Home / ويندي ويندي / مولوين کي سنڌ نظر ڇو نٿي اچي
above article banner

مولوين کي سنڌ نظر ڇو نٿي اچي

لنڊن جي اٺين ايونيو تي K-A-S-H-M-I-Rنالي هوٽل جي جناح هال، جنهن جو افتتاح 1996ع ۾ پاڪستان جي وزير اعظم نواز شريف ڪيو هو، ۾ هڪ اجلاس هلي رهيو هو. جنهن ۾ ويهه جي لڳ ڀڳ ڏکڻ ايشيائي مرد ۽ هڪ سفيد فام عورت  صدارتي ميز روايتي کُليل شلوارن ۽ ڊگهين قميصن ۾ ملبوس درجا بندي جي لحاظ کان ڏاڙهين جي قبضي ۾ هُئي. منبر تي هڪ ڪلين شيو آمريڪي ڪانگريس جو ڊيموڪريٽڪ ميمبر هو.حاضرين مان ڪُجهه ماڻهو اهڙا به هُئا جيڪي باريش نه هُئا، اُنهن مان هڪ بيهي ڪانگريس جي ميمبر کي مخاطب ٿيو: ”براءِ مهرباني! اسان جا خدشا ختم ڪريو. افغانستان ۾ اسان سرخ فوج کي شڪست ڏيڻ ۾ مدد ڏني. اُنهن ڏينهن ۾ اوهان کي اسان جي ضرورت هُئي ۽ اسان پوري ريت اوهان جا وفادار هُئاسين. هاڻي اوهان ڀارت جي ڪري اسان کي ڇڏي ڏنو آهي. مسٽر ڪلنٽن ڪشمير ۾ انساني حقن بدران ڀارتي جي حمايت ڪري ٿو. ڇا پُراڻن دوستن سان اهڙو ورتاءُ روا رکڻ گهرجي؟“ هڪ باريش بيهي ٻيهر سوال ڪيو ته آمريڪا ساڻن دغا ڇو ڪئي؟ سوال ورجائجڻ تي ڪانگريس جي ميمبر کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي. اُن سوال جو جواب هُن شڪايت جي روپ ۾ ڏنو ته حاضرين ۾ عورتون موجود ناهن. حاضرين جون زالون ۽ ڌيئرون اجلاس ۾ ڇو ناهن آيون؟ باريش چهرا بلڪل به متاثر نه ٿيا نه ئي وري ڪنهن اُن سوال جو جواب ڏنو. شايد آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر کي اها خبر نه هُئي ته اُهي حضرات ٻين جي لاءِ مساوات ۽ مساوي حقن جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پنهنجي ذات سان سلهاڙيل جنس مخالف جي زندگين کي پنهنجي ملڪيت سمجهي اُنهن سان جيڪا ڪار ڪنديون آهن اُن لاءِ لفظ ”ڀيانڪ“ به ننڍڙو آهي. جيئن اسان وٽ هڪ سياسي پير صاحب آهي، جنهن جون ٽي ڀينرون حق بخشرايل آهن.


هي اُنهن ئي ماڻهن جو تسلسل آهن جيڪي 1971ع ۾  بنگلاديش ۾ وڏي پيماني تي اجتماعي آبروريزي لاءِ  رسا ڇنائي رهيا هُئا. آفيسر اُهو چوندي ٻُڌا ويا ته اُن عمل سان توهان هندو بنگالي نسل کي بهتر انسان بڻائي رهيا آهيو. ضياءَ واري نجس آمريت واري دور کان اُهي ماڻهو  ڪائناتي ڌرم جا ٺيڪيدار بڻيل آهن. ضياءَ جي ڇڏيل ورثي جا مجاور ته اُهي ڪراچي وارا به آهن جيڪي دُنيا جي باقي حصن ۾ وڃي پنهنجي لشڪري ٻولي تياڳڻ تي ته تيار آهن پر سنڌ ۾ اچي کين پنهنجي قومي ۽  پنهنجي اُها قومي تشخص ياد اچي ٿي جيڪا آهي ئي ڪانه؟ ڪمال آهي. ۽ ها اسٽيبلشمينٽ اُنهن کي سدائين پاڙيسري مُلڪن جا ايجنٽ سڏيندي رهي ۽ آخرڪار ساڻن ٺاهه ڪري پاڻ سان گڏ سنڌين تي حاڪميت جو حق به کين ئي ڏئي ڇڏيائين.اهڙن ئي ماڻهن جي باقيات جڏهن برما پُهتي ته اُتي به سندن رويو اهڙو ئي رهيو جهڙو سنڌ ۾. پر برما وارن کان سٺو نه ٿيو ۽ کين ”برتر هُجڻ واري خوش فهمي“ تي خار آئي ۽ پوءِ جيڪو ٿيو، سو سڀني جي سامهون آهي. هاڻي “باريش” برما ۾ ”جهاد“ جو سوچي رهيا آهن.

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اُهي حضرات پنهنجي مُلڪ اندر ٿيندڙ استحصال، جبر ۽ قتل و غارت گريءَ تي خاموش آهن. بلوچستان ۾ بلوچن سان جيڪو ڪُجهه ٿي رهيو آهي اُتي دين جا هي ٺيڪيدار خاموش آهن، سوين ماڻهن (جيڪي مسلمان ئي آهن) جي لاپتا هُجڻ تي کين ڪوبه ڏُک نه ٿو ٿئي. جاگيرداري سسٽم کان وڌيڪ ڪراچي جي سرمائيداري سرشتي ۾ پيڙهجندڙ عام ماڻهو تي سندن اک ئي نه ٿي ٻُڏي. هر نئين ڏينهن لاشن جي نيون تصويرون اخبارن ۾ ڇپجن ٿيون پر اُن سان کين ڪهڙو سروڪار؟ کين ته جهاد برما ۾ وڃي ڪرڻو آهي. اها ٻيائي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟

”افيئر“ جا هي لفظ ذهن ۾ رکيا وڃن ته جيڪر سنڌي ماڻهو چُپ رهيا ته ڏسجو ته اهي برمي به اچي هن سنڌ جي ڌرتيءَ تي ٽُٽندا. اها عجب جهڙي ڳاله ناهي ته افغانستان ۾ جهاد ٿئي ته به پناهه گير / ڪُوچي ڪئمپون سنڌ ۾ آباد ٿين، بنگال ۾ ٽي پيڙهيون ڳاريندڙ بهاري به جڏهن اتان نڪرن ته سنڌ ۾ بهاري ڪئمپون جڙن ۽ ڪشمير، گلت بلتستان يا سوات کي ڪو سيڪ اچي ته اهي اچي سنڌ ۾ آباد ٿين.

برما ۽ آسام جي مسلمانن جي حالت زار تي ڳڻتي ۾ ورتل حضرات کي ڀلا سونهاري سنڌ ڪڏهن نظر ايندي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو