Home / افيئر / شام ۾ گهرو ويڙهه: ملڪ ورهائجي ويندو
above article banner

شام ۾ گهرو ويڙهه: ملڪ ورهائجي ويندو

گذريل هفتي آمريڪا جي صدر بارڪ  اوباما ۽ روس جي صدر  ولاديمير ٻيوٽن  وچ ۾  ملاقات ٿي جيڪا ٻه ڪلاڪ جاري رهي. ٻين ڳالهين سان گڏ شام جي باري ۾  اهم ڳالهيون ٿيون ،جنهن صدر اوباما روس جي موقف ۾ نرمي سان گڏ

 

 

 

ان دوران شام جو جهاز پائليٽ سميت عمان جي ملٽري بيس تي لٿو ۽ پائليٽ اردن سرڪار کان سياسي پناهه گهري جيڪا في الحال منظورڪئي وئي آهي. هوڏانهن شام حڪومت اردن کان لکت ۾ حڪومت کان جهاز  ۽ پائليٽ جي واپسي جي گهر ڪئي آهي. شام جو موقف آهي ته  پائليٽ غلطي سان اردن جي حدن ۾ داخل ٿيو . اردن جي هوائي جهازن ان کي زبردستي ايئربيس تي لاٿو آهي.16 جون واري واقعي کان پوءِ يو اين او به پنهنجي ڪم ڪار کي روڪي ڇڏيو ۽ يو اين نمائندي ڪوفي عنان مطابق ملڪ تيزي سان گهرو ويڙهه طرف وڃي رهيو آهي ۽ ٻئي ڌريون معاهدي تي عمل ڪونه پيون ڪن. ٻنهي طرفن کان ڇهن نڪتن تي عمل ڪون پيو ڪيو وڃي . هوڏانهن ملڪ اندر يونٽي حڪومت جو عمل ۾ اچڻ به هڪ قدم اڳتي آهي، ڇاڪاڻ ته صدر بشارالاسد سمجهي ٿو ته گڏيل حڪومت سان شآم اندر ويڙهاڪ ڌرين کي اڪيلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هي حڪومت  ريفرنڊم ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي. ملڪ اندر پهريان عرب ليگ جي آبزورز کي اجازت ڏني وئي ليڪن عرب ليگ جي آبرورز اهو الزام لڳائي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته حڪومت سهڪار نٿي ڪري، پوءِ يو اين ۾ ٻه ڀيرا سيڪيورٽي ڪائونسل۾ پيش ڪيل قرارداد کي روس ۽ چين ويٽو ڪري رد ڪيو. تازو روس جا ٻه جهاز شام جي بندرگاهه طرف روانا ٿيا آهن ۽ اهو چيو پيو وڃي ته روس شام کي هٿيارن جي کيپ پهچائي رهيو آهي ۽ شامي فوج کي روس جو جديد اسلحو ڏنل آهي.جنهن سان هن  ترڪي جي جنگي جهاز کي ڪيرائي خطي جي ملڪن کي اهو پيغام موڪليو ته شام نه  مصر آهي نه وري لبيا جو توهان آساني سان پنهنجي مرضي هلائيندا!

 

 


شام ۾ هن وقت به سڄو عوام سرڪار خلاف ڪونهي ۽ ٻي ڳالهه ته يورپ ۽ آمريڪا جي مبصرن جي نڪرڻ باوجود به وڏي پئماني ته ڪا بغاوت جنم ڪونه وٺي سگهي آهي. ڇاڪاڻ ته شام جي حڪومت خلاف سعودي عرب، اردن ، قطر ۽ ٻين نار جي رياستن جي مدد سان حڪومت خلاف ٽريننگ سينٽر اردن ۾ قائم آهن، جن کي اتي مختلف هٿيار هلائڻ جي تربيت سان گڏ  هٿيار پڻ ڏنا ٿا وڃن. مگر اڄ ڏينهن تائين باغي فوج ۽ مخالف ڌر جا ماڻهو  ڪنهن شهر يا ڪنهن صوبي تي ڪنٽرول ڪري نه سگهيا آهن. ٻيو ته  گهڻي ڀاڱي ڪا لڏ پلاڻ به ڪون ٿي آهي. جڏهن ته يورپ سان گڏ ترڪي ۽ ٻيا عرب پاڙيسري ملڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪري رهيا آهن.

شامي سرڪار جي ٻي ڪوشش اها به آهي ته هو الجزائر وانگر ماڻهن کي زور بار ڪري راضي ڪري، هن عرب بهار کي ڪجهه ماٺو ڪري ،مختلف آفرون ڏئي هنگامن کي ٿڌو ڪري. هي نه 1990 وارو دور آهي ۽ نه وري شام کي يورپي يونين واري مدد ڇاڪاڻ ته 1990 ۾ الجزائر جي جنرلن جي آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن اکيون بند ڪري حمايت ڪئي هئي پوءِ جنرلن ملڪ ۾ ڏهن سالن ۾ اٽڪل 2 لک ماڻهو ماريا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو غائب ڪيا ويا هئا، شام ۾ حافظ اسد جي دور يعني 1892۾ همس صوبي جي بغاوت ۾ اٽڪل 20 هزار ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارويو  هيو. دنيا خاموش هئي ڇاڪاڻ ته سرد جنگ جو زمانو هو. هاڻي ايئن ڪونهي . هي2012 آهي هتي ميڊيا جي پابندي باوجود سوشل ميڊيا ته آهي . هاڻي ايترو قصو ايئن ڦٻائڻ ڪون ڏنو ويندو.

روس جي پرڏيهي  وزير  پڻ پنهنجي پراڻي موقف ۾ ڪجهه نرمي ڪئي آهي ۽ هن ٿرڊ آپشن جي فارمولي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان ۾ اها ڳالهه به  آهي ته هو شامي عوام جي حمايت ٿا ڪن ۽ مرحليوار ڳالهين ذريعي مسئلي جي حل جي حمايت ڪندا جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي ميز تي گڏ کڻي ملڪ جي مستقبل لاءِ لائحه عمل تيار ڪن. ڪجهه ڏي وٺ تحت حل ڳولين . هو اڄ به طاقت جي استعمال ڪرڻ جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته جيڪو لبيا اندر ٿيو اهو يو اين او جي مينڊيٽ ۾ ڪونه آهي ۽ ناٽو جي خلاف ورزي ڪئي. پوءِ جيڪو لبيا ۾ ٿيو ان جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿي. روس پنهنجو دوست وڃايو ۽ ملڪ اندر سندس مفادن کي نقصان ٿيو. تنهنڪري روس ٻيهر اهڙي غلطي جو ورجاءُ شام ۾ نه ڪندو  شام ملڪ اندر روس کي بندر گاهه اندر سهولتون آهن ۽ روسي ٻيڙا اتي لنگهي اندر به آهن. ان سان گڏ سندس هٿيار جو وڏو خريدار  شام آهي. روس جي اربين ڊالرن جي لاڳت ۽ سيڙپ ٿيل آهي.

روس ۽ آمريڪا ملاقات ۾  اهو به طئي پيو ڪيو وڃي ته هو شامي حڪومت مٿان دٻاءُ برقرار رکندا پر هو ٻيو ڪو طاقتور گر استعمال نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ يورپ کي ايران تي پابنڊين سب آئل لاءِ سمنڊ وارو رستو شام جي ٽنهي پاسن کان لڳي ٿو،انڪري هو تيل جي رسد جي بنا ڪنهن روڪ جي اها ضمانت شام حڪومت کانوٺندا. آمريڪا ۽ يورپ کي 1973 واري تيل جو بائڪاٽ يادهوندو جڏهن عربن عرب اسرائيل 1973 واري جنگ ۾ تيل وارو هٿيار استعمال ڪيو هو ته پوءِ سڄي يورپ ۽ آمريڪا جي انجڻ روڊن تي بيهي وئي هئي ڪجهه مبصرن جو جو اهو خيال آهي ته آمريڪا  ايران کي ڪورڊ سهولت ڏيندو جيئن اها سهولت اسرائيل ۽ ڏکڻ آفريڪا کي ڏنل آهي ته ايٽمي ڌماڪا نه ڪن ايران اها آفر تازو ماسڪو ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ آمريڪا، برطانيا، چين فرانس، روس  جرمني جي سهڪار سان  ٿيل ڪانفرنس دور ۾ ڪئي جنهن ۾ اڻ اعلانيل طور ڪافي ڌريون راضي آهن پر آمريڪا ان سلسلي ۾ ايران جي اتحادين يعني روس چين ۽ هندستان کان پڻ پڪ وٺندو ۽ هو ان جي ضمانت ڏيندا. ڇاڪاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا کي هاڻوڪي  اقتصادي گهو ٽالي مان نڪرڻ لاءِ  تيل جي سخت  ضرورت آهي، اهو به بغير ڪنهن رڪاوٽ جي. پرايران ايئن ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي .ايران اهو چوي ٿو ته اگر پاڪستان ناٽو کي نڪرڻ لاءِ روٽ نٿو کولي ته ايران ان لاءِ به ناٽو روٽ ڏيندو. آمريڪا ۽ يورپ وارا ايراني اتحادي جي شامي سرڪار تي هلڪو هٿ رکن ته ايران اسرائيل سان  ڪابه حرڪت ڪونه ڪندو. وڌيڪ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ واضح ٿيندو.

شام ملڪ ۾ ٻنهي ڌرين کي ميز تي ويهڻو پوندو ۽ ڳالهين ذريعي بشارالااسد کي ملڪ جي حاڪميت کان ڌار ٿيڻو پوندو. ان سان گڏ باغي فوجن کي پڻ صرف  سلفي  نظام ۽ اسلام کي زبردستي نافذ ڪرڻ واري ڳالهه تان هٿ کڻڻو پوندو. شام گهڻ قومي گهڻ ٻولي واري رياست آهي اتي سني صرف 46 سيڪڙو آبادي آهي. اتي اليوني،دراز ، عيسائي،پهلوي، پڻ رهن ٿا.شام جي مخالف ڌرين کي گڏ ويهڻو پوندو.جيڪڏهن  ايئن نه ٿيو ته پوءِ مذهبي ۽ فرقي جي بنياد تي شام ورهائجي سگهي ٿو.

هاڻي ملڪ اسلامڪ برادرهوڊ واري رياست نٿو رهي سگهي. ٻيو ته شام ملڪ کي مضبوط فوج آهي ۽ اها اسرائيل سان ڪافي وقت کا جنگ واري ماحول ۾آهي . هو نه مصر آهي ۽ نه وري لبيا .بشارالااسد نه وري قذافي آهي بشارالاسد سرڪار کي سعودي پيٽرو ڊالر ۽ قطر پروپيگنڊا ڪون هٽائي سگهندي. خطي جي ٻين عرب ملڪن جي مقابلي ۾ مضبوط سسٽم اٿس ۽ ان جو پاڙيسري ايران به آهي، اهو ضرور سمجهڻ گهرجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو