Home / افيئر / شربت گل جو نئون جنم
above article banner

شربت گل جو نئون جنم

 

هوءَ اها گهڙي اڃا وساري نه سگهي آهي جڏهن هڪ “ ڪافر” فوٽو گرافر سندس فوٽو ڪڍيو هو. کيس ان تي جيڪا ڪاوڙ آئي هئي اها به اڄ تائين ياد اٿس. هن اڳ ۾ ڪڏهن فوٽو نه ڪڍرايو هو.

ان ڳالهه کي سترهن سال گذري ويا . هوءَ پاڪستان  جي پناهه گير ڪئمپ ڇڏي وطن واپس هلي وئي، اڄ وري اهو ساڳيو فوٽو گرافر سندس پهاڙي وطن جالڪ لتاڙيندو، هن جي گهر اچي نڪتوآهي. هن شربت گل کي ڳولڻ لاءِ ٻن ملڪن ۾ ڇهه مهينا رولڙا ڪيا آهن ۽ ڪامياب ٿيو آهي.

اهو نيشنل جيوگرافڪ ميگزين جو چيف فوٽوگرافر اسٽيومئڪ ڪري آهي، جنهن 1984ع ۾ جڏهن ٻارهن سالن جي شربت گل کي ڏٺو ته کيس لڳو هو ته هن کي سڄي ٽوئر جو ڦَل ملي ويو آهي. هن انهيءَ افغان ڇوڪري کي پشاور جي ٻاهران قائم مهاجر ڪئمپ ناصر باغ ۾ ڏٺو هو.کانئس فوٽو ڪڍڻ لاءِ اجازت گهريائين ته شربت گل منجهي پئي ۽ انهي مونجهه ۾ ئي هن هائوڪار ڪئي هئي، جڏهن طاقتور فليش جي روشني سندس وحشي اکين سان ٽڪرائي هئي ته انهن اکين جي ساواڻ اڃا گهري ٿي وئي هئي ۽ وحشت انتهائي وڌي وئي هئي. ميڪ ڪِري کي محسوس ٿيو هو ته اها تصوير سندس ڪيريئر لاءِ تمام اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، پر اها خبر نه هيس ته اهو فوٽو افغانستان ۽ نيشنل جيوگرافڪ ميگزين لاءِ به تمام اهم ثابت ٿيندو.


شربت گل جي وحشي اکين واري ان فوٽو کي دنيا  پراسرار افغان ڇوڪري جو نالو ڏنوهو ۽ ان جي ريڪارڊ ٽوڙ ري پروڊڪشن ٿي هئي-خاص طور افغانستان لاءِ امداد پنندڙ ڊونرايجنسين شربت گل جي ان فوٽو کي پنهنجي سمبل طور کنيو هو.پر اها پراسرار افغان ڇوڪري هئي ڪاٿي ؟ سندس نالو ڇاهو؟اها خبر ڪنهن کي به نه هئي-مئڪ ڪِري سندس نالو به نه پڇيو هو.

سترهن سالن کانپوءِ نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي جي ٻئي ميگ“ ايڊوينچر” وارن مئڪ ڪِري مٿان زور ڏنو ته انهي وحشي هرڻيءَ کي ڳولي هٿ ڪر ته خبر پئي هاڻي اُها ڪهڙي حال ۾ آهي، جڏهن روسي سندس ملڪ مان روانا ٿي چڪا آهن ۽ آمريڪي اچن پيا.

مئڪ ڪريءَ انهي ڇوڪري کي ناصر باغ واري خيمه بستي جي پرائمري اسڪول ۾ ڏٺو ۽ فوٽو ڪڍيوهو. هو چوي ٿو:“ مان ان وقت اهو نه سمجهي سگهيو هئس ته اها تصوير منهنجي لاءِ Once in a Life Time وانگرٿي ويندي.اها تصوير جون 1985ع واري ٽائيٽل تي آئي ته هر طرف ڇانئجي وئي هئي. هن جون اکيون اميزون جنگل جهڙيون چهچ سايون، ڪئپسين جهڙيون اونهيون ۽ نئين سامايل شينهڻ جهڙيون وحشي هيون.سندس نيڻن ۾ توهان سندس وطن جا اهي سڀ رنگ ۽ انگ ڏسي سگهو پيا جيڪي تباهه ٿي“ Collage ” جي شڪل اختيار ڪري چڪا هئا” ان جي ڳولا ۾ نيٺ نيشنل جيوگرافڪ ايڪسپلورر ۽ ٽيلي ويزن جي ٽيم پاڪستان پهتي، اسٽيومئڪ ڪري ٽيم کي وٺي ناصر باغ پشاور واري افغان ڪئمپ پهتو ۽ اتان جي هڪ هڪ پناهگير کي شربت گل جي پراڻي تصوير ڏيکاري ان جو پتو پڇڻ لڳو. ساڳئي اسڪول جي هڪ ماستر هام هنئي ته اها ڇوڪري مان سڃاڻان. ان جو نالو عالم بي بي آهي ۽ اها جمرود جي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿي- هو ٽيم کي وٺي جمرود جي ان ڳوٺ آيو ۽ عالم بي بيءَ جي اڳيان آڻي بيهاريائين- پر مئڪ ڪريءَ ان مائي کي ڏسي انڪار ڪيو ته هيءَ اها ناهي.

اهڙيءَ ريت هن ڪيئي افغان ڇوڪريون ڏٺيون پر اها وحشي هرڻي الائي ڪاٿي لڪل ئي رهي- نيٺ پشاور جي هڪ افغانيءَ کين پڪ ڏياري ته اها افغانستان ۾ امن ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وطن وري وئي آهي.جيڪو سرحد لڳ تورا بورا آهي. اين جي ايم واري ٽيم وري سامان سنڀالي جيپن ۾ چڙهي تورابورا رواني ٿي. ڪيئي ڪلاڪ سفر ڪري هڪ هنڌ جيپ وارن گاڏيون روڪي کين ٻڌايو ته اڳتي چڙهايون خطرناڪ آهن، جيڪي پنڌ چڙهڻيون پونديون.

سڄي ٽيم سامان ڪلهن تي سنڀالي ڇهه ڪلاڪ جبل جهاڳيو ۽ تورا بورا جي چوٽين وٽ هڪ وسنديءَ اچي پهتي.سندس سونهون کين وٺي هڪ گهر آڏو اچي بيٺو. هنن سڏ ڪيو ته گهر ڌڻي رحمت گل نڪري ٻاهر آيو. افغان گائيڊ ٽيم جي آمد جو سبب ٻڌايو ۽ کين فوٽو ڏيکاريو. همراهه فوٽو سڃاڻي چڙي پيو ته منهنجي زال جي تصوير توهان ڪافر ڇوٿا کنيو وتو؟

گهڻن لاهن چاڙهن ۽ دليلن کانپوءِ رحمت گل راضي ٿيو ۽ کين وٺي گهر اندر آيو. هن زال کي سڏ ڪيو:

“ شربت گُلا! دلته راشه” مائي وڏي واڱڻائي چادر ۾ پاڻ کي ڍڪي حيران پريشان پراون ماڻهن آڏو اچي بيٺي جو مڙس جو حڪم هو!

مئڪ ڪريءَ سندس منهن ڏانهن ڏٺو ۽ دانهن ڪيائين:

“ اها ئي آ…. هائو، بلڪل اهائي آهي !!”

هڪ ڀيرو وري رحمت گل ۽ مائي جي ڀاءُ ڪاشرسان ڳالهيون ٿيون ته هيءَ ٽيم آمريڪا مان فقط هن مائي سان ملڻ ۽ ان جا فوٽو ڪڍي دنيا کي ڏيکارڻ  آئي آهي. اها ڳالهه هنن سادن سودن ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي ته هيترا ماڻهو ڇو ايترو پنڌ ڪري، ڏک ڏاکڙا ڏسي، سندن شربت گل جا فوٽو ڪڍڻ آيا آهن.بهرحال چڱي مٺي جي وچ ۾ پوڻ ڪري هنن اها اجازت ڏئي ڇڏي- اين جي ايم ۽ ايڪسپلوررجي ٽيمن فوٽو گرافي ۽ فلم بندي شروع ڪئي- شربت گل ۽ سندس مڙس، ڀاءُ سان ڳالهه ٻولهه رڪاڊ ڪئي وئي.

شربت گل هاڻي اها نوخيز ۽ ننڌي نيٽي ڇوڪري نه هئي بلڪه هوءَ ٽن ڇوڪرين جي ماء ُهئي ۽ سندس وڏي ڌيءَ ٻارهن سالن جي هئي.کيس پنهنجي عمر جو ڪو اندازو نه هو.هن جا ماءُ پيءُبمباري ۾ تڏهن مارجي ويا هئا جڏهن هوءَ ڇهن سالن جي هئي. تڏهن سندن ناني کيس ۽ سندس ڀاءُ ڪاشر کي ساڻ ڪري ٻين افغاني هم وطنن سان گڏ پاڪستان ڏانهن رخ ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ روسي جنگي جهاز ڏنيهن ۾ ڪيئي ڪيئي ڀيرا افغان علائقي تي بمباري ڪندا هئا.سندس مائٽ رات جو مئل ماڻهو دفن ڪندا هئا ۽ ڏينهن جو مورچن ۾ لڪي ساهه بچائيندا هئا.انهي ڪري اڪثر ماڻهن پاڪستان جو رخ ڪيو ته شربت گل جي ناني به ڏوهٽي ۽ ڏوهٽيءَ کي ساڻ ڪري هڪ قافلي سان پنڌ نڪري پئي هئي.

شربت گل اڃا تائين پاڻ نه ڳالهايو هو. ٽيم ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ آتي هئي.هوءَ سڄي ٽيم مان فقط مئڪ ڪريءَ کي سڃاڻي پئي-اهو “ ڪافر” فوٽو گرافر جنهن ڇوڪراڻي عمر ۾ سندس فوٽو ڪڍيو هو. سو مئڪ ڪريءَ ئي کائنس سوال ڪيو”

“ توهان بمباريءَ کان ڪيئن بچيا ۽ برفاني رستن تان ڪيئن هلي پاڪستان پهتا هئا؟”

“ اسان واٽ تي ايندڙ وسندين مان ڪمبل ۽ ماني پنندا هئاسين”شربت گل سادگي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو-هن جي لهجي ۾ اها بيزاري به هئي جيڪا اوپرن ماڻهن سان مجبوري ۾ ڳالهائڻ ڪري ٻهراڙي جي ماين ۾ اچي ويندي آهي-هن وڌيڪ ٻڌايو:

“ روسي جهاز بمباري ڪندا هئا ته اسان غارن ۾ لڪي ويندا هئاسين، پوءِ به ڪئي ماڻهو بم گولن جي نشاني تي اچي ويندا هئا.”

پشاور ۾ ڪئمپ جي زندگي اڃا به سخت هئي جتي هن سادين ۽ پردي دار عورتن کي ڌارين مردن سامهون هلڻوچلڻو ٿي پيو. اتي لکين افغاني پناهگير هئا، جنهن ڪري معاشي، ۽ اخلاقي مسئلا به کوڙ هئا. اتي پردي داري جو سوال ئي نه هو. سڀ ڪو ڄڻ ته حمام ۾ رهندو هجي!

“جڏهن روسي اسان جي وطن مان هليا ويا، تڏهن اسان وطن جا وڻ اچي وسايا”رحمت گل ٻڌائي ٿو “سان جو علائقو برف ڍڪيل جبلن وارو آهي،جتي زندگي جي ڪابه سهولت ڪانهي.هتي ٿورڙي زمين تي مڪائي ۽ ڪڻڪ جي پوکي ٿئي ٿي،ٻيو مڙئي خير”

رحمت گل جي ڳوٺ ۾ اسڪول، اسپتال،دڪان، واٽرسپلاءِ يا گيس جي ڪا به سهولت ڪانهي.هتان جون مايون پاڻي ڀرڻ لاءِ ٽي ميل پنڌ ڪري پهاڙن مان وهي ويندڙ چشمي تي وينديون آهن

شربت گل به اهو ئي ڪري ٿي.هوءَ صبح جو فجر ويل اٿي وضو ڪري نماز پڙهي، چشمي تان پاڻي ڀري اچي ٿي، پوءِ مڪائي جي اٽي جا ڍوڍا ڪوئلن تي پچائي، زردالو جي اچار  سان اهي گهر ڀاتين آڏو رکي ٿي.ان کانپوءِ گهر جي صفائي ڪري، ٿانو ڌوئي، ميراڪپڙا کڻي وري چشمي تي پهچي ٿي، جتي سندس ڳوٺائي عورتون به هن وانگر ويهي ڪپڙا ڌوئين ٿيون. واپسي تي اهي عورتون چشمي مان پاڻي جو ساڙهو ڀري مٿي تي رکي ڳوٺ موٽن ٿيون . ان ڪم دوران شربت گل جي وڏي ڌيءَ روبينه پنهنجي ننڍين ڀينرن کي گهر ۾ سنڀالي ٿي.

شربت گل پاڻ پڙهي نه سگهي، اهو ڏک هوءَ هن طرح ٻڌائي ٿي:

“ننڍي لا هتي ڳوٺ  ۾ اسڪول ڪونه هو… هاڻي به ڪونهي –  ڪئمپ ۾ جيڪو اسڪول هو، اتي ڇوڪرا به گڏ هوندا ها، انڪري مان پڙهي نه سگهيس.هاڻي مان چوان ٿي ته منهنجي زندگي ته جيئن تيئن گذري وئي آ… ڇوڪرين کي پڙهائي سگهون،تڏهن به چڱو…. روبينه ته تيرهن سالن جي آ…. اها به پڙهي نه سگهندي باقي زاهده ۽ عاليه پڙهي پيون تڏهن به چڱو”

شربت گل کي زندگي ۾ خوشي جو ڪو به ڏينهن نه ٿو سُجهي،ها، شاديءَ واري ڏينهن هوءَ ساهيڙين جي چرچي ڀوڳ تي پهريون ڀيرو مشڪي هئي…. اڃا تائين اهو آخري ڀيرو به آهي. ان کانپوءِ وري ڪڏهن اهڙو ڪو واقعو نه ٿيو آ جو شربت گل جي چپن تي مرڪ اچي ها. هن جو مڙس دم جو مريض آهي پر پوءِ به پشاور جهڙي گرم شهر ۾ هڪ بيڪري جي چلهي تي ڊبل روٽي ٺاهي ٿو. جڏهن جون مهينو شروع ٿئي ٿو ته هو بيماريءَ کان بيزار ٿي واپس تورا بورا هليو اچي ٿو. ٽي مهينا گهر ۾ رهي وري آڪٽوبر ڌاري پشاور پهچي ٿو.

شربت گل جي عمر هاڻي اٽڪل چاليهن سالن جي لڳ ڀڳ هوندي پر سندس اکين ۾ اڄ به جواني واري وحشي چمڪ قائم آهي. کانئس پڇا ڪئي وئي ته هن ڪڏهن پاڻ کي خوش ۽ محفوظ محسوس ڪيو؟ ان تي هوءَ نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏي چئي ٿي:

نه، ڪڏهن به نه… اهو آهي جو طالبان جي حڪومت هئي ته امن هو. هاڻي وري ٻيا ڪافر هتي اچي لٿا آهن”اهو چئي هو چپ ڪري ويهي ٿي، “ تو ڀلا پنهنجو اهو فوٽو اڳي ڪڏهن ڏٺو هو، جيڪو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو آهي؟”

ان تي به هوءَ نهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿي- مئڪ ڪري سندس فوٽو ڪڍندو رهي ٿو

شربت گل کي هن ڀيري به پنهنجا فوٽو نڪرڻ جي ڪا پرواهه ناهي،هوءَ پنهنجي مڙس جي مرضي تي هلي ٿي، جنهن کيس انهن سڀني “ ڪافرن” جي آڏو ويهڻ، ساڻن ڳالهائڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ جو چيو آهي.

گذرندي؟” جيڪا الله جي مرضي !!”

“اڳتي به زندگي ايئن ڇوڪريءَ جي ڳولا پوري ٿي چڪي.

هوءَ جواب ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي.وحشي اکين واري افغان مئڪ ڪري کانئس آخري سوال پڇي ٿو:

Caption

1ايف بي آءِ فارنس ماهر ٿامس متينو، ميڪ ڪري جي ڪڍيل اوائلي فوٽو ۽ شربت گل جي تازين تصويرن جو معانور ڪري سڀئي تصويرون هڪ ئي شخصيت جون هجڻ جي تصديق ڪري رهيو آهي.

2 انگلينڊ يونورسٽي آف ڪئمبرج ۾ ڪمپيوٽرسائنس جو پروفيسر جان ڊلمين پنهنجي ايجاد ڪيل طريقي آئرس پيٽرنز ميچنگ تئڪنالوجيءَ ذريعي شربت گل جي تصديق ڪري رهيو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو