Home / افيئر / مصر: سياسي بحران نبيرڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن سرگرم
above article banner

مصر: سياسي بحران نبيرڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن سرگرم

مصر ۾ ويجهڙائي ۾ آيل جمهوري انقلاب  جي اصل قوت ۽ سڀ کان وڏي پارلياماني جماعت اخوان المسلمين ۽ اڳوڻي آمر حسني مبارڪ جي حامي سيڪيولر فوجي جنرلن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان وقت انتها کي پهچي وئي جڏهن حڪمران فوجي ڪائونسل جي سربراهه حسن طنطاوي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن سان ملاقات کانپوءِ اعلان ڪيو ته مصري فوج ڪنهن هڪ گروپ کي ملڪ تي غلبو حاصل ڪرڻ نه ڏيندي.هن جو اشارو اخوان المسلمين ڏانهن هو جنهن عوامي انقلاب وسيلي حسني مبارڪ جي اقتدار جو خاتمو آندو ۽ پارلياماني ۽ صدارتي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن قاهره ۾ نئين چونڊيل صدر محمد مرسي ۽ فوج جي سربراهه فيڊ مار شل محمد حسن طنطاوي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. حسني مبارڪ جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ ڪنهن اعليٰ آمريڪي عهديدار جو مصر جو هي پهريون دورو آهي. هيلري ڪلنٽن هي دورو اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن صدارتي اختيارن ۽ پارليامينٽ جي بحالي بابت حڪمران جماعت اخوان المسلمين ۽ فوج وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته آمريڪي مداخلت کانپوءِ مصر جو نئون سياسي بحران ڪجهه عرصي اندر نبرجي وڃڻ جي اميد پيدا ٿي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو