Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ سياسي شطرنج ۽ ٺهندڙ ڊهندڙ اتحاد
above article banner

سنڌ ۾ سياسي شطرنج ۽ ٺهندڙ ڊهندڙ اتحاد

پيپلز پارٽي جي انڌي منڊي حڪومت پنهجا چار سال پورا ڪرڻ کانپوءِ خيرن سان پنجين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٻئين ۽ ٽئين وزيراعظم کي پڻ گهر ڀيڙو ڪري ته وقت کان اڳ به چونڊون ممڪن ٿي سگهن ٿيون پر نه ته به ايندڙ سال ته چونڊن جو سال آهي ئي. چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي ميدان ۾ شطرنج جي کيڏارين پنهنجا داوَ پيچ هڻڻ شروع ڪيا آهن. هڪ طرف ته سياسي درگاهن تي ڀت جون ديڳيون پچڻ شروع ٿي ويون آهن. وري ٻئي طرف اسان وٽ سياسي اهڃاڻ طور سڃاتيون ويندڙ سياسي جماعتون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) پڻ سنڌ ۾ جون جي سج جيان گرم نظر اچي رهي آهي. 2008 ۾ ٿيل عام  چونڊن دوران ملڪ ۾ آمريت هجي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري سانحي سبب سياسي جماعتن کي يا ته چونڊ مهم هلائڻ جو موقعو گهٽ مليو هو يا وري سياسي پارٽين هڪ چونڊ مرڪز جنرل پرويز مشرف جي ذات هئي. ايئن کڻي چئجي ته 2008 ع جي چونڊن ۾ مشرف جي حامين ۽ مشرف جي مخالفن جو مقابلو هو. اها ڌار ڳالهه آهي ته جنرل پرويز مشرف جي ترپ جا پتا اڄ آصف علي زرداري جي کيسي ۾ پيا آهن. هونئن ته ملڪي ساست تي عمران خان جو اثر رسوخ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي پر اسان جو بحث صرف سنڌ جي سياست تائين محدود آهي ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته اڃا تائين سنڌ جي سياسي شطرنج واري ميدان ۾ عمران خان وٽ ڪنگ ۽ ڪوئين ته ڇا پر پيادا به نظر نٿا اچن. لڳي ايئن ٿو ته مرڪز ۾ هن ڀيري مذهبي جماعتن جو ڪو گهڻو ڪردار نه رهندو بلڪه رائٽ ونگ جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عمران خان اڳتي اچي سگهي ٿو. هو،جماعت اسلامي  شيخ رشيد ۽ جنرل حميد گل سان سياسي اتحاد ڪري چونڊن جي ميدان ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. هن جي ڪوشش  هوندي ته گذريل چونڊن ۾ متحده مجلس عمل ( ايم ايم اي) وارو ووٽ پلس پنجاب ۽ پختونخواه جي شهري حلقن مان نوجوان نسل جو ووٽ کيس ملي سگهي.


سنڌ ۾ عمران خان جو ڪردار دوربين سان ڏسڻ جي باوجود نظر نٿو اچي. هن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏا جلسا منعقد به ڪيا آهن پر ان جو ڪرائوڊ شهري جماعت جو ڀاڙي وارو هو.هو اڃا سنڌ ۾ ڪي مناسب عهديدار به جمع نه ڪري سگهيو آهي. سنڌ ۾ روايتي طور تي ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ ڀٽو مخالف اميدوارن جو روايتي مقابلو ٿيندو رهيو آهي. سنڌ سياسي طور تي هڪ واحد صوبو آهي جتي هڪ پارٽي نظام جهڙو ماحول ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي.جيتوڻيڪ هتي ايم ڪيو ايم ۽ وڏيرڪي اتحاد تي ٻڌل حڪومتون فاتح رهيون آهن. جن ۾ ڄام صادق علي کان ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي حڪومت تائين ڪافي مثال آهن- پر حقيقت اها آهي ته اهي حڪومتون ايستائين قائم ٿي نه ٿيون سگهن  جيستائين پيپلز پارٽي جي پارلياماني قوت کي ٽوڙي لوٽا نه بڻايا هجن. اسٽيبلشمينٽ سميت سنڌ جي ڪابه قوت پيپلز پارٽي جي متبادل قوت سنڌ ۾ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. سنڌ ۾ هڪ وڏو اثر رسوخ قوم پرست جماعتن جو موجود آهي-جن وٽ اسٽريٽ پاور به گهڻو آهي –پر اهي يا ته پارلياماني سياست کان پاسيرا آهن يا وري اختلافن جي ۾ ايتروته ڦاٿل رهيا آهن جو انهن جي سياست نعرن کان ٻاهر نڪري عوامي سطح واري منزل تي  پهچي نٿي سگهي آهي.پيپلز پارٽي کي 4 ڀيرا جيڪا حڪومت ملي آهي ان ۾ وڏو ڪردار سنڌ جي ماڻهن جو ئي آهي، پر ان جي باوجود به سنڌ جون ٻهراڙيون ۽ شهر ترقي لحاظ هڪ صدي پوئتي لڳي رهياآهن.وڏيرا ڀوتار پيپلز پارٽي ۾ شموليت ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجن ٿا. صرف اهي وڏيرا ۽  ڀوتار پيپلز پارٽيءَ جا مخالف آهن جن جي پيپلز پارٽي ۾ڪا گنجائش نٿي ٺهي.

سنڌ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اصل مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن. اهو ئي سبب آهي جو ميان نواز شريف هفتي ڏيڍ ۾ ٻه ڏينهن سنڌ ۾ گذارڻ تي مجبور آهي. هو پي پي مخالف سمورين قوتن کي خاموش سياسي حڪمت عملي تحت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اڳوڻي حڪومت ۾ جنرل پرويز مشرف جا اتحادي مارئي ميمڻ ، لياقت جتوئي،منظورحسين پنهور اڄ سنڌ ۾ نواز شريف جا مضبوط مهرا آهن بدين ۾ اسماعيل راهو جو اثر رسوخ آهي ،ته وري هو ٺٽي جي شيرازي ڀائرن، نواجتوئي جي جتوئي ڀائرن، سکر ۽ گهوٽڪي  مهر ڀائرن سان پڻ رابطن ۾ آهي.سياسي طور تي سنڌ جي قوم پرست جماعتن جهڙوڪ ايس يو پي جي جلال محمود شاهه سان ٺاهن ۽ اتحاد کي به نوازشريف جي ڪامياب سياسي حڪمت عملي قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهي اتحاد سان عوام ۾ موبلائيزيشن پيدا ٿيندي ۽ سياست نالوئي عوام کي موبلائيز ڪرڻ جو آهي. سنڌ ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين لکن جي  تعداد ۾ پنجابي آبادگارن جا ووٽ درج آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي اسٽيبلشمينث جي چوڻ تي وڌا ويندا رهيا آهن.سنڌ جي قوم پرستن ۽ ڪجهه ڀوتارن جو اهو به خيال آهي ته مسلم ليگ (ن) سان اتحاد جي صورت ۾ اهي اهڙا ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ ڏينهن تائين سنڌ ۾ سڀ کان وڏي اسٽيڪ هولڊر آهي. صدر آصف علي زرداري جي جيڪا حڪمت عملي نظر اچي رهي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به سياسي خاندان آهن انهن کي حصو پتي ڏئي اقتدار ۾ شامل ڪيو وڃي. اهوئي سبب آهي ته متحده مومي موومينٽ هجي يا مسلم ليگ فنڪشنل، نيشنل پيپلز پارٽي هجي يا ڪا ٻي سياسي قوت سڀ جا سڀ صدر آصف علي زرداري جا اتحادي آهن. اهي سڀ سياسي جماعتون کيل طور چئي رهيون آهن ته ايندڙ حڪومت ۾ پڻ پيپلز پارٽيءَ جون اتحادي ئي رهنديون.صدر آصف علي زرداري جو اهو فارمولو آهي ته سڀني اتحادي پارٽين سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري چونڊون وڙهجن ته جيئن گهڻي مهم هلائڻ جي ضرورت نه پوي ۽ نه ئي وري گهڻي سرمائي جي گهرج ٿئي- هر ماڻهو پنهنجو حصو پتي وٺي. مفاهمت واري سياست جو مقصد ئي آهي ته “کائو ۽ کارايو” سنڌ ۾ مفاهمتي لڏي ۾ جيڪڏهن ڪو رخنو وجهي سگهي ٿو ته اهو مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ نواز شريف ئي آهي-انڪري صدر آصف علي زرداري جي ڪوشش آهي ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ نواز ليگ جو رستو روڪڻو آهي. ان لاءِ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه لاهور ۾ چوڌري پرويز الاهي کان وٺي ڪنگري هائوس ۽ نائين زيرو جا دورا ڪري ٿو ته جيئن سنڌ ۾ نواز ليگ جا رستا بلاڪ ڪري سگهجن. صدر آصف علي زرداري هڪڙي حڪمت عملي اها به ٺهرائي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪي سياسي ڀوتار پيپلز پارٽي سان گڏ ويهڻ، ان سان اتحاد ڪرڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿا ته انهن ئي نوان اتحاد ٺاهي سياسي طور سرگرم رکيو وڃي ته اهڙو هڪڙو اڻ اعلانيل اتحاد ڪنگري هائوس ۾ سياستدانن جو گڏجڻ آهي- جنهن لاءِ چيو وڃي  ٿو ته اهڙي اتحاد کي سياسي آشيرواد حاصل آهي جنهن جو ڪم اهو آهي ته سياسي خاندانن ۽ ڀوتارن کي ميان نواز شريف طرف وڃڻ کان روڪيو وڃي.

اڃا ته چونڊن ۾ 10 کان 12 مهينن جو عرصو پيو آهي. انڪري امڪان آهي ته سنڌ ۾ ڪي نوان اتحاد، ايڪشن ڪيمٽيون قائم ٿين، راڄوڻي اتحاد قائم ٿين. ڪي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندا ته ڪن جا وري چونڊ کان اڳ ترا نڪري سگهن ٿا.ڪالهه تائين قوم پرست جماعتن جو اتحاد “ سنڌي ماڻهن جو قومي اتحاد (سپنا) هڪ وسيع پليٽ فارم ) سمجهيو پئي ويو. جن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي شامل هيون پر ايس يو پي ۽ مسلم ليگ ن) جي اتحاد کانپوءِ ڊاڪٽر قادر مگسي ته جا اخباري بيان پڙهڻ مان لڳي ٿو سپنا وري هاڻي عملي طور تي غير موثر بڻجي چڪو آهي.عوامي تحريڪ جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو محبت سنڌ ريلي کانپوءِ ڪافي سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جنهن جو مرڪز گهڻو تڻو ڪراچي جو علائقو لياري رهيو آهي. ايندڙ سياسي شطرنج ۾ عوامي تحريڪ به ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اهو في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ثابت ٿيندو.

سياسي نظام ۾ مخالف ڌر جي اهميت ايتري ٿيندي آهي جيتري اقتداري ڌر جي هوندي آهي. متبادل قيادت کانسوءِ سياسي نظام آمريت برابر هوندو آهي. سنڌ جي اها بد قسمتي آهي ته پ پ سامهون  ڪو به متبادل اڃا تائين ٺهي نه سگهيو آهي اهو خال اسانجون قومپرست ڌريون ڀري سگهن ٿيون-پر انهن کي گروهي اختلاف ختم ڪري سنڌ جي سياسي نظام کي سائنسي بنيادن تي ڏسڻو پوندو. انهن کي عوام ۾ وڃي پنهنجو موقف پڌرو ڪرڻو پوندو،جڏهن متبادل قيادت موجود هوندي ته سنڌ جي عوام جو ڪو ڀلو ٿيندو.جيڪڏهن هڪ پارٽي سسٽم رهيو ته سنڌ جو عوام ايندڙ صدي ۾ پڻ انگ اگهاڙو پيٽ بکيو ئي رهندو. خدا ايئن نه ڪري .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو