Home / افيئر / قدرتي وهڪرا بند-امڪاني ٻوڏ جو پاڻي ڪيڏانهن ويندو
above article banner

قدرتي وهڪرا بند-امڪاني ٻوڏ جو پاڻي ڪيڏانهن ويندو

پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ 2010ع جي ٻن مها ٻوڏن ۾ سنڌ اهڙي ته ٻڏي تباهه ٿي وئي،جنهن قسم جي ڀيانڪ تباهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي.2010 جي دريائي ٻوڏ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سنڌو جي ساڄي طرف واري اڌ سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو،جنهن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مسڪين ماڻهو دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا. ٻوڏ جا هزارين متاثرين اڃا تائين سرڪاري ۽ غير سرڪاري سکڻين اذيت ناڪ ڪئمپن ۾ ڏکيا ڏينهن گهاري رهيا آهن ته ٻئي سال 2011 ۾ کاٻي طرف واري سنڌ برساتي ٻوڏ ۾ اهڙي طرح سان ٻڏي وئي جو ان برساتي ٻوڏ جو پاڻي هڪ سال جي ڊگهي عرصي ۾ سنڌ سرڪار جي واسطيدار ادارن سيڊا ۽ آبپاشي جي اهلڪارن کان نڪري نه سگهيو.بدين،ميرپورخاص،عمرڪوٽ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي ڪيترن ئي ديهن ۽ ڳوٺن ۾ گذريل سال جي مها ٻوڏ جو بدبودار پاڻي اڃا تائين بيٺل آهي. جنهن ٻوڏ واري پاڻي کي فقط ٻن مهينن ۾ نيڪال ڪرائڻ جون سيڊا ۽ آبپاشي کاتن جي ڪامورن وزيرن ۽ مشيرن دعوائون ڪيون هيون، ٻوڏ واري پاڻي جي جلدي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اربين رپيا جاري ڪيا هئا. سنڌودرياهه جي کاٻي طرف واري هي مها ٻوڏ انهي ڪري وڌيڪ ڀيانڪ هئي جو ڦٽين،مرچن ۽ ساريال جا تيار ٿيل اربين روپين جا زرعي فصل ناس ٿي ويا. سانگهڙ ضلعو جيڪوڦٽين جي گهڻي پيداوار ۾سڄي ملڪ ۾ اول نمبر آهي. گذريل سال بدين ضلعي ۾ پڻ هزارين ايڪڙن تي ڦٽين جو قيمتي فصل پوکيو ويو.جڏهن ته عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي بئراجي علائقن ۾ ڦٽين ۽ مرچن جا اربين روپين جي ماليت جا اهي زرعي فصل سئو سيڪڙو اهڙي طرح سان تباهه ٿي ويا ڄڻ ته انهن ضلعن جي هارين فصل ٻنين ۾ پوکيا ئي نه هئا.گذريل سال جي مها ٻوڏ بعد سانگهڙ جي ڦٽين جا ڪارخانا ۽ ايشيا کنڊ جي ڪنري شهر وارري مرچن  جي سڀ کان وڏي منڊي ،ويران ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪپڙي ۽ مرچن جا اگهه آسمان تي وڃي پهتا.هن مهاٻوڏ ۾ پڻ هڪ ڪرور کان وڌيڪ مسڪين ماروئڙا بي گهر بڻجي لڏ پلاڻ ڪري دربدر ٿي ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿيا. هنن ٻنهي مهاٻوڏن جي متاثرين ٻه ڪروڙ ماڻهن مال متاع ڍور ڍڳا يعني سندن الهه تلهه تباهه ٿي ويو،جن ٻوڏ متاثرين جي سرڪار فقط 10 هزار رپيا في ڪٽنب جي وطن ڪاردن ذريعي امداد ڪئي. وطن ڪارڊن ۾ حڪومت 20 هزار روپين جو اعلان ڪيو هو. پر سنڌ حڪومت جو خزانو کوٽ ۾ هجڻ ڪري باقي 10 هزار روپيا وطن ڪارڊ وارا حڪومت اڃا تائين ٻوڏ متاثرڪٽنبن کي ادا ڪري نه سگهي آهي.

گذريل ٻن سالن جي ٻنهي مها ٻوڏن لاءِ اها عام راءِ آهي ته اهي ٻئي ٻوڏون هن حڪومت جي واسطيدار نااهل سرڪاري ڪامورن ڪن بااثر وزيرن سنڌ تي هٿرادو طور ڪڙڪايون. اهي ڪي قدرتي آفتون نه هيون پر اهي ٻئي مها ٻوڏون واسطيدار نااهل سرڪاري ڪامورن ۽ بااثرسياسي ڀوتارن آڻي سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو.2010ع جي دريائي ٻوڏ لاءِ عام رايو آهي ته اها ٽوڙي بند ۽ ڪوٽ عالمون وٽان بچاءُ بندن کي هٿرادو هنيل گهارن وگهي آئي،جنهن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن پڻ قائم  ڪئي وئي. جڏهن ته ڏاکڻي سنڌ ۾ گذريل سال 2011ع جي مها ٻوڏ جو مک ڪارڻ واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جو ناڪام ۽ تباهه ٿيل ميگا پراجيڪٽ ايل بي او ڊي بڻيو،جنهن بلا 1999ع جي سامونڊي طوفان ۽ 2003ع جي ڀيانڪ ٻوڏن ۾ بدين ضلعي کي اٿاهه سامونڊي پاڻي سان ٻوڙي تباهه ڪيو ۽ گذريل سال ايل بي او ڊي جي ان راڪاس بدين سميت سڄي ڏاکڻي سنڌ کي ٻوڙيندي وڃي نواب شاهه ضلعي کي تباهه ڪيو جتان اها نڪري ٿي.اها ايل بي او ڊي جيڪا 90 واري ڏهاڪي کان اٽڪل هر سال ٻه ڪلاڪن ۾ بدين ضلعي کي ٻوڙيندي رهي.جنهن تي ڪنهن به ڌيان نه ڌريو.2006ع ۾ ان وڃي جڏهن انبن جي باغن واري ذرخيز ضلعي ميرپورخاص کي ٻوڙي تباهه  ڪيو،تڏهن وڃي ميرپورخاص ضلعي جي آبادگارن جون اکيون کليون  ۽ گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ جڏهن سانگهڙ ۽ نواب شاهه جا ضلعا ٻڏي تباهه ٿيا، تڏهن هرطرف کان ايل بي او ڊي خلاف هاءِ گهوڙا مچي وئي.هن وقت  ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جي اباڻي ضلعي نواب شاهه کي ايل بي او ڊي ٻوڙي تباهه  ڪيو،تڏهن صدر زرداري ان جو سخت نوٽيس ورتو. صدر زرداري ڪراچي ۾ ڏنل پنهنجي هڪ بيان ۾ ايل بي او ڊي جي موجوده ڪرتا ڌرتائن ۽ ان جي خالقن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جڏهن اهو چيو ته مها ٻوڏ جي سڄي تباهي ايل بي او ڊي ڪئي آهي. ان جا خالق ۽ سنڀاليندڙ ذميوار مها ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جو معاوضو ڀري ڏين.ٻي حالت ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.صدر جي اهڙي ڏنل بيان بعد پهرين سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن  ۾ ٿرٿلو متو ۽ خاص طور بدين جي تباهه ٿيل لکين ماڻهن ۾ اها اميد پيدا ٿي ته هاڻ صدر آصف علي زرداري نه فقط ايل بي او ڊي جي غلط ۽ هاڃيڪار ڊزائين ڪندڙ واپڊا ۽ آبپاشي کاتي جي انجنيئرن ڪنسلٽنٽن کي ڪاسزا ڏيندو ۽ ميگا پراجيڪٽ ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙ سڀني ذميوار ادارن ۽ ڌرين کي ڪاٺ ۾ هڻي انهن کان ناڪام ۽ تباهي مچائيندڙ منصوبي تي آيل لاڳت جا اٽڪل 60 ارب رپيا ڀرائي وٺندو ۽ ان سان گڏ ڏاکڻي سنڌ ۽ خاص طور تي بدين ضلعي ۾ 90 واري وڏهاڪي کان ٿيل جاني مالي ۽ ماحولياتي ناقابل تلافي تقصان جو معاوضو واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ کان ڀرائي لکين متاثرن کي معاوضو ڏياري انهن جي ٻيهر بحال ڪاري جي رٿا جوڙيندو. ايل بي او ڊي جي سنڀال ڪندڙ سيڊا وارن کي پڻ سزائون ڏيندو ۽ ايل بي او ڊي کي درست ڪري پاڻي جو ڇوڙ سمنڊ ۾ ڪرائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي اهڙو تيز رفتاري سان ڪم ڪرائيندو جو بدين ضلعي سميت سڄي ڏاکڻي سنڌ تان ايندڙ سال 2012 ۾ ڪنهن به قسم جي برساتي ٻوڏ جو خطرو هميشه لاءِ ٽري ويندو. پر افسوس جو ۽ لاڙ واسين جون اهي اميدون ان وقت خاڪ ۾ ملي ويون جڏهن آبپاشي ۽ سيڊا جي واسطيدار سرڪاري اهلڪارن صدر کي اهڙي غلط بريفنگ ڏني جو ڪو به وار ونگو نه ٿيو.الٽو کين اربين رپين جون رقمون هڙپ ڪرڻ لاءِ ملي ويون،جنهن سان سندن وڌيڪ عيدون ٿي ويو. ايل بي او ڊي جا ذميوار ادارا ۽ فرد پڻ اهر قسم جي احتساب کان بچي ويا.


سيڊا ۽ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن زميني حقيقتن جي ابتڙ صدر کي غلط بريفنگ ڏني ته پاڻي جي قديم ڇوڙ وارن قدرتي دريائن پراڻ ۽ هاڪڙي تي قبضا ٿي ويا آهن.انهن قديمي دريائن ۽ ڍورن تي ڪيل سمورا قبضا طاقت سان هٽا يا وڃن ته سمورو برساتي ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ٿي ويندو ۽ ڏاکڻي سنڌ ۾ ڪابه ٻوڏ نه ايندي.باقي ايل بي او ڊي جي ري ڊزائين جي ڊگهي منصوبي جي وسپ آمريڪي ڪمپني لوئس برجر کان اڀياس ڪرائي رهي آهي،جنهن جي فزيبلٽي رپورٽ 2013ع ۾ جيتوڻيڪ ڏاکڻي سنڌ برساتي ٻوڏ کان محفوظ رهندي ۽ برساتن جو سمورو پاڻي وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. نواب شاهه ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص جا ضلعا ٻڏڻ کان بچي ويندا.اميد ته بدين ۾ پڻ ٻوڏ نه ايندي. سيڊا ۽ آبپاشي اهلڪارن توڙي ڪن پاڻي ماهرن جي اهڙي بريفنگ بعد سنڌ حڪومت پراڻ ۽ هاڪڙي سميت ٻين قديمي ڍورن ۽ پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارن قدرتي رستن تان طاقت ذريعي قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرايو ۽ ايل بي او ڊي سميت آبپاشي جي سم نالن ۽ واهن جي مرمت ۽ کاٽي لاءِ سنڌ حڪومت 5 ارب رپيا مختص ڪيا. سيڊا جي نگراني ۾ ليفٽ بئنڪ ايريا واٽر بورڊ مٿيان ڄاڻايل جيڪي ڪم 30جون تائين مڪمل ڪرايا ان جو ذڪر اسان “افيئر” جي جون ۽ جولاءِ جي پرچن ۾ ڪري آياآهيون ته سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن آهي. سيڊا وارن ۽ بااثر سياسي ڌرين فقط سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل اربين رپين جي ناڻي تي پنهنجا هٿ صاف ڪيا آهن. نه ڍورن وارا قدرتي رستا بحال ٿيا ۽ نه ئي ايل بي او ڊي راڪاس جو ڪو جوڳو بندو بست ڪيو ويو.سمنڊ ۾ پاڻي جي نيڪال جا سڀئي رستا بدستور بند آهن. سانوڻي جون برساتون پڻ شروع ٿي ويون آهن.مٿين ضلعن جو پاڻي وري به اچي بدين کي ٻوڙيندو. ان ڪري هن سال جي وچولي برساتن ۾ به بدين ضلعي جي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

آبپاشي ۽ سيڊا جي سرڪاري اهلڪارن سميت ڪن ڪنسلٽنٽ پاڻي ماهرن صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي غلط بريفنگ ڏئي برساتي پاڻي کي قديم قدرتي رستن رستي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرائڻ جا شوشا ڇڏي ٻوڏ متاثرن ۽ سنڌي عوام کي گمراهه ڪري ناقابل عمل غلط منصوبن لاءِ جيڪي اربين رپيا دڦ ڪيا آهن ۽ وڌيڪ اربين حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا وات ڦاڙيو ويٺا آهن ۽ هيڏانهن هرسال سڄي سنڌ ٻوڏن ۾ ٻڏي تباهه ٿي رهي آهي. ڪير به انهن راشي سرڪاري ڪامورن کي ڪنڌ ۾ پٽو وجهڻ لاءِ تيار نه آهي. اهي سرڪاري ڪامورا ۽ پاڻي ماهر صدر زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي اها زميني حقيقت هرگز ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن ته پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ جا سڀئي رستا بند آهن،سمنڊ ۾ پاڻي جي نيڪال جا ايل بي او ڊي جي ٻنهي سم نالن تباهي مچائيندڙ ٽائيڊل لنڪ ڊرين سمنڊ جوپاڻي ابتو بدين ڏانهن وهي بدين کي ٻوڙي رهيو آهي. شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ڊي پي او ڊي پڻ تباهه ٿيل آهي. ان جي سمنڊ ڏانهن پاڻي جي قدرتي لنگهه کي ڀارت حڪومت وڏو پڪو بند ٻڌي روڪي ڇڏيو آهي. پوءِ اهي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ماهر پراڻ ڍوري ۽ هاڪڙي درياهه وغيره جي قدرتي ڍورن کي بحال ڪرائي کاٻي طرف وارو سمورو ٻوڏ واروپاڻي بدين ضلعي ڏانهن آخري ڪهڙي قانون اصول ۽ مقصد لاءِ ڇوڙ ڪرائي رهيا آهن؟ صاف ظاهر آهي ته ٻوڏ واري پاڻي جا سمنڊ ۾ نيڪال ٿيڻ جا رستا ئي بند هوندا ته يقينن اهو پاڻي بدين ضلعي کي ئي ٻوڙيندو. سوال آهي ته پوءِ بدين کي هر حالت ۾ ٻوڙائي تباهه ڪرائڻ لاءِ اهي ماهر آخر ڇو سندرو ٻڌي بيٺا آهن؟

دراصل پراڻ درياهه جي قديم قدرتي گس کي خود ايل بي او ڊي جي منصوبي رڪاوٽون وجهي سڀ کان پهرين 90 واري ڏهاڪي ۾ بند ڪيو. پراڻ ۽ هاڪڙي جا قديم قدرتي وهڪرا مٿان ڪيئن بحال ٿيندا؟ اٽڪل 210 ڪلو ميٽرن جي ڊيگهه واري اسپائينل ڊرين جيڪا نواب شاهه کان نڪري سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جي ٽن ضلعن جو زهريلو پاڻي کڻي 90 واري ڏهاڪي کان بدين جي زرخيز ضلعي کي زهر  آلود ڪري آبڪلاڻي ۾ بدين کي ٻوڙي ٿي.ان سم نالي پراڻ درياهه جي ڍورن کي اٽڪل 9 جاين تان ڪاٽي ان جا قدرتي وهڪرا بند ڪري ڇڏيا.اهو سم نالو آرڊي نمبر 297-276-261-251-238-230- ۽ آرڊي 211 وٽان پراڻ ڍوري کي ميلن تائين ڪٽي اتان گذري ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي ته اها هاڃيڪار اسپائينل ڊرين کوٽائي پراڻ جو قدرتي رستو واپڊا۽ آبپاشي ماهرن پهرين پاڻي کي بند ڪري سنگين ڏوهه ڪيو آهي.بعد ۾ بااثر جاگيردارن وڏيرن ۽ ٻين ماڻهن قدرتي وهڪرن تي قبضا ڪري سمورا رستا بند ڪيا.پر اصل ۾ اها شامت انهن ئي ماهرن ڏاکڻي سنڌ تي ڪڙڪائي جنهن سان ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جا ضلعا ٻڏي ويا. اسپائينل ڊرين ۽ ڍوري پراڻ جي جي گڏيل پاڻي کي سمنڊ ڏانهن رستو ته مليو  جنهن ڪري گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ ڀيانڪ تباهي آئي.جيڪا ساڳي صورتحال هن وقت پڻ موجود آهي هوڏانهن پراڻ درياهه جي ئي پيٽ مان 25 ڪلوميٽر ڊگهي ڊي پي وي ڊي سم نالو کوٽايو ويو جنهن کي وري ڪي پي او ڊي جي آر ڊي 159 وٽان پڪو دڪو لڳائي قيامت برپا ڪئي وئي،جنهن تباهي جو هڪ الڳ دردناڪ داستان آهي. اهڙي طرح پاڻي جي ڇوڙ جا قديم قدرتي رستا پهرين خود انهن ساڳي واپڊا ۽ پاڻي جي ماهرن هٿ سان بند ڪري هاڻ اهي رستا بحال ڪرائڻ جا ڍونگ رچائي هٿرادو طور تي بدين ۽ ڏاکڻي سنڌ کي ٻوڙائڻ چاهين ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو