Home / ڪور افيئر / ملڪ رياض-ارسلان افتخار ڪرپشن ڪيس ايڪ صف مين کڙي هين محمود و اياز
above article banner

ملڪ رياض-ارسلان افتخار ڪرپشن ڪيس ايڪ صف مين کڙي هين محمود و اياز

تعجب صرف ايترو آهي ته اعتزاز احسن جيستائين پيپلزپارٽيءَ کان پري هيو ته هو ساڄي ڌر جي وڪيلن ۽ موجوده مخالف ڌر جو هيرو هيو، پنهنجي پارٽيءَ جي ويجهو ٿي هن اگر وزيراعظم جي ڪيسن جي پيروي ڪئي آهي يا ملڪ رياض جي نقطه نظر کي عدالتن سامهون پيش ڪيو ته هن کي نفرت جو نشان بڻايو ويو .

 

کانئس عدليه جي بحاليءَ ۾ فيصله ڪُن ڪردار ادا ڪرڻ وارو ڪريڊٽ کسي، مٿسبار ڪائونسلز ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. وڪيل برادريءَ کي هڪ دفعو ٻيهر حڪومت مخالفت ۾ گڏ ڪرڻ جي مهم زور شور سان شروع ڪئي وئي آهي، پر ان مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت پيش ڇو آئي آهي؟ عدالت جي حمايت ڪرڻ وارن جو جواب سِڌو سادو ناهي، هو ڳالهه پنهنجي مرضيءَ جي ڪندي جواب ڏين ٿا ته چيف جسٽس خلاف حڪومت سازش پئي ڪري. چند ڏينهن بعد ئي ارسلان افتخار چوڌريءَ پاران بحريه ٽائون جي مالڪ کان ورتل ڪروڙين روپين جي ڪهاڻي پسمنظر ۾ هلي وئي آهي، ابتدائي ڏينهن ۾ اهو دليل پيدا پئي ڪيو ويو ته ارسلان افتخار کي استعمال ڪري چيف جسٽس خلاف سازش ڪئي پئي وڃي. اهي چينل ۽ اخبارون جيڪي قومي مفادن جون نگهبان آهن تن ارسلان افتخار خلاف ڪرپشن جون خبرون کولي بحريه ٽائون جا مهانگا اشتهار عوام تائين پڄايا هاڻي افتخار محمد چوڌريءَ جي حمايت ۾ پنهنجي خرچ تي اشتهار هلائي رهيا آهن. اهڙا ئي اشتهار تڏهن به هليا هئا جڏهن عدليه بحال نه ٿي هئي. هڪ راءِ هميشهه موجود رهي آهي ته عدليه بحاليءَ جي تحريڪ آزاد عدالت قائم ڪرڻ لاءِ نه پر مشرف جي اقتدار مان جان ڇڏائڻ لاءِ هئي ۽ اهو ڪم هن ملڪ جي اصل مالڪن منظم انداز سان ڪرايو. ميڊيا، مشرف مخالف ۽ سول سوسائٽي پنهنجي پنهنجي لالچ ۾ ان تحريڪ جو حصو بڻيا .

 

 

سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سازش ڪنهنجي خلاف ٿي رهي آهي، موجوده حڪومت جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان مختلف وقتن تي اهو چوندي رهي آهي ته جمهوري نظام ۽ سندن پارٽيءَ جي اقتدار خلاف مستقل طور تي سازشون ٿينديون رهيون آهن هاڻي به سندن خلاف سازش پئي ٿئي. تازو ئي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ مردان ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ادارن جو احترام نه ڪرڻ جو الزام هڻي سندن حڪومت خلاف سازش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ جا عوامي نمائندا نجي محفلن ۾ اهو به چوڻ لڳا آهن ته ارسلان افتخار معاملي بعد بجليءَ جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪرائي کين گهر ڀيڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندن خيال آهي ته طاقتور ڌريون نه ٿيون چاهن ته موجوده حڪومت پنهنجو مُدو پورو ڪري ۽ صدر زرداري ايندڙ نگران حڪومت قائم ڪري عام چونڊون ڪرائي. ڪير مظلوم آهي ان جو اندازو لڳائڻ انتهائي مشڪل ۽ ذهن کي ٿڪائيندڙ ڪم آهي. گذريل ڏينهن ۾ ميمو اسڪينڊل جي جانچ لاءِ ٺهيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ڏيندي پيپلزپارٽي حڪومت پاران آمريڪا ۾ مقرر ڪيل سفير حسين حقانيءَ کي ملڪ سان غداري ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو آهي. جڏهن ته تشريح ڪندڙ چون ٿا ته کيس مقرر ڪندڙ وزيراعظم به سندس ڏوهه جو ذميوار آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي توهين عدالت واري ڪيس ۾ سڌي سزا به ڏني وئي. اهي ٻئي معاملا في الحال ارسلان افتخار ڪيس هيٺيان دٻجي ويا آهن پر امڪان آهي ته حڪومت خلاف انهن اشوز کي استعمال ضرور ڪيو ويندو.

سابق آمر حڪمران پرويز مشرف خلاف تحريڪ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ عدليه انتهائي طاقتور ادارن طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لڳا، انهن ٻنهي ادارن پاڪستان ۾ هلندڙ سياسي راند جي پڪي پُختي اصول مطابق حڪومت ۽ ان جي حامي سياستدانن يا پارليامينٽ جي خرابين کي زور شور سان پڌرو ڪرڻ بعد هن ملڪ جي اصل مالڪن سان به مهاڏو اٽڪايو. جنهن بعد انهن ادارن سان طاقتور ڌرين جو ٽڪراءُ پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. ڇو ته مقتدر طبقي کي اها ڳالهه ته پسند آهي ته سياستدانن کي خراب ڪري سندن ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جو جواز پيدا ڪجي پر هو اهو ڪيئن قبول ڪندا ته سندن خرابين کي منظر عام تي آڻي کين قانون مطابق هلڻ جي هدايت ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ تاثر اهو آهي ته ملڪ رياض انهن ادارن جي خواهش تحت ئي ارسلان افتخار کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ شروع ڪيو ۽ هو ڦاسڻ لاءِ تيار هو. ملڪ رياض پاران تيار ڪيل ڪهاڻيءَ وسيلي مُک وار چيف جسٽس جي شخصيت مٿان ڪرڻ جي ڪوشش ته ضرور ڪئي وئي آهي پر ڪوشش اها به ڪئي وئي ته ميڊيا جي سگهه کي به ايترو ٽوڙي ڇڏجي جو ٻيهر طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ميڊيا کي ڪجهه سال ضرور لڳن. ارسلان افتخار جي ڪرپشن تي توڙي جو ميڊيا ايئن پسمنظر ۾ گانا ناهن هلايا جيئن گيلانيءَ ۽ پرويز الاهيءَ جي پٽن تي هلايا ويا، پر ان سڄي ڪيس ۾ ميڊيا جا طاقتور اينڪرپرسن الزامن جي زد ۾ آهن جنهن ڪري ميڊيا جوابدار واري پوز يشن ۾ اچي وئي آهي. طاقتور چينل بار بار اهو اشتهار هلائي پيو ته صحافين جي احتساب لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي. ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته ملڪ رياض کان پلاٽ ۽ پيسا وٺڻ جي الزام بعد اينڪر پرسن پنهنجي مالي حيثيت جو احتساب ڪرائڻ لاءِ ته راضي ٿيا آهن پر ڪو به وڏو صحافي اهو قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته هو پنهنجو پروگرام ۽ خبرون ڪنهن جي “هدايتن” ملڻ بعد تيار ڪندا آهن. ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

بحريه ٽائون جي اڳوڻي سربراهه ملڪ رياض پاران ارسلان افتخار چوڌريءَ کي پنهنجي ناٺيءَ سلمان معرفت ڪروڙين روپيا خوامخواهه ته نه ڏنا ويا، ان تي سڀ متفق آهن. چيف جسٽس جي پٽ کي پيسن ڏيڻ، ٻاهرين ملڪن ۾ گهمائڻ ۽ عياشي ڪرائڻ وارو ڪم گذريل ٽن سالن کان جاري هيو. ملڪ رياض جي ويجهو رهندڙ ماڻهو چون ٿا ته ارسلان افتخار پاران پيسا کائڻ واري حرڪت جو ڀانڊو ان وقت ٽوڙڻو هيو جڏهن عدالت وزيراعظم کي سزا ڏئي هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ها پر عدالت ايئن نه ڪيو ۽ ان وچ ۾ ملڪ رياض پنهنجي وڪيل اعتزاز احسن معرفت اها ڳالهه چيف جسٽس تائين پهچرائي. جنهن بعد اچانڪ دي نيوز جي ايڊيٽر شاهين صهبائي واشنگٽن مان هڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏئي ان اسڪينڊل کي منظر عام تي آندو. شروع ۾ اهو پئي سمجهيو ويو ته شاهين صهبائي چيف جسٽس ڪيمپ ڇڏي ڄڻ ان جي مخالفت ۾ اهو اسڪينڊل سامهون آندو آهي. پر ملڪ رياض جي ويجهو رهندڙن ٻڌايو ته شاهين صهبائيءَ اهو راز ارسلان افتخار جي گهر وارن جي چوڻ تي ظاهر ڪيو ته جيئن ان کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهجي. اهو ان ڪري به درست لڳي ٿو ته جيئن ئي اسڪينڊل سامهون آيو ته سپريم ڪورٽ ان جو سوئو موٽو نوٽيس وٺي ڪوشش ڪئي ته ارسلان افتخار مٿان جيئن ڪا سِڌي ايف آءِ آر داخل نه ٿئي يا کيس گرفتار نه ڪيووڃي. جڏهن ته تڙ تڪڙ ۾ چيف جسٽس ان سوئو موٽو جي سماعت به پاڻ ڪئي جنهن سان سندن پوزيشن خراب ٿي. جنهن بعد کيس مجبوريءَ ۾ ان ڪيس کان الڳ ٿيڻو پيو  ۽ ڪيس جي سماعت پنهنجي ٻن بااعتماد ساٿين کان ڪرائي. جن سوئوموٽو نوٽيس اڪلائيندي وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي.

محسوس اهو ٿئي ٿو ته ارسلان افتخار تيستائين، جيستائين هُن پاران ملڪ رياض کان پيسا وٺڻ وارو اسڪينڊل سامهون نه آيو هو پنهنجي والد لاءِ انتهائي خطرو بڻجي چڪو هو پر سپريم ڪورٽ پاران سوئوموٽو نوٽيس وٺي کيس ڄڻ ته تحفظ فراهم ڪيو ويو. ان کان اڳ شاهين صهبائي ۽ سندس اداري جي سمورن اينڪرپرسنز کي به تيار ڪيو ويو ته اهي عدليه جي حمايت ۾ لابنگ لاءِ تيار رهن. شايد ان کان اڳ طاقتور ڌُر سان به عهدنامو ٿيو هوندو ته هن معاملي ۾ سختي نه ڪئي وڃي ته پوءِ منصف به پنهنجو هٿ هلڪو رکندا. خبرون ته اهي به آيون ته ارسلان افتخار کي پيءُ پاران گهر مان نيڪالي ڏيڻ جو بيان ڏنو ويو ان بعد کيس بلوچستان هائوس ۾ رهائش ڏيارڻ جا انتظام به ڪيا ويا. هي سڄو معاملو صرف ملڪ رياض جي حوالي سان متضاد بيان سامهون اچڻ جي ڪري ئي الجهيل ناهي. صحافين کي پلاٽ ڏيڻ جا الزام لڳا، ملڪ رياض چوي ٿو ته انهن الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي. ملڪ رياض جي حوالي سان اهو بيان به هليو ته ارسلان افتخار جي وڊيو رحمان ملڪ جي چوڻ تي ٺاهي وئي پر رحمان ملڪ تي اهو الزام هڻڻ وارا بعد ۾ چپ ٿي ويا. ان الزام جو مقصد اهو ئي هيو ته ڪنهن ريت آصف زرداريءَ کي ان ڪيس ۾ ملوث ڪري پيپلزپارٽيءَ کي سزا ڏجي.

ان سوال تي به سڀ ڪو سوچيندو رهيو آهي ته پيپلزپارٽيءَ ان اسڪينڊل ٺاهڻ ۾ ڪيتري ملوث آهي؟ ملوث آهي يا صرف ملڪ رياض سان صدر زرداريءَ جي ويجهڙائيءَ سبب اهو گُمان پيو گذري. پيپلزپارٽيءَ جا عوامي نمائندا چون ٿا ته چيف جسٽس ۽ شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز پاران پولٽري فارمن ۾ پلجندڙ ڪُڪڙين جي فيڊ جو گڏيل ڪاروبار ڪرڻ، سندن ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻين ڪمپنين جي فيڊ تي بندش لڳائڻ واري هڪ حڪم ۽ ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪرڻ تائين کين سڀ خبر آهي ته ڇا پيو ٿئي پر ارسلان افتخار کي پيسا ڏيارڻ يا ان اسڪينڊل کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جي ڏس ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ڪو ڪردار ناهي. اهو ضرور آهي ته پهريان صرف پيپلزپارٽيءَ وارن کي ڪرپٽ پئي سمجهيو ويو هاڻي ته چيف جسٽس جو پٽ به ان لسٽ ۾ اچي ويو آهي. ٻيو وڏو سوال اهو ئي آهي ته چيف جسٽس ڇا پنهنجي پٽ جي ڪمن کان ناواقف هيو يا ڄاڻي واڻي خاموش رهيو؟ چيف جسٽس عدالت ۾ قرآن پاڪ تي هٿ رکي چيو ته کيس پنهنجي پٽ جي سرگرمين يا پيسن وٺڻ جي ڪا به ڄاڻ ناهي. توڙي جو چيف جسٽس جو سڄو خاندان لنڊن جي دورن تي ويندو رهيو مهانگي سامان جي خريداري ڪندو رهيو پر کيس پتو نه لڳو اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو! پر ملڪ رياض قرآن پاڪ تي هٿ رکي سوال ڪيو ته چيف جسٽس اهو ٻڌائي ته هن جون ساڻس ڪيتريون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن؟ ملڪ رياض قرآن پاڪ کڻي ڳالهه ڪئي ته حامد مير کي چوڻو پيو ته ملڪ رياض قرآن پاڪ کڻي ڪوشش پيو ڪري ته ڳالهه کي الجهائي سگهي. تعجب آهي.

منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ارسلان افتخار اسڪينڊل صرف پيپلزپارٽيءَ جي خواهش تحت تيار ناهي ٿيو. اهو ضرور آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي اهم اڳواڻن کي ان جي خبر ضرور هوندي. ملڪ رياض ارسلان کي پيسا پنهنجي ڪيسن جي خاتمي لاءِ ڏنا هوندا ۽ ڪم نه ٿيڻ سبب دانهن طاقتور ادارن کي ڏني هوندي جن بعد ۾ ان ڪيس کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چون ٿا ته ارسلان کي پيسن ڏيڻ باوجود ملڪ رياض کي ڪيسز ۾ رليف نه مليو پر حقيقت اها به آهي ته ملڪ رياض کي انهن ڪيسن ۾ سزا به ته نه آئي. اهي ڪيس هميشه التويٰ جو شڪار رهيا. دنيا نيوز جي هڪ پروگرام جي رڪارڊنگ به انهن ئي ادارن منظرعام تي آڻائي آهي جيڪي ارسلان افتخار ڪيس کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري چڪا آهن. اهي ادارا چاهن ٿا ته هاڻي ڪير سينو تاڻي منظر تي نه اچي سگهي نه ارسلان افتخار، نه ملڪ رياض نه ئي عدالت ۾ ويٺل ڪو منصف يا ڪو اينڪر پرسن. هن اسڪينڊل وسيلي طاقتور ڌرين سڀني کي هڪ ئي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. پر اهو به طئي آهي ته بظاهر ڪو واسطو نه هجڻ باوجود ارسلان افتخار اسڪينڊل جو نقصان به پيپلزپارٽيءَ کي ئي ڀوڳڻو پوندو، هاڻي ته ان اسڪينڊل جي تحقيقات به هن حڪومت کي ڪرائڻي آهي اگر چيف جسٽس جي پٽ سان سختي ڪئي وئي ته عدليه جي حمايت ۾ مظاهرا شروع ٿي ويندا، چيف جسٽس ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ حڪومت تي سختي ڪندو، سو پيپلزپارٽيءَ جي ايم اين اي نديم افضل چَن چواڻي ارسلان افتخار کي ڪجهه به نه ٿيندو هي اسڪينڊل به بس لئي مٽي ٿي ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو