Home / افيئر / پاڪستان ۽ سياست جو گورک ڌنڌو
above article banner

پاڪستان ۽ سياست جو گورک ڌنڌو

جمهوريت ۽ جمهوري سرشتي جي مضبوطي لاءِ پارٽين يا ادارن جو روشن خيال ڪردار ۽ شعوري طور جمهوريت جي پيروي  ۽ پاسخاطري ڪندڙ ليڊرشپ تي دارو مدار هجي ٿو. پر مجموعي طور پارٽين ۾ فڪري ۽ ذهني مهيءَ ولوڙ ڪرڻ ۽ هڪ سياسي ۽ سماجي ڍانچي جو خاڪو ٺاهي تيارڪرڻ  ۾ جيڪو گروهه اثرائتو ڪردار ادا ڪندو آهي. ان کي ساڃاهه وند دانشور ۽ ڏاهو چيو وڃي ٿو.

ميان رضا جو هي ڪتاب ان تواريخي ارڙهين ترميم جو پسمنظر آهي جيڪا 8 اپريل 2010ع تي  قومي اسيمبلي اتفاق راءِ سان پاس ڪئي.ارڙهين ترميم جي لاءِ ٺاهيل ڪميشن ۾ سڀني پارٽين جي نمائندگي شامل هئي  ان حد تائين جو پارليامينٽ کان وٺي پارليامينٽري سياست ڪندڙ پارٽين کي جن جي موجوده پارليامينٽ ۾ ڪابه نمائندگي ڪو نه آهي، انهن کي به شامل ڪيو ويو. ارڙهين ترميم جي وسيلي جن ٻن آمرن جنرل ضياءَ  ۽ جنرل مشرف ردو بدل آڻي 73ع جي آئين کي ڳڙ ڳڙ ڌاڻي  بڻائي ڇڏيو هو ۽ مجموعي طور وحداني طرز  ۽ اختيارن جو مرڪز اسلام آباد ٿي ويو هو. ۽ ايئن چئجي ته هڪ غير لبرل سرڪار جي تسلط سان گڏ متبادل مذهبي عدالتي سرشتو قائم ڪري ملڪ کي مذهبي اڻبڻت جي آڙاهه ۾ اڇلايو ويو. جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون. انهن آمرن جي آندل ترميمن وفاقي طرز حڪومت جي جاءِ تي هڪ سرشتو قائم ڪيو،جيڪو سندن اقتدار کي اينگهائڻ برابر هو. هن ڪتاب ۾ پاڪستان ۾ وفاقي سياست جي اهميت ، تواريخي پسمنظر ۽ هن  ملڪ جي مستقبل جو هڪ جامع احاطو ڪيل آهي.هي مختلف موضوعن جي لحاظ کان پندرنهن بابن ۾ ورهايل آهي-ڪتاب جي سرورق مان پڌرو آهي ته پاڪستان جو مستقبل وفاقي طرز حڪومت ۾ آهي. ان لاءِ اينڪتا کان ايڪتا سوچ ۽ فڪر جي طرفدار ۽ پاسخاطري ڪرڻ لازم آهي. هن ڪتاب جو  بنيادي نڪتو آهي ته مرڪز پرستي جي سياست ۽ ڪار وهنوار هن ملڪ لاءِ ڪنهن به حالت ۾ سود مند نه آهن-ان  ڪري مرڪز پرستي جي لوهي چنبي کي ڍرو ڪري اقتدار جي ونڊ ورڇ ۽ هيٺين سطح تائين خود مختياري جي اصولن جي پوئواري ڪرڻ ۾ پنهنجو روشن مستقبل سانڀيل آهي،.- پر هن ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ ( سول ۽ فوجي) اختيارن جي ڀاڱي ڀائيواري جي اصولن خلاف نفسياتي طور ڪهڙي روش ۽ راءِ رکي ٿي ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو“ مان هڪ دوست جي گهر ۾ ورانڊي ۾ ويهي ٽي وي ناٽڪ ڏسي رهيو هئس ته مرڪزي سرڪار جي هڪ گڙنگ ڪاموري جو ڇرڪائيندڙ آواز گونجيو، سڀئي صوبا نااهل آهن، ۽ زور ڏيندي چوڻ لڳو ته اختيارن جي ونڊ ورڇ جي نالي ۾ ڳڙ ڳڙ ڌاڻي ٺاهي وئي آهي (ص9)

وفاقي سرشتي جي معنيٰ ۽ مفهوم بابت ڄاڻائي ٿو ته اهڙو ٺاهه پنهنجي سٽاءُ بيهڪ ۽ عمل ۾ گوناگونيت/ گهڻ پاسائون  هجڻ جو اظهار هجي پر ان جو سنگم ايڪتا (Unity) ڏانهن وٺي وڃي. ان کي مجموعي صورتحال کي اقتدار جي عدم مرڪزيت اداراسازي ۽ ماڻهن جي ڀلائي ۽ اقتصادي سرشتي جو لاڀائتو ڪارج بڻجي سگهجي ٿو. انهي فيڊرلزم جي معنيٰ ۽ مفهوم کي وڌيڪ نشانبرڪرڻ لاءِ ڪامريڊ  مائوزيتنگ جي لکڻين مان حوالي طور ليکڪ هڪ ڪهاڻي جو ذڪر ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ ماءُ بيمار ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پٽ کي باغ ۽ گلن ۽ ٻوٽن جي سارسنڀال لهڻ جو تاڪيد ڪري ٿي.پر ماءُ جيئن ئي صحت مند ٿي باغ ۾ پسارڪرڻ اچي ٿي ته گلن ۽ ٻوٽن کي ڪومايل ڏسي وسوڙجي پوي ٿي، ۽ پٽ کي سمجهاڻي ڏئي ٿي ته پرگهور لهڻ جو مقصد ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ نه پر پاڙن جي سار سنڀال لهڻ آهي .اهڙي ريت هڪ آئيني ۽ ڪاروهنوار لاءِ وفاقي سرشتو ئي هڪ حقيقي جمهوري سياسي ڪلچر جي واڌ ۽ ويجهه ۾ هٿ ونڊائي ٿو. مختلف رايا ۽ سوچون ڪنهن نڪتي تي سهمت ٿي ايڪتا ۽ اتحاد لاءِ يڪجا ٿين ٿيون. ان لاءِ في الحال جمهوريت ئي هڪ لاڀائتو عمل آهي. ڇو ته اينڪتا ئي قومي ايڪتالاءِ اهم وسيلو ثابت ٿي وفاقيت جي ڀاڱي ڀائيوار سوچ کي سگهارو ڪري ٿي. اهڙي ريت وفاقي سرشتي جي اوسر ۽ تواريخي پسمنظر جو اپٽار ڪندي يورپ ۽ ايشيا تائين جائزو وٺندي لکي ٿو:

“ وفاقيت بنيادي طور سماجي سرمائي کي اڀرڻ ۾ هٿي ڏيندي آهي ۽ اقتدار ۽ اختيارن جي مَد ۾ قومي رياستن جي وچ ۾ ونڊ ورڇ تي زور ڏيندي رهي ٿي”(ص18)  مطلب ته هڪٻئي سان ڀاڱي ڀائيواري ڪرڻ ئي وفاقيت جو روح آهي.

رضا، جڏهن وفاقيت جي اپکنڊ جو سياسي ۽ سماجي ڇيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ته اهو سمورو سٽاءُ تپرس ۾ وجهندڙ  ۽ ڪنهن حد تائين دليل ۽ منطق جي روشني ۾ ڳالهه ڪرڻ جي ابتڙ رومانوي ۽ قياس آرائي تي ٻڌل لڳي ٿو. اهو هئين ته پاڻ اپکنڊ ۾ ردوبدل جو جائزو 1857ع جي جنگ آزادي کان ورتو اٿائين ۽ ڄاڻائي ٿو ته اها جنگ سياسي ۽ اقتصادي محرومين  خلاف رد عمل هو جيڪو پنهنجي منزل ماڻي نه سگهيو. انهي پٽار سان ڪو به اختلاف ڪري نه ٿو سگهي پر ان کان پوءِ  ته “ سرسيد احمد خان هڪ نئين تجربي ۽ سوچ جي اصطلاحن ۽ سڌارن ڏانهن پيش رفت ڪئي ”( ص21)

ان جي ابتڙ تواريخ ڏانهن نظر ڊوڙايون ٿا ته خبرپوي ٿي ته سر سيد احمد خان ته 1851ع جي جنگ آزادي کي  سرڪار خلاف بغاوت پڌرو ڪيو هو. ان ڏس ۾“ اسباب بغاوت هند”جهڙو مشهور ڪتاب لکي انگريزن جي طرفداري ڪئي هئي. ان کان اڳڀرو ته سرسيد ، اپکنڊ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري عمل جي مخالفت ڪئي هئي. ان لاءِ سندس دليل هو ته مذهب جي بنياد تي هڪ اڪثريت پنهنجي تعداد کي طاقت جي بنياد تي ٻي اقليت تي حڪمراني ڪندي. جيتوڻيڪ سر سيد جي هڪ اصلاح پسند جي حوالي سان جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي . هو سماج سڌارڪ جي حيثيت ۾ تمام دليري ۽ همت سان چئي ٿو:

“ مذهب کي زندگي جي هر ڪنهن مسئلي ۽ مونجهه تي حَاوي ڪرڻ، سمجهڻ تهذيب ۽ شائستگي خلاف آهي” (مقالات سرسيد جلد5،صفحو51) اهڙي ريت اپکنڊ ۾ ابتدائي سياسي، آئيني،سڌرارن جو جائزو ترتيبوار هيٺين ريت ڪيو آهي.

انڊين ڪائونسل ائڪٽ 858ع ، منٽومارلي سڌارا 1909ع ،مسلم ليگ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جو 1916ع تي لکنو ۾ گڏيل اجلاس ۽ لکنو معاهدو وجود ۾ اچڻ، مانٽيگو-چيلمسفورڊ سڌارا 1909ع، سنڌ جي بمبئي کان آزادي جو مطالبو 1972ع ، نهرو رپورٽ 1928ع جنهن مطابق وحداني طرز حڪومت جو قيام ۽ هڪ فارمولي تحت مرڪز کي ٽي کاتا يعني پرڏيهي معاملا، بچاءُ ۽ فوج جا کاتا ڏيڻ ۽ هڪ فارمولي تحت مرڪز کي خرچ پکو ڏيڻ، جناح رپورٽ 1929ع جيڪا 14 نُڪتن تي مشتمل هئي جنهن ۾ سڀ کان اهم نُڪتو هو ته هڪ وفاقي سرشتو ئي هندستان لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو. انڊيا ائڪٽ 1935ع لاهور ٺهراءُ 23/24 مارچ 1940ع 3 جون 1947ع تي برطانوي سرڪار ورهاڱي جو منصوبو منظور ڪيو.ان منصوبي ۾ رياستن کي بشمول رياست قلات/بلوچستان کي اختيار ڏنو ويو ته ٻن آزاد ملڪن يعني هندستان ۽ پاڪستان ملڪن ۾ شامل ٿين يا وري آزاد رهن. ايئن تاج  برطانيا جو انڊيا تي اقتدار جو خاتمو 15 اگسٽ 1947ع تي ٿيو.

پاڪستان  جي معرض وجود ۾ اچڻ کان پوءِ “ هڪ آزاد رياست جي حيثيت ۾ مليل ڪمزور سياسي سرشتو، هڪ غير موثر انتظامي سرشتو ۽ هندستان سان اڻبڻت ورثي طور مليا ” (ص35) پر انهي مٿين صورتحال سان ڪنهن حد تائين سهمت ٿيندي جيڪڏهن اڳڀرو ڏسجي ٿو ته آزاد پاڪستان جي حڪمرانن ته اٿندي ئي ملڪ ۾ هڪ وفاقي طرز حڪومت جي سرشتي کي سگهارو ڪرڻ جي برعڪس ۽ ڀاڱي ڀائيوار وحدتن جي حقن کي تسليم ڪرڻ جي ابتڙ وحداني طرز حڪمراني تي زور ڏنو جنهن ۾ بنگالين جي اڪثريت کان انڪار، اردو کي زور زبردستي سان قومي زبان طور مڙهڻ ، ڪراچي کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪري مرڪز جي تحويل ۾ ڏئي آيل پناهگيرن لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ،بلوچستان تي فوج ڪشي ڪري قبضو ڪرڻ ، خيبرپختونخواه ۾ هٿرادو ريفرنڊم وسيلي چونڊيل سرڪار کي برطرف ۽ پنجاب ۾ خضر حيات سرڪار تي خوف ۽ڊپ جي تلوار جو لڙڪيل رهڻ . انهن سڀني ڪاررواين جي اڻ لاڳاپيل ڇنڊ ڇاڻ ڪنداسون ته 1928ع جي نهرو رپورٽ ۾ وحداني طرز حڪومت جي رٿا خلاف مسلم ليگ آواز اٿاريو هو اُها ساڳي مسلم ليگ مورڳو گول ڦيراٽي ڏئي وحداني طرز جو آمراڻو سرشتو قائم ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهي هئي. ليکڪ انهي عمل جي نشاندهي اڻ سڌي طرح ڪندي چوي ٿو ته هندستان جي تڙ تڪڙ ۾ ورهاست ۾ علائقائي سڃاڻپ کان ڪن لاٽار ڪرڻ ۽ منجهيل سياسي وايو منڊل پڻ هئا. ان ۾ سنڌ جي صدين کان جداگانه منفرد حيثيت  ٻولي ۽ ڪلچر، بلوچستان ۾ بک  ۽ بي روزگاري جا مسئلا ۽ مونجهارا ، پختونخواه جو منفرد ۽ جداگانه سياسي ۽ قبائلي سرشتو يچئي سگهجن ٿا.انهي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺندي لکي ٿو“ هڪ صوبو پنجاب ئي هو جيڪو جيئن برطانوي قبضي هيٺ آيو ته ان ۾ ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ انتظامي ۽ تعليمي سرشتي جي اڏاوت پڻ ڪئي وئي” (ص 35) پر اڳتي هلي رضا مورڳو حيران ۾ ته ڪوڙي ۽ ڪساري سچائي بابت لکي ٿو“ جڏهن ٻه آزاد يونٽ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان وجود ۾ آيا ته لساني گروهن ۽ ننڍڙين جائين جا مسئلا به پٺي ڀر اڇلايا ويا.( 35) رضا هيل تائين ادارن جي اڻ هوند ۽ انتقامي سرشتي جي ڪمزور حيثيت جي نتيجي ۾ فيڊرل رياست جي نه هئڻ يا سگهارو نه هئڻ ڄاڻايو آهي. پر ڏٺو وڃي ته لائق ليکڪ پاڻ به ادارن جي مضبوطي کان وڌيڪ شخصيت جي ڇانوري کي حاوي ڄاڻايو آهي۽ زباني طور ادارن جي اڻ هوند ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ان جو مثال سندس ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن روش جنهن ۾ ذوالفقارڀٽو کي 1970ع جي اٿل پٿل جو واحد مهندار ۽ ون يونٽ خلاف جدوجهد جو مکيه عنصر ڄاڻا يو آهي. پر ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ صوبائي خودمختياري لاءِ جدوجهد ۾ نيشنل عوامي پارٽي ، عوامي ليگ ، ۽ ٻيون پارٽيون وڌيڪ سرگرم هيون. ان ڪري اها هڪ طرفي ڳالهه ڪرڻ بذات خود ادارن جي نفي چئي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ذوالفقار علي ڀٽو تواريخ جي اٿل پٿل کان واقف ۽ 1973ع جي آئين جو خالق هو. پر هڪ سياست ڪار طور ذوالفقارڀٽو جي غلطين جي پڌرائي ڪرڻ ۾ ڪوبه هرج نه سمجهڻ گهرجي.انهي سلسلي کي ڳنڍيندي بينظير ڀٽو جي آخري لکڻي “سرچاءُ اسلام ، جمهوريت ۽ مغرب” جو به ذڪر ڪيو آهي. هونئن اپکنڊ جي سياست جي ڪاروهنوار ۾ ٿورو به ليئو پائي ڏسبو ته مهاتما گانڌي کان وٺي خان عبدالغفار ۽ جي ايم سيد تائين جن به شخصيتن پنهنجي غلطين کي مڃيو آهي يا سندن ساٿين نشاندهي ڪئي آهي ان مان نئين سر رٿابندي ڪرڻ ۽ پيش رفت ۾ مدد حاصل ٿي آهي.

ليکڪ سنڌوماٿري جي صوفي روايتن جو جائزو پڻ ورتو آهي پر ان جو ڳوڙهي نموني اڀياس ۽ تصوف جا سياسي ۽ سماجي وايومنڊل تي ڪهڙا اثر مرتب ٿين ٿا ان کان پاڻ کي پاسيرو رکيو آهي ۽ رڳو انهن سٽن تي دنگ ڪري ٿو .صوفي روايتون پاڪستان جي ماڻهن ۾ ويساهه طور ايترو ته سانڀيل آهن جهڙي ريت پاڻي مان رنگ کي جدا ڪرڻ ناممڪن آهي .ان ڪري وفاقيت ۾ به محض ويساهه ڪرڻ نه آهي پر ان تي عمل ڪرڻ سان ئي لاڀ حاصل ٿي سگهي ٿو. هتي رضا هڪ ٺهڪندڙ ۽ وقتائتي ڳالهه ڪري ٿو ته صوبن ڏانهن  ڪجهه کاتن جي منتقلي جو نالو صوبائي خودمختياري نه آهي –پر ننڍن صوبن خاص طور سنڌ، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان کي مڪمل خودمختياري ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجين پاليسين ۽ طور طريقن کي ٺاهڻ ۾ بااختيار هجن.ڇو ته ملڪ جو سڀ کان ڳنڀير مسئلو بيروزگاري آهي ۽ ان کي نبيرڻ کان سواءِ وفاقي سرشتو لاڀائتو نه ٿي سگهندو. ان لاءِ اسان کي هڪ ڊيموڪريٽڪ ڪلچرل انقلاب جي ضرورت آهي.

هونئن جيتري قدر فيڊرل سرشتي جي سگهاري هئڻ جو واسطو آهي ته زباني عمل ڪرڻ سان ڪو به اثرائتو نتيجو حاصل ڪو نه ٿيندو. ان ڪري ليکڪ ڄاڻائي ٿو ته مالياتي وفاقيت جو هئڻ لازمي آهي. ان حوالي سان لکي ٿو ته “ مالياتي وفاقيت قائم ڪرڻ سان وفاقي وحدتون پنهنجن گهرجن مطابق رٿابندي ڪرڻ ۾ مڪمل طور پاڻ ڀريون ۽ آزاد هونديون ۽ صوبا پنهنجن اختيارن کي استعمال ڪري سگهندا”(ص45 ) ۽ ناڻي جي انهي ونڊ ورڇ جي عمل کي هيٺئين سماج تائين وٺي وڃڻ ۾ ڪارائتا نتيجا حاصل ٿي سگهندا.

جيتري قدر 1973ع جي آئين جو هڪ چونڊيل اسيمبلي مان اڪثريت راِءِ سان پاس ٿيڻ جو تعلق آهي ته ان کي هڪ تواريخي واقعو ڄاڻايو ويو آهي- پر ساڳي وقت ان جي پسمنظر 1935ع جي انڊيا ايڪٽ 1956ع جو آئين ۽ 1962ع جو اونهي نموني جائزو ورتو ويو آهي ۽ 73ع جي آئين کي هڪ وفاقي طرز حڪومت جو دستاويز ليکي ٿو.-ان کان سواءِ وفاقيت جي دائري ۾ حضرت محمد صلعم جي ايامڪاري ۾ ميثاق مدينه کي هڪ اعليٰ ۽ اتم مثال طور پيش ڪيو  آهي.ميثاق مدينه جو تفصيلي جائزو وٺندي ان دور ۾ هڪ سيڪيولر رياست جي نشاندهي ڪندي ان مان هيٺيون سٽون ڏنيون آهن.“ اهي سڀئي گروهه (مسلمان ، يهودي، عيسائي ۽ ٻيا غير مسلم عرب) عهد ڪن ٿا ته گڏجي امن  سان رهندا ۽ گڏيل صلاح سان وهنوار هلايو ويندو.”(ص 71) ۽ جيستائين مديني جو جديد رياست “ ميثاق مدينه ” تي عمل ڪندي رهي ته خوشحالي ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن رهي –پر ان جي ابتڙ سياسي ڪاروهنوار بادشاهه ۽ آمريت جي اصولن سان لاڳاپيو ويو ته ان سامراجيت جي شڪل اختيار ڪئي. ان جو مکيه ڪارڻ هيو ته ميثاق مدينه جيڪو گڏيل ۽ اتفاق راءِ سان عرب جي مختلف عقيدا ۽ ويچار رکندڙن جي وچ۾ ۽ آئين هو ان جي بڃڪڙي ڪئي وئي ته مورڳو اسلام جو مثبت ۽ سيڪيولر ڪردار جهيڻو ٿي ويو.اهڙي ريت 73 جو آئين جنهن جو پڻ بنياد وفاقي ۽ شامل وحدتن جي رضاڪاراڻه ڀاڱي ڀائيواري تي دارومدار رکي ٿو. ان کي سولين ۽ غير سولين پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق فقيرن جي چتين لڳل ٽوپي جيان بڻائي ڇڏيو . رضا رباني سڀني سياسي ڌرين جي جيڪي اقتدار ۾ آهن، اقتدار کان ٻاهر آهن ۽ ڪي ڀائيواري ته پارليامينٽ ۾ نمائندگي به ڪو نه ٿيون رکن.انهن سڀني جي سهڪار سان اتفاق راءِ سان ارڙهين ترميم آڻي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو جنهن کي پاڻ مختصر لفظن ۾ آئين جي بحالي چوي ٿو.پر بنيادي طور هڪ نڪتي ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته ماضي ۾ ذوالفقار رعلي ڀٽو (1979) ميرغوث بخش بزنجو (1989) خان عبدالغفار خان ۽ بينظير ڀٽو ملڪ کي وفاقي طرز جي سوچ سمجهه ڏيڻ ۽ عمل پيرا ٿيڻ تي مستقبل مزاجي جو مظاهرو نه ڪن ها ته 73 جو آئين ڳوليو به نه لڀي ها-۽ سچ پچ ته ارڙهين ترميم کي تواريخ ۾ هڪ حيثيت حاصل ٿيندي حاصل مطلب ته ڪجهه ڪچاين ۽ ڦڪاين هوندي به رضا رباني جي محنت ۽ پورهئي کي نظر اندر ڪري نه ٿو سگهجي ته 18- هين ترميم جي وسيلي مظبو ، سگهاري ۽ مرڪز اسٽيبلشمينٽ جو اثر جو دائرو ختم نه پر محدود ٿيو آهي- ۽ اسان وٽ گهڻي ڀاڱي سيکڙاٽ سياسي ليڊر وفاقي سياست جو مطلب مرڪزپرستي چوندا آهن. انهن لاءِ به سندن علم ۽ شعور ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ضروري آهي.

هن ڪتاب ۾ ترڪي ٻوليءَ جو ڪتب آندل پهاڪو هتي ڏيڻ وقتائتو سمجها ٿو.

(No Matter How For You Have Gone On The Wrong Road Trun Back) ڪا ڳالهه ڪانهي اوهان ڪيترو به غلط رستي تي اڳتي وڌي ويا آهيو پر موٽ کائي سگهو ٿا.

aman-lrk@yahoo .coms

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو