Home / افيئر / لک روپيا ڊگري
above article banner

لک روپيا ڊگري

اسي جي ڏهاڪي ۾ نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير ٿيو ته هڪڙي ڳالهه مشهور ٿي. سندس ڀاءُ جا ڪارناما آشڪار ٿيڻ لڳا.گهٽتائي منجهس به ڪانه هئي. ايئن جيئن هاڻ ميان صاحب جي فرزند جو نالو خبرن ۾ آهي. لک روپيا گهڻا ڏوڪڙ آهن-تڏهن به ۽ هينئر پڻ. طب، راوي جو کاتو آهي. ان ميدان ۾ پيش ايندڙ اوڀاريون لهواريون کانئس ڳجهيون نه هونديون. خلق جي واتان معلوم ٿيو ۽ وڏي وزير شريف جو برادر مانوارو لک روپين ۾ ايم بي بي ايس جي ڪوڙي ڊگري کپائي رهيو آهي.سنڌي ماڻهو هروڀرو سُريلو ڪونهي .پنجابين ٻين لاءِ “پئسي جا پٽ” محاورو اوهان ٻڌو هوندو.پڙهندڙن ان کي شاونزم نه سمجهي ته اها چوڻي غلط به ناهي. پنج دريائن مان ڍڪ ڀريل همراهه جي چالاڪي ڏسڻ وٽان هجي ٿي. گجرات ۾ ٽائرن کي پنڪچر هڻندڙ سنڌ ۾ ڪاهي پيا، ڪراچي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ويندي ٻهراڙين ۾ وڏا حڪيم صاحب ڪوٺرائڻ لڳا. ٽوهه ۽ شنگرف جا ڪک کپائڻ شروع ڪيائون. نقلي عطائي ڊاڪٽر گهڻي قدر ان طرف کان آيل ملندا. مال جون سيون انسانن کي پيا هڻندا.وهمي لوڪ جون خرزينون ڀريل.ڊيڪسا ميٿاسون جي هڪڙي انجيڪشن ڪاڻ سندن هٽ تي هيشام هوندا. پنجابي ڏاهو، پنجابي ڏاهو پئي. هتي جام پئسا ڪمايائون.زمينون ۽ ٻنيون،ملڪيتون ٺاهيائون. سياسي پهچ الڳ پئدا ڪري ورتائون . نقلي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ۾ سرڪاري ڪارندن کي همت ڪٿان اچي جو سندن ڪارائي۾ هٿ وجهن.


ويهه پنجويهه سال پهريائين جنهن  صاحب ايم بي بي ايس جون نقلي سندون کپايون سو هاڻي پنجاب جو مها خادم ٿو ڪوٺرائي. لک روپين ۾ ڊاڪٽريءَ جو سرٽيفڪيٽ. هوميوپيٿي جي فيلڊ جا ڪلور لکبا ته جدا دستاويز جڙندو.تنهن محترم کي سندي ڪرتوتن جو علم هئو سو وڏ وزارت سنڀاليندي ئي انوکو حڪم ڏنائين جنهن کي پوءِ گيلاني وزير اعظم پڻ اپنايو .صحت کاتي پنجاب ۾ نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽرن کي چيو ويو ته اهي پنهنجيون سندون تصديق لاءِ پيش ڪن.اول اهو  ذڪر ته هيلٿ ڊپارٽمينٽ مٿان ايڏي وڏي صوبي ۾ ڪو وزير نه هئو .ميان صاحب صحت جو شعبو پاڻ وٽ رکيو.خبر هئس ته جعلي سرٽيفڪيٽ رکندڙ هاڻ سينيئر آفيسر ٿي سڻڀين آسامين تائين رسي چڪا آهن.ڀڀ وڏا ڪيل ڪيترن ئي ڪوڙن ڊاڪٽرن جي بدحواسي نهارڻ وٽان هئي. اڄ ڏينهن تائين پتو پئجي نه سگهيو ته نقلي ڊگرين جي معاملي ڇيهه ڪٿي ڪيو.هڪڙي ڳالهه ضرورٿي.مها خادم کي ڪنهن موذي مرض اچي وڪوڙيو، طب جي شعبي سان لاڳاپيل ننڍي توڻي وڏي ماهر ڏانهن چڙ واري نگاهه ته هن جي هونءَ ئي مشهور رهي آهي.ٿي سگهي ٿو هر هڪ فزيشن ۾ شڪ هجيس ته لک ۾ خريد ڪيل سند وارو همراهه آهي  ٻه اڍائي ڏهاڪن بعد ياد رکڻ ممڪن نه آهي ته ڪنهن ڪنهن سو وکر پنهنجي بلي ڪيو. بي اعتباري جي حد اها جو پيٽ ۾ هلڪي سُور پوڻ تي پاڻ لنڊن وڃي نڪري.،هتان جي ڊاڪٽرن تي ايئن نگاهه ڄڻ اهي تازي هجن.نه وسارڻ کپي لنڊن جي ڊاڪٽرن جي فقط بسڪو پان سئي هڻائڻ خاطر ست سمنڊ پار کان آيل مريضن تي ڪا مختلف اک نه پوندي هوندي.

ڪڙيون ڪڙين سان ملائجن. لک روپيا ايم بي بي ايس جي ڊگري. خادم اعليٰ جي بيماري ۽ پئناڊال ٽڪيءَ ڪاڻ انگلينڊ جا سفر .آسپاس طبيبن ۾ ڀروسي جي اڻهوند.نتيجو اهو نڪتو جو پنجاب جي ٻين ڊاڪٽرن کان  ڇرڪيل همراهه رائيونڊ ۾ پنهنجي پرائيويٽ اسپتال ٺهرائي.اڌرات جو ڇرڪ ڀري اٿڻ لڳو ته متان منهنجائن ڪو لک روپين وارو گرا هڪ هجي.هوريان هوريان ان ها سپيٽل  به مٿان به يقين نه رهيس . مٿي جي سور جي چڪاس لاءِ به لنڊن وڃڻ جاري رکيائين.ماڻهو کلي ياروئي!.ڊاڪٽري پيشي واري هر منش سان هن جو چڙ ڀريل ورتاءُ ڳجهو نه رهيو.ايتري ۾ لاهور ۽ پنجاب جي ٻين علائقن کي ڊينگي بخار چڙهڻ لڳو.سازش جي عنصر کي قبول ڪندي لکڻو ٿو پوي ته مها خادم جا صفا اصلي تر انڪري ويا.سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيس ته ڇاڪري.ساڳيا فزيشن هئا جن آڏو هٿ ٻڌي بيٺو رهيو.طب جي شعبي سان واسطو رکندڙ هر فرد ڏينهن رات هڪ ڪري وڃي تپ جي ڳچيءَ ٽوڙهو وڌو.جن ينگ ڊاڪٽرن مٿان گذريل هفتي ڪڙڪيو.انهن جا احسان مڃيائين . سندس ان طرح جا بيان ريڪارڊ تي آهن .راوي جي خيال ۾ ڊينگي بخار جي وبا پنهنجو پاڻ ،خود رو نه هئي. ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ ضرور هئي.خير اهو قصو اڃا پوروئي نه ٿيو ته اسپتالن ۾ ٻي طرح جي دانهوڙ مچي وئي.نقلي ۽ ڪوڙين دوائن جو آزار.

ليکڪ جو شڪ آهي ته لک روپين ۾ فقط ايم بي بي ايس جي ڊگري نه وڪامي هئي. نواز شريف جي وڏ وزارت جي ٽيڪ وٺي فارميسي ۾ پڻ سندون کپايون ويون.ڳجهن هٿن  ڏانهن اشارو ڪجي پر مها خادم جي ٿٿان ڦٿان پويان اهڙو احساس اوس هوندو ته ڪٿي جعلي فارماسسٽ ته ناهن جن جي ڏاهپ دل جي علاج ڪاڻ گوريون جوڙي رهي آهي.الاهي معصوم انسان وقت کان اڳ موت جي منهن ۾ هليا ويا. سبب سندن بيماري نه پر دوائون هيون.وڏي وٺ پڪڙ بعد ان مسئلي کي منهن ڏئي خادم اعليٰ بجليءَ جي بحران ڏانهن نهاريو ته نوجوان ڊاڪٽرن مطالبو پيش ڪيس.ڪم ڪرڻ لاءِ بهتر ماحول ۽ موچاري پگهار. سروس اسٽرڪچر. رڳو پنجاب ۾ نه پر پر ڳڻي ۾ هر هنڌ نهايت محنت واري ان شعبي سان ذلت واري روش اپنائي وئي آهي. جج صاحبان هڪڙي حڪم سان سترهين گريڊ واري شروعاتي نوڪري کي ارڙهون درجو ڏئي ڇڏيو.سول جج يا مئجسٽريٽ شروعات ئي اتان ڪندو .بنا پڙهڻ ۽ ڪاپي ڪري پاس ڪيل ايم اي همراهه يونيورسٽي ۾ ليڪچرر ٿيو ته ارڙهون ملندس. اکيون وڃائي ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺندڙ ڊاڪٽر کي سترهين ۾ ملازمت تي رکبو.وس پڄين ته يارهون گريد ڏينس.اسپتالون، انهن  ۾ ڊيوٽي تي مقرر عملو ،رهائشي ڪواٽر –ايمانداري سان ڏسون ته مال جا وٿاڻ به چڱا هوندا آهن.پبلڪ جو رويو ته بنهه جدا موضوع آهي. ڪرپٽ، زاني، موالي،جواري عملدار، اي ڊي اوز ۽ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽس ،سيڪريٽري ۽ وزير.ٻاويهه سالن ۾ ساڳئي گريڊ ۾ خدمت ڪري  ريٽائرڊ ٿيندڙ سينيئر ساٿين جي حالت پسي ينگ ڊاڪٽرز مطالبا اهڙي وڏي وزير روبرو رکڻ تي مجبور ٿيا جنهن وٽ ڪنهن فزيشن جي عزت جانور کان به گهٽ هئي.

هڙتال ٿي.چوڻ وارا هيئن پڻ چون ٿا. خادم اعليٰ سندو ڏوهه جو احساس پاليندو رهيو.ڊاڪٽرن جي ڊگرين تي شڪ نه ويس. کين لک روپين جو گراهڪ سمجهندو رهيو. وساريندي ته هاڻ ٻي پود آهي.هي اهي نوجوان نه آهن جن پنجويهه ورهيه پهريائين سندون خريد ڪيون هجن.تصديق جي جي ڌمڪيءَ ۾ نه اچڻ وارا، سندن گهرون ويچار هيٺ آڻڻ بجاءِ ميڊيا جي ادارن کي ڏوڪڙ ڏئي سرڪار مٿن ڪڙڪي پئي. اليڪٽرانڪ وسيلن جي ان رات جي ڪوريج ۽ سروسز اسپتالن ۾ طبيبن جي گرفتاري مٿان تبصرا ته ياد ڪريو. مها خادم جي هٿ ۾ هجي ته انهن الهڙ جوانين کي ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏجي . مٿن قتل جا ڪيس ته داخل ٿي چڪا آهن. ڪوٽ لکپت جيل ۾ واڙيا به ويا آهن. ٽي وي چئنلز جي هاءِ گهوڙا ته ينگ ڊاڪٽرز جي ڪم ڇڏڻ ڪري ماڻهو مري رهيا آهن.بيواها ٿي مريض پهريائين ڪو نه ٿي مُئا ڇا ؟ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون آهن؟ وقت تي آپريشن جي سهولت، بجلي، بسترا ۽ ٻيون سهنجايون؟ ڊاڪٽر وري به واپس موٽي ايندا.ڪرپٽ ڪامورا،وزير کين سموريون سهولتون  ميسر ڪري ڏيندا ته غريب ۽ بي پهچ عوام جا اهنج ختم ٿي سگهن ؟

نهايت محنت واروشعبو آهي.سڀ کان سرس پگهر نوجوان ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي وهائڻو ٿوپوي.پڙهائي ڊگهي ۽ مشڪل، خرچ واري تعليم، ايتري جُهد بعد اوهان پنهنجن ٻچن ڪاڻ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهو. پبلڪ جي روش ته ڪنهن بيماريءَ جي منطقي انجام طور موت جي صورت ۾ به ڊاڪٽر مٿان جسماني تشدد. ان پيشي سان لاڳاپيل هئڻ جو مطلب اهو به ته اوهان اغوا ڪيا ويندوَ. ڀنگ ڀري موٽي اچي ويا . ڀاڳ وارا آهيو .نه ته ڊاڪٽر آفتاب قريشي مرحوم وانگر گولين جو کاڄ ٿيندا. راوي هر ڀيري پنهنجي اولاد کي اها تلقين ڪندو رهيو آهي.چيو اٿائين –ڪجهه به ڪجو پر ڊاڪٽر نه ٿجو. هن سماج،مسيحا سان جنهن طرح جو ورتاءُ رکيو آهي، ان کانپوءِ طب جهڙي مهان ڪرت کي اپنائڻ جي ضرورت ڪانهي.گوتم ٻُڌ جيترو ظرف ڌارڻ جي پابندي رڳو مون تي ۽ منهنجي ٻارن تي ڇو هجي ٿي؟ گهڻا فرض زماني تي به آهن.ڊڄان ٿو ان ڏهاڙي کان جڏهن تڪليف وچان ڪوڪاريندو هوندس ۽ آسپاس ڪو مسيحا نه هوندو.لازمي ناهي ته ٽنگ رڳو منهنجي ڀڄي. اوهان  جي به ٽٽي سگهي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو