Home / افيئر / پاڪستان انڊيا سوشل ميڊيا ميلو
above article banner

پاڪستان انڊيا سوشل ميڊيا ميلو

سوشل ميڊيا يعني انٽرنيٽ جي ذريعي رابطن کي سڄي دنيا ۾ خاص اهميت حاصل ٿي رهي آهي ۽ ان جو استعمال پاڪستان ۾ پڻ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ جهڙي طرح انٽرنيٽ جو استعمال وڌيو آهي اهڙي طرح سوشل ميڊيا جي ذريعي سياسي، سماجي ۽ ٻين قسمن جي معلومات جي ڏي وٺ ۽ تبصرن ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي. پاڪستان ۽ هندستان ۾ سوشل ميڊيا جي رابطن جي اثر تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ڪجهه سماجي تنظيمن آمريڪي ڪائونسل جنرل جي مالي سهڪار سان “پاڪستان انڊيا سوشل ميڊيا ميلو 2012” جولاءِ جي 13 ۽ 14ِ تاريخن تي شهر جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ منعقد ڪيو.

ان ميلي ۾ پاڙيسري ملڪ هندستان جو 9 ڄڻن جو هڪ جٿو پڻ شريڪ ٿيو. ان ميلي ۾ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪندڙ ادارن ۾ ۽ ذاتي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران ٿيندڙ مختلف موضوعن تي ٿيندڙ سيمينارن يا سيشنن ۾ ڀرپورحصو ورتو. هندستان مان آيل مهمان گهڻوڪري شرڪت ڪندڙن جي ڌيان جو مرڪز هئا.ان ميلي جي آرگنائيزرن جهڙوڪ “پيس نچ” جي سبين محسن ۽ جي امن ڪي آشا جي بينا سرور پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا سان جڙيل فردن جي گڏجاڻي کي هڪ تعريف جوڳو قدم قرار ڏيندي اهڙا ميلا ٻين شهرن ۾ پڻ منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڀارت مان آيل پڻ خوش هئا ته کين پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو هئو. اڪثر ڀارتي مهمان ۽ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي ويزا پاليسين جي شڪايت ڪندي ويزا جي طريقي کي آسان بنائڻ جي ضرورت تي زورڏيندا رهيا. هن ميلي جا  اڪثر ڀارتي شريڪ البته وزير داخله رحمان ملڪ جون تعريفون پڻ ڪري رهيا ته هن جي خاص طور تي دلچسپي سبب کين ويزائون ملڻ ممڪن ٿي سگھيو.

هن ميلي جي هڪ خاص ڳالهه نوجوانن جي وڏي انگ جي شرڪت هئي جيڪي پنهنجا پنهنجا ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ ڪمپيوٽر، آئي پيڊ ۽ موبائيل فون سيٽ کنيوان ميلي جي ڪاروائي دوران ٿيندڙ ڳالهين تي فورن تبصرا ۽ رايا فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر تي پوسٽ ڪرڻ ۾ مصروف هئا. سوشل ميڊيا جي مشهور ذريعن جهڙوڪ ٽيوٽر، فيس بڪ، بلاگز، وائرل وڊيو، يو ٽيوب وغيره کي استعمال ڪندڙ نوجوانن جو وڏو انگ نه صرف ان ميلي شريڪ ٿيوهئو پر هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو پڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي ڪيترائي فيس بڪ ۽ ٽيوٽر جا دوست جيڪي پاڻ ۾ اڳي ئي انٽرنيٽ ذريعي واقف هئا، هڪ ٻئي سان آمهون سامهون وربرو مليا ۽ هڪ ٻئي جي مواد تي روبرو ٽيڪا ٽپڻي ڪندي نظر آيا. مختلف سيشن ان هوٽل جي ٽن الڳ الڳ هالن ۾گھڻو ڪري هڪ ئي وقت هلي رهيا هئا ان ڪري هر ڪو پنهنجي پسند ۽ مرضي مطابق انهن سيشن ۾ شريڪ ٿي رهيو هو. البته هڪ ئي وقت ٿيندڙ سيشنن ۾ شرڪت عام ماڻهو لاءِ واقعي هڪ امتحان هئو. جڏهن ته ڪافي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سيشنن ۾ شرڪت بجاءَ هوٽل جي لابي ۾ ويهي گپ شپ ڪرڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهيو. ان ميلي جي پهرئين ڏينهن وائرل وڊيو بابت واري سيشن ۾ ‘‘وڊيري ڪا بيٽا’’ واري مزاحيه وڊيو گاني جي خالق علي گل پير ۽ “آلو انڊي” گاني جي گلوڪار علي آفتاب سعيد کان انگريزي اخبار جي مشهور مزاحيه ڪالم نگار نديم فاروق پراچا انٽرويو ڪيو. حاضرين سان سوال جواب واري حصي ۾علي گل پير کي ڪيترن ئي ڏکين سوالن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته هو اڳ ۾ ئي مزاحيه گانا لکندو رهيو آهي ۽ هن گاني ۽ وڊيو ٺاهڻ وقت هن کي ان گاني جي ايتري مقبوليت جو اندازو نه هئو پر جڏهن اهو وڊيو يوٽيوب ذريعي جاري ڪيو ويو ته نه صرف پاڪستان ۾ پر ٻين ملڪن جهڙوڪ ملائيشيا وغيره ۾ پڻ اهو گانو نهايت مقبول ٿيو آهي. علي گل پير جي گاني تي شرڪت ڪندڙڪافي تنقيد پڻ ڪئي خاص طور تي سنڌي ڳالهائيندڙن ان کي سنڌي ثقافت جو مذاق اڏائيندڙ گانو قرار ڏيندي چيو ته سنڌي ماڻهن جي سهپ جي خوبيءَ جي ڪري اهو گانو ايترو مقبول ٿيو آهي ۽ ان تي ڪو سخت ردعمل سامهون نه آيو آهي. اگر ڪنهن ٻي زبان جهڙوڪ اردو ڳالهائيندڙن بابت ڪو اهڙي قسم جو گانو ٺاهي ها ته ان جو ڪراچيءَ يا حيدرآباد ۾ رهڻ محال ٿي وڃي ها. سنڌي ڪمپيئر ۽ دانشور جاويد قاضي چيو ته ڊاڪٽر شاهد مسعود صرف صدر جي سنڌي ٽوپي پائڻ تي اعتراض ڪيو هئو ته سڄي سنڌي قوم اٿي پئي هئي ۽ ان ڏينهن کن پوءِ هاڻي هر سال سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي. سماجي ڪارڪن مسعود لوهار لفظ “سائين” کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ تي ان گاني جي خالق تي تنقيد ڪندي ان کان سوال ڪيو ۽ هو ڪڏهن اهڙي قسم جو مزاحيه گانودفاعي ادارن خلاف پڻ ٺاهيندو؟ ان جو جواب ته ويچاري علي گل پير وٽ به ڪونه هئو پر هن سنڌي شرڪت ڪندڙن جي تنقيدي سوالن جي جواب ۾ وضاحتون ضرور پيش ڪيون. سندس چواڻي ته سنڌي قوم ان گاني ذريعي سڄي دنيا ۾ متعارف ٿي آهي. هن مطابق ان گاني ۾ هن سنڌ جي بااثر وڏيرن ۽ سندن ڇڙواڳ اولاد تي تنقيد ڪئي آهي نه ڪي سنڌي ثقافت تي. انگريزي ناولن جي ليکڪا بينا شاه جيڪا سنڌ جي هڪ زميندار ۽ سيد گھراڻي سان تعلق رکي ٿي پڻ شڪايت ڪئي ته ان گاني کان پوءِسندس ڪيترائي دوست کيس وڏيري جي ڌيءُ سڏي ڇيڙين ٿا. شرڪت ڪندڙن “سائين تو سائين سائين ڪا ڪتا ڀي سائين” واري لائين تي پڻ سخت تنقيد ڪئي.

فيض احمد فيض، حبيب جالب ۽ ٻين انقلابي شاعرن جي شاعري تي گانا ۽ وائرل وڊيو ٺاهيندڙلاهور جي لال بينڊ جو تيمور رحمان پنهنجي گروپ جي ساٿين سان گڏ  پڻ موجود هئو ۽ هن سندس بينڊ جي ڪاميابين بابت هڪ سيشن پڻ ڪيو جنهن ۾ هنن جنرل پرويز مشرف جي ايمرجنسي خلاف ۽ عدليه تحريڪ دوران انقلابي گانن ذريعي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ شهرت حاصل ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان سيشن ۾ هنن پنهنجا مشهور ڪلام پڻ پيش ڪري انقلا بي جذبن کي تازو ڪيو.

ميلي جي پهرئين ڏينهن اڪثر نوجوانن ٽيوٽر جي گهڻي واکاڻ ڪئي جڏهن ته فيس بڪ کي  ان جي مقابلي ۾ هڪ سست ميڊيم قرار ڏنو. جڏهن ته ڪجهه ٻين شريڪ ڪندڙن فيس بڪ جي وڌيڪ حمايت ڪئي. هڪ ڀارتي شرڪت ڪندڙ وينڪٽ آننٿ ته ٽيوٽر جي ايتري قدر واکاڻ ڪئي جو جڏهن هڪ همراهه کائس فيس بڪ بابت راءِ پڇي ته هن جواب ڏنو ته مان اڃان ڪنوارو آهيان ۽ فيس بڪ ته شادي شده ماڻهن جو ميڊيم آهي.

سوشل ميڊيا ميلي جو انتظام هونئن ته ڪافي قدر بهتر هئو ۽ سڀني شريڪ مهمانن لاءِ کاڌي ۽ چانهه جو جوڳو اهتمام ڪيل هو پرسيشن شروع ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ٽائيم جي پابندي نه هئي ۽ مختلف سيشن ته دير سان شروع ٿيڻ جي ڪري حاضرين پريشان پئي ٿيا. ان کان علاوه انٽرنيٽ جي اسپيڊ گهٽ هئڻ سبب اسڪائپ Skype ذريعي ٿيندڙ سيشن پڻ منعقد نه ٿي سگهيا. پهرئين ڏينهن برکادت کي ڀارت مان اسڪائپ ذريعي هڪ سيشن ۾ خطاب ڪرڻو هئو پر خراب ڪنيڪشن سبب هوءڳالھ ٻولھ نه ڪري سگھي.

ميلي جي ٻئي ڏينهن پڻ ڪيترائي ڪارائتا سيشن رٿيل هئا. ان ڏينهن جي دلچسپ سيشنن ۾ انٽرنيٽ جي ڳالهين ٻولهين ۾ ٽرول يعني هروڀرو ٽنگ اڙائڻ وارن جي ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي وارو سيشن شامل هئو. انگريزي جي ليکڪا بينا شاهه،صحافي محسن سعيد، رضا رومي ۽ ٻين ساڻن ٽويٽر ۽ فيس بوڪ تي پيش ايندڙ ڪيترن ئي ٽنگ اڙائڻ وارن واقعن جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن هنن ٽرولن کي ڀڄائڻ يا انهن کي منهن ڏنو هئو.

آخري سيشن کان پهريائين ڀارت مان آيل سنجي راجپورا اسٽيج پرفارمنس ذريعي سڀني کي اڌ ڪلاڪ تائين کلايو. جڏهن ته هڪ ٻئي سيشن ۾ هيومن رائٽس واچ جي علي دايان حسن پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳالهائيندي انهن جي حصول لاءِ سوشل ميڊيا جي ڪردارجي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن مشهور صحافي سليم شهزاد جي اغوا ۽ بعد ۾ قتل ۾سرڪاري ڳجهين ايجنسين جي مبينه ڪردار کي وائکو ڪرڻ واري واقعي جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته سليم شهزاد سندس زندگيءَ ۾ ئي کيس ۽ ڪجھ ٻين دوستن کي کيس مليل ڌمڪين ۽ ان ۾ ملوث ڪجهه ڪردارن بابت اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو هئو ۽ جڏهن سليم شهزاد جي اغوا جي خبرميڊيا تي آئي ۽ هن فورن ان خدشن بابت ميڊيا ۽ هن جي آفيس کي آگاهه ڪيو ته اها ڳالهه سڄي دنيا ۾ تمام جلد پکڙجي وئي ۽ جنيوا ۾ انساني حقن جي اقوم متحده جي ڪميشن پڻ ان جوسختي سان نوٽس ورتو. جڏهن سليم شهزاد جو لاش ان ئي ڏينهن هڪ ويران جڳھ تان مليو ته به ميڊيا جي ڪري ان جي جلدي  ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي. هن مطابق پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي پر سوشل ميڊيا جي ڪري انهن کي وائکو ڪرڻ آسان ٿي پيو آهي. ميلي جي پڄاڻي تي ڪراچي ۾ موجود آمريڪي ڪائونسل جنرل ۽ سندس آفيس جي عملي سوشل ميڊيا ميلي جي واکاڻ ڪئي. سندس عملي ڀارت کان آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا. ميلي جي پڄاڻي لال بينڊ جي ڳايل فيض احمد فيض جي ڪلام “هم ديکين گي” سان ٿيو.

جيتوڻيڪ هن قسم جو ميلو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي پيماني تي منعقد ٿيو پر ان ۾ پيش ڪيل پروگرامن جي ڪوالٽي تي ڪا خاص توجهه نه ڏني وئي هئي. ٿورڙي توجهه سان ان بين الاقوامي پروگرام کي وڌيڪ معياري بڻائي سگهجي پئو ۽ ان ۾ وڌيڪ مهمانن کي پڻ شريڪ ڪرڻ جو موقعي ڏئي سگهجي پيو.ميلي دوران تقريبن  سڀني پروگرامن ۾ اڪثر وقت ڪرسيون خالي نظر پئي آيون.

shuja98@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو