Home / افيئر / هڪ آدرشي استاد جيل حوالي
above article banner

هڪ آدرشي استاد جيل حوالي

اشفاق احمد لکي ٿو ته روم (اٽلي) ۾ منهنجو ٽريفڪ چالان ٿيو، مصروفيتن جي ڪري چالان في وقت تي ادا نه ڪري سگهيس، ڪورٽ وڃڻو پيو، جج جي سامهون پيش ٿيس ته ان سبب پڇيو، مون چيو ”پروفيسر آهيا، مصروف ايترو رهيس جو وقت ئي نه مليو“ ان کان اڳ جو مان پنهنجي  ڳالهه  پوري ڪريان، جج چيو A Teacher is in the court ۽ سڀ  اُٿي بيٺا ۽ مون کان معافي وٺي چالان ڪينسل ڪري گاڏي تائين مون سان گڏ آ، دروازو کولي مون کي ويهڻ جو چيو ۽ سلام ڪري واپس ويو. ان ڏينهن مان ان قوم جي ترقي جو راز سمجهي سگهيس.

اشفاق احمد جي هي ڳالهه مون کي ان وقت ياد ٿي پوي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي اُستاد پروفيسر عبدالرئوف سومرو کي چوري جي ڪوڙي ڪيس جي الزام  ۾ عمرڪوٽ مان ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي  سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو وڃي ٿو.

پرائمري اُستاد کان ڪاليج  پروفيسر جو سفر ڪندڙ پروفيسر عبدالرئوف سومرو Early Childhood Education in Pakistan جي موضوع تي M.Phill ڪري رهيو آهي. تعليم، انگريزي ۽ فزڪس جي سبجيڪٽ تي مهارت رکندڙ هن آدرشي اُستاد جي اندر ۾ علم جي اُڃ ۽ اُساٽ رهي ئي رهي آهي. پنهنجي ڪيريئر جي شروعات کان ئي هڪ فرض شناس پرائمري استاد جي حيثيت  سان ماکيارو کان صوفي اڪبر حسين دڙو تائين 20 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پڙهايو ۽ پوءِ امين آباد مڊل اسڪول مان سوين شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ روانا ڪيا. اُتان پوءِ هاءِ اسڪول آهوري فارم ڏانهن پيرين پنڌ ڪري ڏهاڪو سال مسلسل ملهائي پوري ضلعي عمرڪوٽ جي وڏن وڏن ادارن کان گوءِ کڻي پوري تر جي ماڻهن جي اولاد کي آهوري فارم ۾ پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جتي نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون ڪري شاگردن ۾ شعور دريافت ڪندو رهيو. انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم سان گڏ اسٽيج ڊراما، تقريري ۽ مضمون نويسي جا مقابلا، گيت ۽ سنگيت جهڙن رجحانن جا گواهه  سندن شاگرد آهن جيڪي ڪراچي اسٽيل مل کان دبئي ۽ مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي  کان ڪراچي جي مختلف ادارن ۾ موجود آهن. سچ ته هو رُڃ جهڙي سماج ۾ مور جي پڪار رهيو آهي. اهڙا استاد سنڌ جا هيرو آهن،جي ٻهراڙي جي پٺتي علائقن کان سوين شاگرد يونيورسٽين ڏانهن موڪلي، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. منهنجي اُستاد جو ڪو ڏوهه ڪونهي، بس هڪڙو ئي ڏوهه آهي جو هن علم دوست انسان بنان ڪنهن متڀيد جي غريب مسڪين شاگردن کي علم سان آراسته ڪري جيئڻ سيکاريو آهي. جهالت خلاف جنگ جوٽي شعوري آبياري ڪئي آهي.هن سماج کي اڃان جاهل رهڻو آهي؟ هتي علم ۽ ادب اڄ به ڪتابي خبرون آهن؟ هڪ استاد کي صرف ”معمولي ماستر“ تصور ڪجي؟ اسان رڳو پنج هزار سال تهذيبي حوالي جي سهاري ڪيترو جيئنداسين؟ جتي ماڻهو ذاتي خصيص مفادن جي خاطر وڏيون سازشون ۽ منصوبه سَٽي ڪنهن شريف اُستاد جي زندگي زهر ڪن ته اهڙي سماج کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ هتي مصنوعي مشير ناما ٺهرائڻ ۽ ڏوڪڙن جي عيوض سلطاني گواهه بيهارڻ جمعدار جاڙي خان جي ڏائي هٿ جو کيل آهي!! علم ۽ شعور جي سزا تاريخ جي هر صفحي جو قصو آهي. هن سماج جي بي حسي هٿان قيد ٿيل درٻاري انصاف جي پت وائکي ڪري  ٿو. اُستاد عبدالرئوف سومرو جهڙي محنتي پيشور اُستاد جنهن جي ڪِرت صرف پڙهڻ ۽ پڙهائڻ رهي آهي. سماج اهڙي آئيڊيل اُستاد کي سازشي هٿ هٿان سلاخن پويان آڻڻ ۽ مفاد پرست ذهنن جي دائرن ۾ به ”مختلف حُربا“ استعمال ڪري هڪ باعزت استاد تي من گهڙت ڪيس ٺاهي 10 سالن لاءِ قيد تنهائي ۾ موڪلي، ڪيترن ئي غريب شاگردن کي علم کان محروم ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ جتي ڪرپشن جي بازار گرم هجي ۽ انصاف بااثر ماڻهن جي در جي گولي هجي ته اهڙي سماج جي اخلاقيات طئه ڪرڻ جو فارمولا ڪيمسٽري تحت ڪجي؟ انسانيت جو درد قانون ۽ انصاف جي نظر ۾ مجرم آهي؟ هٿ ٿوڪئي ”ڏوهه“ ۾ ڀوتارن جا چاپلوس ۽ ڪنهن شريف، محنتي ۽ فرض شناس اُستاد کي دل شڪسته ڪري سگهن ٿا؟ جتي انصاف به ڀوتارڪي سياست جي سهاري ساهه کڻي ۽ درٻارون به ڪنهن سردار جي جرڳي جهڙو فرض نڀائڻ ته اُتي مان هي ڪيس سنڌ جي هر باشعور ماڻهو جي ضمير جي عدالت آڏو  رکان ٿو. اونداهي سان اُلجهي ڏيئا روشن ڪندڙ هن آخوند جي اسيري  اَنياءِ تي سنڌ امڙ احتجاج ڪندي..!

اي ميل: oad.ram@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو