Home / افيئر / شام: باغي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا ذميوار قرار
above article banner

شام: باغي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا ذميوار قرار

شام جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل جي عملدار ڊونائيل رويرا چيو آهي ته حڪومتي فورسز سان جهڙپن ۾ ملوث باغي جنگجو انساني حقن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. جنگاڻ جي شڪار شام  ۾ ڪيترن هفتن تائين رهڻ کانپوءِ هوءَ تازو ئي واشنگٽن واپس آئي آهي.واشنگٽن جي ٿنڪ ٽنئڪ “ سينٽر فار اسٽريٽجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز ” ۾ خطاب دوران ڊونائيل رويرا باغين بابت چيو ته:“ اسان وٽ ثبوت آهن ته اهي ماڻهن کي اغوا ڪري مٿن موتمار تشدد ڪن ٿا ۽ ڪن صورتن ۾ کين قتل به ڪري ڇڏين ٿا”

ايمنٽي انٽرنيشنل جي جاچ عملدر موجب اهو بلڪل واضح آهي ته اپوزيشن جا ڪجهه حامي ظالماڻن حربن تي لهي آيا آهن۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪٽنبن جي ماڻهن کي پڻ نشانو بڻائي رهيا آهن. هن باغين جي فري سيريئن آرمي طرفان جاري ڪيل مغوي سيڪيورٽي اهلڪارن جي ويڊيو جو پڻ حوالو ڏنو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو