏنو آهي انهن تي ڪو نه ڪو پريشر ضرور هوندو،  باقي اهڙي تحريڪن ۾ ماڻهو ايندا ويندا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو کين ڪجهه فائدا مليا هجن. اظهر شاهه کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته اوهان پروين شاهه جي دور ۾ جڏهن ٻه شاگرد قتل ٿيا ان وقت احتجاج ڇو نه ڪيو، تنهن سوال جي جواب ۾ الزام هڻندي ٻڌائي ٿو ته  ان وقت ماحول سمورو  نظير مغل ئي خراب ڪيو هو ۽ هو ان وقت پروين شاهه خلاف به 2 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪندا رهيا.

سياست جي ور چڙهي ويل سنڌ يونيورسٽي هڪ ننڍڙي رياست بڻجي وئي آهي ان جو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ  سياسي جماعتون سرگرم آهن، تنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ وي سي جي مقرري غيرجانبدار نه پئي ٿئي تنهنڪري ڪيترن ئي سالن کان احتجاج بائيڪاٽ، ڌرڻا، قتل ۽ ٻيون ڪارروايون روز جو معمول بڻجي ويون آهن ۽ ان جو سمورو نزلو سنڌ جي مسقبل تي اچي ڪري ٿو ،جنهن بابت ڪير به سنجيدگي سان سوچڻ وارو ناهي ۽ هن وقت سياست جي ور چڙهي ويل سنڌ يونيورسٽي بند يونيورسٽي بڻجي وئي آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو