Home / سياسي افيئر / نام نهاد مهاجر صوبو: صورتحال جو ٻيو پاسو
above article banner

نام نهاد مهاجر صوبو: صورتحال جو ٻيو پاسو

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ سنڌي اخبار ۾ بئريسٽر ضمير گهمري جو مضمون “ مهاجر صوبو ۽ زميني حقيقتون ” جي عنوان سان ڇپيو. مضمون ۾ ظاهر آهي ته مهاجر صوبي جي مخالفت ڪئي وئي آهي جيڪا ڳالهه لازمي طور هر سنڌي ڪندو سواءِ وطن جي غدارن جي، پر مهاجر صوبي کي رد ڪرڻ لاءِ هن جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي سو صحيح ناهي يا ايئن چئجي ته جنهن ڳالهه تي پنهنجي دليل جو بنياد رکيو اٿائين اهو درست ناهي.

ليکڪ هڪ دفعو وري سنڌ جي وحدت ۽ سنڌين جي حاڪميت کي اڪثريت ۽ اقليت جي گورک ڌنڌي سان ڳنڍيو آهي، اڳ۾ سرائڪي صوبي ۽ پنجاب جي بالا دستي واري معاملي تي هن صاحب اڪثريت کي بنيادي عنصر قرار ڏنو هو ،جنهن تي مون لکيو هو ته پنجاب جي ٻين قومن مٿان بالادستيءَ جو بنيادي سبب ان جي عددي اڪثريت نه پر رياست جي ڪالونيل جوڙجڪ ۽ ان تي پنجاب جو غلبو آهي.

بئريسٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ڏاکڻي سنڌ جو اهو حصو جتي مهاجر صوبو ٺاهڻ جي گهر ڪئي پئي وڃي يعني ڪراچي،حيدرآباد ۽ ميرپوخاص ڊويزنون، اتي جيئن ته مهاجر يا اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۾ آهن تنهن ڪري اتي مهاجر صوبو ٺهي نه ٿو سگهي-انگ اکر ڏيندي هو لکي ٿو ته “ ڪراچي ،حيدرآباد ۽ ميرپورخاص توڙي ڄامشوري ضلعي جي ٽي ڪروڙ آباديءَ مان ٻه ڪروڙ ويهه لک سنڌي ۽ ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا جڏهن ته اردو آبادي صرف 80 لک آهي ۽ ان مان به بنگالي،ميمڻ، ڪڇي ۽ ٻيا ڪڍجن ته اهو تعداد گهٽجي ستر لک بيهندو.هاڻي ٽي ڪروڙ جي آباديءَ ۾ اردو آبادي ستر لک ۽ اهي گهرن ٿا صوبو! اها ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي.صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي حوالي سان هو لکي ٿو ته“ ڪراچي،حيدرآباد۽ ميرپور خاص ڊويزنن ۽ ڄامشوري جي 83 سيٽن مان متحده وٽ صوبائي اسيمبلي جون 39 سيٽون آهن، جڏهن ته 42 سيٽون هينئر به سنڌين وٽ ۽ ٻه پٺاڻن وٽ آهن” سي به سندس چواڻي ته وڏي ڌانڌلي جو نتيجو آهن.

اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به طرح سان مهاجر يا غير سنڌي اڪثريت ۾ ٿي وڃن ته انهن کي سنڌ ورهائڻ يا الڳ صوبو ٺاهڻ ۽ سنڌ جي ان حصي تي حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل ٿي ويندو؟

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌ ۾ مهاجرن توڙي ٻين غير سنڌين جي آمد ۽ آبادڪاري پاڪستان جي مرڪزي حڪومتن جي مرضي ،منشا ۽ مدد سان ٿيندي رهي آهي ۽ ڪنهن حد تائين انهن ڌارين ماڻهن جون تنظيمون ٺهرائڻ ۾ به رياستي ادارن جو هٿ رهيو آهي. اهو ان ڪري ته ٻاهران آيل ماڻهو سنڌ جي ڦرلٽ ڪرڻ ۾ حڪمرانن جا اتحادي آسانيءَ سان ٿي ويندا آهن ۽ حڪمران پنهنجي حاڪميت ۽ بالادستي برقرار رکڻ لاءِ انهن کي هٿيار طور استعمال ڪندا آهن. اها صورتحال رڳو سنڌ ۾ ناهي، بلوچستان ۾ به هينئر ايئن ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ۾ بنگال ۾ بهارين کي مرڪزي سرڪار جي مڪمل حمايت حاصل هوندي هئي ۽ ايئن رڳو پاڪستان سرڪار نه ڪري رهي آهي پر هر جابر ۽ استحصالي رياست ايئن ڪندي آهي. فجي،زمبابوي(روڊيشيا) ۽ آئرلينڊ ۾ انگريزن ٻاهرين ۽غير مقامي ماڻهن ( جن ۾ انگريز ۽ غير انگريز شامل هئا) کي آباد ڪرايو ۽ روس پنهنجي سلطنت هيٺ آيل غير روسي قومن ۽ خطن ۾ روسي ماڻهن کي وڏي پئماني تي آباد ڪرايو.سڀ کان وڏو مثال فلسطين آهي.

سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جا حڪمران پنهنجي مفادن خاطر اڃاوڌيڪ ماڻهو ٻاهران آڻي سنڌ ۾ آباد ڪرائن ۽ وري ڪوڙيون آدمشماريون ڪرائي اهو ظاهر ڪن ته سنڌ جي ڪنهن حصي ۾ غير سنڌي گهڻا ٿي ويا آهن ته پوءِ  ڇا اسان اتي انهن جو حق تسيلم ڪنداسين؟ ڪڏهن به نه-سنڌ فطري طور، تاريخي طور ۽ تهذيبي طور سنڌين جو وطن آهي، اتي هميشه سنڌين جي حاڪميت رهڻي آهي.اهو رڳو اسان سنڌ لاءِ نه ٿا چئون پر سڄي دنيا ۾ ايئن آهي ته ٻاهران آيل ماڻهو مقامي ماڻهن جي مرضي مطابق رهندا،جڏهن ته حق حاڪميت ڌرتي ڌڻين جو هوندو. فجي ۾ انگريزن جي حاڪميت دوران هندستاني ۽ نيپالي نسل جي ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ آباد ڪيو ويو،ايتري تائين جو اهي اڪثريت ۾ ٿي ويا پر فجي جا اصلوڪا رهواسي اهو ٿا چون ته فجي جي سرزمين تي حاڪيمت جو حق اسان جو آهي.ان ڏس ۾ ڪجهه سال اڳ ۾ جنرل ربوڪا جو اهو بيان مشهور ٿيو هو ته“ اڪثريت يا نه اڪثريت، فجي، فجي وارن جو آهي”انگريز بادشاهت جي عروج دوران انگريزن پنهجا ماڻهو وڏي تعداد ۾ آئرلينڊ جي اترئين حصي ۾ آباد ڪرايا ۽ پوءِ جڏهن آئرلينڊ جي آزادي جو وقت آيو ته انگريزن اڪثريت جو جواز ڄاڻائيندي اتر جي چئن ڪائونٽين کي آئرلينڊ کان ڪٽي پاڻ سان گڏ رکيو.ان ڳالهه کي ذري گهٽ هڪ صدي گذري چڪي آهي پر آئرلينڊ وارن پنهنجي اترين علائقن تان هٿ نه کنيو.مسلح ۽ پر امن ٻنهي طريقن سان جدوجهد ڪندا رهيا آهن ۽ مستقبل قريب ۾ دنيا ڏسندي ته آئرلينڊ جمهوريه آئرلينڊ جو حصو ٿي ويو-ساڳي طرح عرب امارتن ۾ ٻاهران آيل ماڻهو 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي ويا آهن پر اهو علائقو اڄ به عربن جو آهي ۽ اتي حاڪميت ۽ اختيار مڪمل طور مقامي عربن جو آهي.

اولهه يورپ جي ملڪن جو مثال وٺو چيو  پيو وڃي ته اتي جمهوريت آهي،برابري آهي ۽ دنيا جي ٻين خطن کان ايندڙ ماڻهن کي به برابريءَ جا حق آهن. اها ڳالهه ڪجهه شرطن سان درست آهي.پهرين ته انهن ملڪن ( برطانيا، جرمني، فرانس وغيره ) ۾ صرف اهي ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا جن کي ڌرتي ڌڻي اجازت ڏين.ان کانپوءِ اهي انهن جي مقرر ۽ متعين ڪيل معيارن، قدرن ۽ قانونن مطابق زندگي گذزارين ٿا ۽ پاڻ کي مقامي يعني برطانوي، فرانس سي ياجرمني ثابت ڪن ٿا،تڏهن انهن کي اتان جو شهري تسليم ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به اهي سڏجن ۽ سڏرائين اتان جي قوميت ٿا. اهي هندستاني، پاڪستاني يا چيني ۽ مهاجر يا مسلمان ڪونه ٿا چوائن.

هاڻي ان پسمنظر ۾ اچون ٿا سنڌ جي صورتحال ڏانهن-جيئن مٿي ٻڌايو ويو ته هتي جيڪا ڌاري آبادڪاري آهي ان کي رياستي سرپرستي حاصل رهي آهي. سو آئنده به ائين ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجو ڪيس اڪثريت اقليت جي بنياد تي رکيو ته اسان پنهنجا هٿ ڪپائي ويهنداسين ۽ پوءِ سڀاڻي سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪا سچي يا ڪوڙي اڪثريت ظاهر ڪئي وئي ته اسان وٽ ان جي مخالفت ڪرڻ جو اخلاقي جواز نه رهندو.يا وري انگن اکرن جو حساب ڪتاب ڪندي مهاجرن کي هڪڙي پاسي رکجي ۽ باقي ٻين (پنجابين،پٺاڻن وغيره) کي پنهنجي طرف ڳڻجي( جيئن گهمري صاحب ڪيو آهي) ته اهو عمل نه رڳو غلط پر خطرناڪ نه ٿيندو- به رڳو سنڌ ۾ پر هر خطي ۾ ٻاهران آيل ماڻهن جا مفاد ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اصلي حڪمرانن يا چئجي ته وقت جي اسٽيبلشمينٽ سان ملندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي مفادن خاطر اهي ڪهڙي به وقت ڪنهن سان به ٺهي سگهن ٿا.سنڌ ۾ آباد پنجابين جو هڪڙو حصو ته ايئن ئي پاڻ کي حڪمران طبقي جو حصو سمجهندي ان قسم جو ورتاءُ ۽ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.پٺاڻ جيڪي هن وقت مهاجرن سان “چانڊيا مگسي” نظر اچي رهيا آهن اهي ماضيءَ ۾ وڙهندا ۽ ٺهندا رهيا آهن.خان عبدالغفار خان جهڙو ماڻهو به جڏهن نائين زيروتي ويو ته ان کانپوءِ بيان ڏنائين ته “ مان اهڙو بندوبست ڪري آيو آيو آهيان ته هاڻي پٺاڻن کي ڪراچي اچڻ کان ڪوئي نه روڪيندو”ان کان پوءِ 12 مئي 2007 تي ڪراچي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو ان ۾ ايم ڪيو ايم سان مهاڏو اٽڪائيندڙ سڀ کان وڏي ۽ مکيه ڌر عوامي نيشنل پارٽي هئي پر پوءِ اسان ڏٺو ته ڪجهه ڌرين جي وچ۾ پوڻ  تي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو ۽ لفظن جي جنگ هڪدم ختم ٿي وئي. چوڻ جو مقصد ته جيڪڏهن ڪنهن وقت پنهنجي مفادن تحت سڀ “ غير سنڌي” گڏجي وڇن ته اسان جو اهو انگن اکرن وارو دليل ڪمزور ٿي پوندو-۽ ايئن ٿيڻ ڪا ناممڪن ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته اهو بنيادي نقطو سمجهڻ ضروري آهي ته انهن ڌارين ماڻهن جي وچ۾ جهڳڙو آهي ڪهڙي ڳالهه تي؟ ته سائين منهنجا جهيڙي جو بنياد اها ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڦرلٽ مان ڪنهن کي ڪيترو حصو ملڻ گهرجي-۽ حصي پتي تي وڙهڻ وارا ماڻهو ڪنهن به وقت ڏي وٺ ڪري ٺاهه ڪري سگهن ٿا.

هاڻي اڪثريت اقليت واري دليل جي هڪ ٻي امڪاني صورتحال تي نظر ٿا وجهون-ٺيڪ آ ڪراچي،حيدرآباد ۽ ميرخاص ڊويزنن تي مشتمل مهاجر صوبو نٿو ٺهي سگهي، پر جي صبحاڻي ڪراچي کي صوبو بنائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته پوءِ ضمير گهمري صاحب جي انگن اکرن مطابق 42 مان صوبائي اسيمبلي جون 34 سيٽون انهن وٽ آهن ته پوءِ ته اڪثريت انهن جي ٿي وئي-جيڪڏهن اڃا به انهن کي خطرو محسوس ٿيو ته اها گُهر به ڪري سگهن ٿا ته ملير ضلعو الڳ ڪري باقي ڪراچي کي صوبو بڻايو وڃي-ان صورت ۾ انهن جي اڪثريت اڃا وڌي ويندي.جيستائين سوال آهي ته ايتريون سيٽون اُهي ڌانڌلي سان ٿا کٽن ته يقيني طور اهو ڪم اهي رياستي ادارن جي سڌي يا اڻسڌي مدد يا /تعاون سان ڪن ٿا.سو اها مدد ۽ تعاون اسان جي ڀيٽ ۾ انهن کي پهرين ڏينهن کان حاصل آهي ۽ اڳتي به حاصل رهڻ جا گهڻا امڪان آهن،ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي ٻڌايو ويو ته استحصالي حڪمرانن ۽ ٻاهران آيل ماڻهن جا مفاد هڪٻئي سان ملندا آهن.  ان سموري بحث جو متن اهو اهي ته اسان  سنڌ جي مالڪي ۽ ان تي حاڪميت جي حق کي اڪثريت اقليت جي فلسفي سان نه ملايون بلڪه ان جو بنياد تاريخي، تهذيبي، حقيقتي ، ٻولي ۽ سياسي ۽ اقتصادي عنصرن تي رکون. ان صورتحال جا ٻه پاسا آهن. هڪڙو نظر ياتي يا اصولي ۽ ٻيو حڪمت عملي جو-اصولي طور اهو ته جيئن اڳ۾ به ذڪر ٿيو ته ڪنهن به خطي تي حاڪميت جو حق اتي فطري طور رهندڙ قوم جي ماڻهن کي آهي. سڄي دنيا جو اصول آهي ۽ عملي طور اها صورتحال آهي ته ٻاهران آيل ماڻهو/مهاجر يا ته واپس ويندا آهن يا ڌرتي ڌڻين جو حصو بڻجي ويندا آهن. سنڌ هزارين سالن کان سنڌين جو وطن آهي ۽ ان جي تحفظ خاطر سنڌين سوين جنگيون ڪيون آهن ۽ لکين هموطنن جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان ڌرتي کي خوشحال بنائڻ لاءِ نسل درنسل محنت ڪئي آهي.اهو ڪو وکر جو دڪان ناهي جو ان جو فيصلو انگن اکرن جي بنياد تي ڪيو وڃي.حڪمت عملي جو سوال اهو آهي ته جڏهن اسان چئون ٿا ته ڌار صوبي جو مطالبو ڪندڙ اقليت ۾ آهن ته ڄڻ اڻسڌي طرح اسان تسليم ڪريون ٿا ته اڪثريت جي صورت ۾ اهي حق بجانب هوندا.ان سان اهو پيغام ويندو ته سنڌي ذهني طور ورهاست جي ڳالهه کي قبول ڪري سگهن ٿا.ان سان انهن ماڻهن کي ۽ انهن جي مددگارن کي اها شهه ملندي ته اهي اڃا وڌيڪ تيزي سان ڌارين ماڻهن کي سنڌ ۾ آڻڻ ۽ آباد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪن.

khaliquej@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو