Home / افيئر / عراق وري رتوڇاڻ جي پنڌ تي
above article banner

عراق وري رتوڇاڻ جي پنڌ تي

عراق ۾ ڪجهه ڏهاڙا اڳ 110 ماڻهو ماريا ويا ۽ 250 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. بغداد سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ۽ روڊن تي رکيل بم ڦاٽي پيا. اڍائي سالن جي وقفي کانپوءِ عراق وري مذهبي رتو ڇاڻ جي ور چڙهي رهيو آهي. القائده جي عراقي اڳواڻ ابوبڪر صديق بغدادي سني فرقي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هنن جي مدد ڪن ته جيئن هو شام ۽ عراق جي گڏيل مسلم رياست ٺاهي ايران ۽ اسرائيل خلاف جنگ ڪري سگهن ۽ فلسطين کي رياست بڻائڻ لاءِ پهل ڪن. هنن جي خيال جي پٺڀرائي لاءِ تازو القائده جي اڳواڻ ايمن الزواهري پنهنجي تازو وڊيو جاري ڪندي شام جي مسلمانن کي شام جي صدر بشار الاسد خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ  ۽ شريعت نافذ ڪرڻ تائين وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ رهڻ لاءِ اپيل ڪئي. ياد رهي ته عراق ۾ آمريڪي فوج 2010 ۾ نڪري وئي هئي. جڏهن ته آمريڪي فوج خلاف وڙهندڙن کي اهو جواز هيو ته ڌارين خلاف جنگ ۽ عرب سرزمين ڪافرن کان آجي ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪن. پر ڌاري فوج هاڻ ته ڪونهي ۽ ٻه ڀيرا عراق ۾ اليڪشن ٿي آهي ۽ هر هڪ کي چونڊ وڙهڻ جو حق هيو ۽ نوري المالڪي ٻئي ڀيرا وڏي پارٽي تحت چونڊون کٽيون آهن. البت اهو ضرور ٿيو ته هن ڀيري مقابلو سخت هيو ۽ اڻويهه ويهه  وارو فرق هيو.عراقي ايوان ۾ سني فرقي واري پارٽي صرف 37 سيٽون کٽيون ، انهن کي ڪيئن اقتدار حوالي ڪيو وڃي جڏهن ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي شيعا آهي.ڪرد پنهنجي علائقي کي آزاد خطي طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ موجوده جوڙ جڪ ۾ ڪرد صدر آهي ۽ سني نائب صدر ۽ وزيراعظم شيعا آهي. سني القائده جيڪا عراق ۾ ٻيهر صدام واري سني اقتدار جا خواب ڏسي رهي آهي ۽ اهي به تشدد ۽ رتو ڇاڻ ڪرڻ سان، اهو ايئن ضرور ٿيندو ته ملڪ اندر انارڪي ته ٿيندي مگر اقتدار وري سني القائده جي ور نه چڙهندو.اڃا عراق وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي وڃي مگر پراڻو خواب پورو ٿيندو نظر نٿو اچي.

رتوڇاڻ ۾ تازي تيزي جيڪا القائده دهشتگرد تنظيم ٻيهر شروع ڪئي آهي ان ۾ نار جي ملڪن جي حمايت آهي، اهي هن گڙٻڙ کي شام خلاف اتان جي سلفي وهابي جيڪا جدوجهد هلي ٿي ان کي هٿي ملي ٿي ۽ عراق جي حاڪمن کي زور  وجهجي ته هو بشارالاسد سرڪار خلاف اتان جي حڪومت خلاف فري شام آرمي جي حمايت نه ڪن. ڇاڪاڻ ته اسد خلاف چين ،روس، ايران ۽ عراق هر قدم خلاف آهن ۽ هو آمريڪي ۽ يورپ جي ان منصوبي خلاف چين ۽ روس ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو استعمال ڪيوآهي . يورپ ۽ آمريڪا وري Regimeبدلائڻ واري پاليسي خلاف آهن. بلڪ شام جي مسئلي جو حل شام اندر ڳولهڻ گهرجي. ان ڪري ضروري آهي ته حڪومت ۽ مخالفت ۾ شامل سڀ هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون ڪن.

عراق اندر تازي ماراماري ان ڪڙي جي حصي طور استعمال ٿي رهي آهي ٻيو ته عراق اندر سعودي عرب ۽ ايران جي مسلڪ جي ويڙهه آهي ۽ وچ اوڀر جا ملڪ ايران کي اسرائيل کان وڌيڪ دشمن سمجهن ٿا ۽ انڪري هو ايران جي جوهري پروگرام خلاف آهن ۽ ايتري حد تائين جو اسرائيل کي ايران جي جوهري پلانٽ جي حملي لاءِ هر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ان سلسلي ۾ سعودي عرب ۾ تازو بنا ڪنهن شيڊول جي پاڪستان جي وزيراعظم عمري جي سعادت سان گڏ بادشاهه عبدالله سان خاص ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان تي اهو زور ڀريو ته هو هندستان سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ سان گڏ ناٽو سپلاءِ بحال ڪن. وزيراعظم کان اڳ۾ فوج جي سربراهه جي به ياترا ٿي ۽ سعودي عرب ابوجندال کي ڀارت حوالي ڪرايو،جڏهن ته پاڪستان ايئن نه ڪرڻ جي درخواست پڻ ڪئي هئي. ابوجندال ممبئي حملي واري جوڙجڪ وارا سڀ احوال ڪندو. وزيراعظم کي پاڪستان جي توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ قطر ۽ خاد مين ٻئي ايل اين جي. جو وڏو مقدار پاڪستان حوالي ڪندا ته جيئن پاڪستان ان مان وڌيڪ بجلي بيدا ڪري سگهي. پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ شام خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪري ۽ پاڪستان ايران کي به شام سان دوستي وارو هلڪو هٿ رکي.پاڪستان جا ڪجهه مجاهد شام جي صدر خلاف ويڙهه ۾ جيڪي شامل ٿين، انهن کي روانو ڪري انهن سڀني ڳالهين جي تصديق نه ٿي آهي مگر اهڙيون خبرون مارڪيٽ ۾ گردش ڪري رهيون آهن. عالمي مبصر انهن خبرن جي تصديق يا ترديد ڪونه پيا ڪن.هوڏانهن عراق اندر ٿيندڙ رتوڇاڻ ۾ گهڻو نقصان شيعه آبادي جو ٿي رهيو آهي.


دهشتگردن جو حدف به سرڪاري عمارتن سان گڏ مذهبي زيارتون ۽ مسجدون آهن. هو پنهنجي مخالفن کي ڪافر ۽ واجب القتل ٿا سمجهن ۽ اهڙيون فتوائون جاري ڪيون به ويون آهن. جڏهن ته عراق اندر چونڊيل حڪومت آهي  اها ڪيتري موثر آهي اهو الڳ بحث آهي. عراق ۾ ڪوبه آمريڪي يا ناٽو جو فوجي ڪونهي سواءِ عراقي فوج ۽ پوليس کي سکيا ڏيارڻ وارا ته پوءِ هي موت جي راند ڪير ۽ ڪنهن سان پيو کيڏي؟ عراقي عوام 1993کان 2003 تائين صدام خلاف پابندين جو ڪيتو گهڻو لوڙيو آهي ۽ 2003 کان 2010 تائين آمريڪي ۽ انهن جي ساٿارين هٿان ملڪ قبضي هيٺ رهيو ۽ آخرڪار هن تيل جي جنگ سان گڏ عراق اهو ملڪ هيو جيڪو ايران سان گڏ اسرائيل مصر کانپوءِ وچ اوڀر مان بادشاهه کي ڀڄائڻ کان پوءِ جنرلن به عوام سان ڪا سٺي ڪانه ڪئي .ڪڏهن ليفٽ سان گڏ هيا ساڄي ڌرجا صرف ڏيکاءَ خاطر ٻئي ملڪ جي ماڻهن کي ماريائون ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي بهاني. هتي ڪڏهن به آزاد اليڪشن نه ٿي ۽ نه وري چونڊيل نمائندن کي ڪو موقعو مليو. اصل ۾ عراق ۾ امن نه ٿيڻ ۾ نارجي رياستن جو اهم ڪردار آهي. ڇاڪاڻ ته انهن کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن عراق ۾ امن ٿيو ته پوءِ مسلم اُمه جو رخ شايد مسلمانن جي ٻي وڏي مذهبي جڳهه طرف ٿيندو ۽ هنن جي هڪ هٽي کي ڌڪ لڳندو.حقيقت ۾ ايئن ڪونهي ، ٻنهي جي پنهنجي الڳ الڳ حيثيت آهي ۽ ڪمائي جو ذريعو به مختلف آهي. تڏهن عراق کي ايران جي انقلاب جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها مگر ايئن ڪونه ٿيو ۽ عراق ايران سان اٺ سال جنگ ڪئي ۽ ايران انقلاب کي روڪي رکڻ ۾ ڪامياب ڪيو ويو.

شام اندر تازو الپو ۾ ويڙهه دوران 200 ماڻهو مارجي ويا آهن.انهن ۾ سولين جو تعداد ايترو ڪونهي اولهه جا ملڪ ٻڌائين پيا. شام  ۾ 1600 ماڻهن جي مارجڻ جو تعداد ٻڌايو پيو وڃي جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ شام جا فوجي اهلڪار آهن.ان جو مطلب اهو ٿيو ته شامي فوج پنهنجي عوام خلاف گهٽ ۽ باغين خلاف وڌيڪ آهي. خانگي ٽي وي تي حملي ۾ 8 اهلڪار ۽ ٽي وي جا ڪجهه صحافي مارجي ويا. دنيا جي ميڊيا ان واقعي جونوٽيس گهٽ ورتو. پر فري شام آرمي کي وڌيڪ رپورٽ ڪيو پيو وڃي. 47 ڪار خودڪش حملا ٿي چڪا آهن جيڪو القائده جي دهشتگردن جو طريقي ڪار هوندو آهي.انهن شام جي اهم فوج جي ڪمانڊ جي چئن جنرلن کي ماري ڇڏيو. جنهن ۾ صدر جو ڀيڻوو  به شامل هيو. القائده سان گڏ اسلامڪ برادر هوڊ وارا به شامل آهن ۽ اهي خودڪش حملن ۾ پڻ ملوث آهن. شام ۾ 10 سيڪڙو ڪرد آبادي آهي 10 سيڪڙو لڳ ڀڳ عيسائي. 15 سيڪڙو شيعه، 5 سيڪڙو دروز آهي، يهودي ۽ آرمين به آهن، 40 سيڪڙو کان مٿي سني آهن جڏهن ته ان ۾ سلفي ڪيترا آهن ۽ ماڊريٽ ڪيترا آهن ؟اها آهي شام جي آبادي جي بيهڪ ته ٻڌايو ته اتي سني وهابي اسلام ڪيئن ايندو. شام شريعت بجاءِ ورهائجڻ طرف ويندو، انڪري پهرين ائين ٿيندو ته ملڪ اندر اقتداري ۽ مخالف ڌر ميز تي گڏ ٿي مئلي جو حل گولين. نار جي رياستن کي شام خلاف ڪنهن مهم جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي. يو اين او جي ڪوفي عنان جي 6 نڪاتي پروگرام تحت مسئلو حل ڪيو وڃي. ٻئي ڌريون جنگ بندي ڪن ڇاڪاڻ ته بندوق ڪي به مسئلا حل نه ڪندي آهي. عراق ۾ به سڀ ڌريون ملي گڏ ويهي حل ڪن. القائده کي هاڻي سوچڻ گهرجي ته ڪو به ملڪ سندس خواهش مطابق ڪونه هلندو ۽ نه وري فتح ٿيندو. ايران هڪ حقيقت آهي ۽ ڪائنات جي وجود سان گڏ ايران به شامل هيو. تنهن ڪري هٿيارن بجاءِ امن سان محبت ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو