Home / ڪور افيئر / پارلياماني قومپرست سياست سنڌ کي متبادل سياسي پليٽ فارم ملي سگهندو
above article banner

پارلياماني قومپرست سياست سنڌ کي متبادل سياسي پليٽ فارم ملي سگهندو

سنڌ توڙي پاڪستان ۾ جيئن جيئن عام چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي تيئن تيئن سنڌ اندر پارلياماني قومپرست سياست جي باري ۾ بحث ۾ پڻ تيزي اچي رهي آهي. سڀ کان پهريائين اهو بيان ڪرڻ

لازمي آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست نظرياتي لحاظ سان توڙي عملي لحاظ سان ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل آهي.

1. آزادي پسند قومپرست سياست

2. پارلياماني قومپرست سياست

1. آزادي پسند قومپرست سياست:

آزادي پسند قومپرست سياست جي هن ڪئمپ جو نظرياتي موقف جي رياست مخالف ۽ سنڌو جي آجپي ۽ سيڪيولر قومي رياست قائم ڪرڻ آهي. هن ڪئمپ جو فڪري رهبر سائين جي.ايم سيد آهي ۽ تنظيمي طور تي جيئي سنڌ هلچل جون مختلف سياسي جماعتون هن فڪري ڪئمپ جي نمائندگي ڪن ٿيون.آزادي پسند قومپرست ڪئمپ سنڌ کي قومي غلامي جو شڪار سمجهي ٿي ۽ پنجاب کي سنڌ جي قومي غلامي جو ذميوار سمجهي ٿي سنڌ جي آزادي پسند قومپرست ڪئمپ سنڌ جي قومي جبر ۽ ڦر لٽ جو پنجابي پٺاڻ مستقل مفاد کي ذميوار سمجهي ٿي تنهن ڪري آزادي پسند قومپرست هلچل جي جدوجهد جو بنيادي رخ پنجاب مخالف آهي. ٻي ڳالهه ته هيءَ ڪئمپ سنڌ اندر مستقل آباد اردو آبادي کي سنڌي قوم جو حصو سمجهي ٿي ۽ پنجاب مخالف قومي جدوجهد ۾ اردو آبادي کي پاڻ سان گڏ شامل ڪرڻ چاهي ٿي. ٽي ڳالهه ته آزادي پسند قومي تحريڪ جيئن ته قومي تضاد کي دشمناڻو تضاد سمجهي ٿي ۽ تضادن جي سائنس موجب قومي تضاد دشمناڻو تضاد هوندو آهي ۽ دشمناڻو تضاد پر امن، جمهوري ۽ قانوني طريقن سان رياست جي ڍانچي اندر نبري نٿو سگھي تنهنڪري آزادي پسند قومپرست تحريڪ قومي تضاد جي حل لاءِ پر امن جمهوري ۽ قانوني طريقا اختيار ڪرڻ جي حق ۾ ڪونهي ڪا. ڇاڪاڻ جو قومن جو تضاد پاڪستان جي رياستي ڍانچي اندر نبري نٿو سگھي تنهن ڪري قومي آزادي ئي قومي تضاد جو واحد حل آهي.

2. پارلياماني قومپرست سياست:

سنڌ ۾ قومپرست پارلياماني سياست جو ٻيوحلقو آهي جيڪو سنڌ اندر قومي تضاد جي ڳالهه ته ڪري ٿو ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جدوجهد به ڪري ٿو پر نظرياتي لحاظ سان هي حلقو موقعي پرستي جو شڪار آهي. موقعي پرستي هن معنيٰ ۾ ته هي قومپرست لڏو قومي تضاد کي آئيني، قانوني ۽ جمهوري طريقن سان نبيرڻ چاهي ٿو جيڪو تضادن جي سائنس جي لحاظ سان موقعي پرست رجحان آهي. ٻيو ته جڏهن سنڌ جي قومي ڦرلٽ جو مکيه ذميوار پنجابي پٺاڻ مستقل مفاد آهي. ته اهڙي صورتحال ۾ هن قومپرست لڏي پاران پنجابين ۽ پٺاڻن جي سياسي جماعتن سان اتحاد ۽ هم آهنگي ڪرڻ جو ٻيو مطلب قومي دشمن سان دوستي نڀائڻ آهي. ٽين ڳالهه ته قومپرست سياست جو هي حلقو سنڌ جي اڀرندڙ وچولي طبقي ۽ وفاق پرست جماعتن پاران نظر انداز ڪيل مٿئين زميندار طبقي جو ڳٺ جوڙ آهي جيڪي اقتداري سياست ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ چاهين ٿا تنهن ڪري نظرياتي طور تي اهي آزادي پسند قومپرست تحريڪ جا مخالف ٿي ۽ عملي طور تي وفاق پرست قومپرستن جي مخالفت به ڪن ٿا ته پنهنجي جاءِ والارڻ لاءِ انهن وفاق پرستن مان هڪڙن ڌرين جي مخالفت ڪري ٻين ڌرين جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. چوٿين ڳالهه ته 1973ع جي آئين جي مخالف هجڻ جي باوجود 1940ع واري قرارداد تحت هڪ نئين آئين ساز اسيمبلي جو مطالبو کڻي پارلياماني جدوجهد ڪرڻ جي بجاءِ 1973ع واري آئين ۽ ان تحت ڪم ڪندڙ سياسي جماعتن سان گڏجي پارلياماني سياست ڪري نه رڳو موقف پر عمل جي لحاظ سان به موقعي پرستي ڪن ٿا ۽ آخري ڳالهه ته هي قومپرست حلقو قومي تضاد کي رياستي ڍانچي اندر نبيرڻ چاهي ٿو جيڪو تضادن جي سائنس جي لحاظ سان غلط آهي.

آزادي پسند قومپرست ۽ پارلياماني قومپرست ڪئمپن جي نظرياتي ۽ حڪمت عملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ آئون هاڻي پارلياماني قومپرست سياست جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل پيش ڪندس.

سنڌ اندر پرلياماني قومپرستن جي سياسي لحاظ سان نمائندگي ماضي ۾ يونائيٽيڊ نيشنل الائينس (يو.اين.اي) ڪندو هو ۽ هن وقت انهن جي نمائندگي سنڌ پروگريسوِ نيشنل الائينس (ايس. پي. اين. اي) يعني سپنا ڪري ٿو. انهن ٻنهي کان اڳ ۾ 1988ع ڌاري سنڌ قومي اتحاد (ايس. اين. اي) اليڪشن ۾ حصو ورتو هو جنهن ۾ آزادي پسند توڙي پارلياماني قومپرست شامل هئا. ان تجربي کان پوءِ آزادي پسند قومپرست پارلياماني سياست کان بلڪل الڳ ٿي ويا بعد ۾ يو. اين. اي. جي پليٽ فارم تان قومپرستن پارلياماني جدوجهد ڪئي ڪجهه وقت لاءِ سنڌ قومي اتحاد کي به ٻيهر پارلياماني قومپرستن جيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي ٻئي تجربا ناڪام ٿيڻ کان پوءِ سپنا جي نالي سان قومپرستن جو پارلياماني اتحاد جوڙيو ويو جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ عوامي تحريڪ قابلِ ذڪر سياسي جماعتون آهن.

سپنا جي پليٽ فارم تان مٿي بيان ڪيل جماعتن اڄ کان ٻه سال اڳ ۾ سنڌ اندر گڏيل طور تي پارلياماني سياست ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر عملي طور سپنا فقط سپنو ئي رهيو. مثال جي طور تي سال کن اڳ ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ نواز شريف ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملڻ جي لاءِ حيدرآباد آيو ته ايس. ٽي. پي. سپنا ۾ شامل ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ساڳي رِيت هن سال جڏهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي تڏهن به ايس. ٽي. پي. سپنا جي ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري نه سمجهيو.

ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي پنهنجي طور تي قاسم آباد جي تڪ تان پنهنجو پاڻ کي اميدوار پڌرو ڪيو ته به هن سپنا جي ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ جڏهن لياري آپريشن جي مسئلي تي عوامي تحريڪ پيپلز امن ڪميٽي سان تعلقات پيدا ڪيا ۽ احتجاج ڪيا ته اهي قدم به سپنا ۾ شامل ڌرين سان صلاح ڪري کڻڻ جي بجاءِ عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان اڪيلي سر کڻي ڇڏيا.

اهڙي صورتحال سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان به آهي. جنهن تازو مسلم ليگ (ن) سان اليڪشني اتحاد قائم ڪرڻ وقت سپنا ۾ شامل جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي يعني سپنا قومپرستن جو اليڪشني اتحاد اليڪشن سان اڳ ۾ ئي هڪ اتحاد جي حيثيت ۾ گڏيل فيصلا ڪرڻ جي بجاءِ پارٽي بازي جو شڪار ٿي ويو آهي. ۽ مستقبل ۾ ان جي گڏجي هلڻ جا امڪان سواليه نشان بڻجي ويا آهن.

در اصل پارلياماني قومپرستن جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته هو سنڌ جو پارلياماني مورچو پيپلز پارٽي جي حوالي ڪرڻ نٿا چاهين ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ جي باوجود سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. اصولي طور پيپلز پارٽي تي ٿيندڙ اها تنقيد جائز ۽ درست آهي. پر سنڌ ۾ پارلياماني سياست ڪندڙ صرف پيپلز پارٽي ڪونهي پر ٽي ٻيون طاقتون به آهن. هڪ مذهبي جماعتون، ٻيو متحده قومي موومينٽ (ايم. ڪيو. ايم) ۽ ٽيون مسلم ليگ فنڪشنل. انهن کان علاوه مسلم ليگ نواز شريف يا بعد ۾ مسلم ليگ (ق) ۽ ڪجهه بااثر سياسي گھراڻا پارلياماني سيٽون کٽيندا رهيا آهن.

مذهبي جماعتن جو سڌ اندر ووٽ ۽ اثر محدود آهي. جنهن ۾ واڌ ٿيڻ جا امڪان نه هجڻ جي برابر آهن. جيتري قدر ايم ڪيو ايم جو تعلق آهي گذريل ڪجهه سالن دوران ان ڪراچي ۽ حيدرآباد کان ٻاهر نڪري سڄي سنڌ اندر پنهنجو تنظيمي نيٽ ورڪ جوڙيو هو پر موجوده دور ۾ ڪوٽا سسٽم، سنڌي ٻولي جو سوال، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جو سوال ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي سوال تي ايم ڪيو ايم جي ٻٽي پاليسين سبب لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي موجوده پارلياماني طاقت برقرار رکي ته سگھي ٿي پر ان ۾ واڌ آڻڻ جا امڪان گھٽجي چڪا آهن.

جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشنل موجوده پير پاڳاري جي قيادت هيٺ پاڻ کي حر جماعت جي تنگ دائري مان ڪڍي وسيع پارلياماني طاقت بنجڻ طرف پيش قدمي ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هن جي پارلياماني سگھه ۾ واڌ جا پڻ امڪان آهن.

ايم. ڪيو. ايم ۽ فنڪشنل ليگ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي هر حڪومت جا اتحادي ۽ حصا رهيون آهن ۽ هن وقت به اهي ٻئي جماعتون پيپلز پارٽي جون وفاق توڙي سنڌ حڪومت ۾ اتحادي ۽ ڀائيوار آهن پر انهن جو طريقيڪار اهو آهي ته اقتدار ۽ مفاد ۾ ته گڏ آهن پر اختلافي معاملن تي هو پيپلز پارٽي جو اتحادي بنجڻ جي بجاءِ پاڻ کي الڳ ڪري بيهارين ٿا اهڙي ريت پيپلز پارٽي سموريون جائز توڙي ناجائز رعايتون اتحادين کي ڏيڻ جي باوجود آخري نتيجي ۾ اڪيلي ٿي بيهي ٿي.

اهڙي صورتحال ۾ اهو چوڻ ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏئي قومپرست کٽي ايندا اهو اڌورو سچ آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ پارليماني سگهه جي اڪثريت جو تعلق تـ پيپلز پارٽي سان رهيو آهي (اهو سچ آهي) پر وفاق جي دٻاءُ ۽ اثر تحت ايم ڪيو ايم ۽ فنشڪنل ليگ ۽ ٻين بااثر پارليماني شخصيتن جي اتحادي حڪومت رهي آهي جنهن جو تازو ۽ وڏو مثال ارباب غلام رحيم ۽ سردار علي محمد مهر جون حڪومتون آهن جن وٽ پارلياماني سگهه گهٽ هئي پر پوءِ به فنڪشنل ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي زور تي انهن سنڌ تي حڪمراني ڪئي. تنهن ڪري جيتوڻيڪ سنڌ ۾ اڪثريتي پارلياماني سگهه پيپلز پارٽي وٽ رهندي آئي آهي پر مٿي بيان ڪيل مثالن مان ثابت ٿئي ٿو ته فنڪشنل ليگ ايم ڪيو ايم جهڙين جماعتن جي ڳٺ جوڙ سان ڪا ٽين اقليتي پارلياماني طاقت به سنڌ اندر حڪمراني ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي امڪان کي ايندڙ وقت ۾ به رد ڪري نٿو سگهجي.

تنهن ڪري اسان جي نظر ۾ پارلياماني مورچي تي فقط پيپلز پارٽي کي Replace ڪرڻ بنيادي سوال ناهي پر بنيادي سوال 1973ع جي آئين جي حامي سڀني سياسي پارلياماني جماعتن جي Replacement

جو سوال بنيادي سوال آهي، ۽ سنڌ جي پارلياماني قومپرستن کي انهيءَ سوال تي ئي غور ڪرڻ گهرجي. پر ڏٺو ويو آهي ته اهي پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ مسلم ليگ جي هٿان استعمال ٿي سگهن ٿا يا گهٽ ۾ گھٽ انهن ۾ اهڙو رجحان نظر اچي پيو ته اهي پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي مدد وٺڻ تي مجبور آهن، جيڪا ڳالهه سندن نطقئه نظر موجب حڪمتِ عملي آهي پر منهنجي راءِ مطابق غلط حڪمتِ عملي آهي.

جيڪڏهن سنڌ جا قومپرست پارلياماني سياست ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ انهن کي هڪڙي وفاق پرست پارٽي جي خلاف ٻي وفاق پرست پارٽي جي هٿان استعمال ٿيڻ جي بجاءِ پنهنجي موقف جي بنياد تي اليڪشني سياست ڪرڻ گهرجي، ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ هن وقت تائين جيڪي نواز ليگ جي آڏو اليڪشني شرط وڌا آهن اهي سواءِ زباني جمع خرچ جي ڪا به وڌيڪ اهميت نٿا رکن، ڇاڪاڻ جو ڪي به ٺوس شرط ناهن رکيا ويا، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته انهن جماعتن کي پنهنجي اليڪشني اتحاد سپنا جي پليٽ فارم تان ئي ٺوس ڳالهيون ڪرڻ کپن ها ۽ سنڌ جي قومي مفادن جي حوالي سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪرڻ جي بجاءِ اجتمائي طور ڳالهيون رکڻ کپن ها. پر ائين نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري لڳي ٿو ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جا اهي پارلياماني قومپرست ڪي خاص نتيجا ڏيئي نه سگهندا. ان کان علاوه ڪجهه ٻيا سبب پڻ آهن جن جي ڪري پارلياماني قومپرستن جي سياست جو مستقبل روشن نظر نٿو اچي. مثال جي طور تي سنڌ اندر ڌارين آبادڪاري جو سوال، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جو سوال ۽ سنڌ ٻولي جي قومي ٻولي جي سوال تي اليڪشني مهم جو حصو نه بنائڻ ۽ سنڌ جي قومي استحصال جي ذميوار پنجابي ۽ پٺاڻ مستقل مفاد ڏانهن نرم رويو رکڻ ۽ پارلياماني سياست جي مخصوص ٽيڪنڪ استعمال نه ڪرڻ اهي ٽي اهڙا سبب آهن جيڪي مٿين سياسي سببن سان ملي ڪري ان ڳالهه طرف اشارو ڪن ٿا ته قومپرستن جي پارلياماني سياست جيترو نعريبازي تي زور ڏي پئي اوترو موقف ۽ حڪمتِ عملي جي چٽائي ۽ ڪم جي طريقي ڏانهن سائنسي رويو اپنائڻ وارو رجهان گهٽ پيو نظر اچي.

اسان جي تجزيي مطابق ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جا اهي قومپرست ٻه چار سيٽون به مشڪل سان کٽي سگهندا ۽ سنڌ اندر ٿي سگهي ٿو ته وري به هڪ اهڙي مخلوط حڪومت ٺهي جنهن ۾ ڪنهن به هڪ جماعت وٽ واضع اڪثريت نه رهي باقي جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ مان وڏي پئماني تي هارائي ويندي انهن جا تجزيا ۽ اندازا غلط آهن. پيپلز پارٽي ٿوري گهڻي فرق سان پنهنجي پارلياماني سگهه برقرار رکي سگهي ٿي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو