Home / افيئر / پ پ ذوالفقار آباد ڇوپئي ٺاهي ؟ آمريڪا بهادر ۽ خطي جي گريٽ گيم
above article banner

پ پ ذوالفقار آباد ڇوپئي ٺاهي ؟ آمريڪا بهادر ۽ خطي جي گريٽ گيم

گذريل ڏهن سالن کان هي ملڪ دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي پر ان کان به گهڻو اڳ اهو پلان ٿي چڪو هو ته هن جي سامونڊي پٽي تي ڪيئن قبضو ڪيو ويندو، جيئن دنيا جي سياست ۽ طاقت جو محور يورپ ناهي رهيو  ته لازمي طور دنيا جي طاقتور ترين ملڪ کي پنهنجي سگهه کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪو ته خطو ضرور چونڊڻو هو .ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ دنيا جا سڀ ملڪ نه چاهيندي به آمريڪا بهادر جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺا- دنيا جا طاقتورترين ملڪ اڄ به هزارها ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به آمريڪا جي ايندڙ وقت لاءِ ترتيب ڏنل پلاننگ کي OVER TAKE ڪرڻ ۾ اڃاتائين سوڀارا ناهن ٿي سگهيا.هو جيڪو پلان ڪري انهي کي منطقي انجام تائين ضرور پهچائي ٿو. هي اُنهي ڪاسائي جيان آهي جنهن جي ڇري هيٺان هر شي صرف ڪُسڻ لاءِ ئي آندي وڃي ٿي. هو پنهنجن مفادن خاطر ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ۽ جيئن ته هن ملڪ جي نه صرف عوام بلڪه حڪمران به آمريڪا جي نظرِ ڪرم جاگهرجائو رهيا آهن. سو اهي صاحب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به انتها تي وڃي سگهن ٿا. غلامي جو دور پهرين جنگ عظيم کان اڳ به هيو ته اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ضرور موجود آهي. صرف غلامي ۾ رکڻ جا طريقا خوبصورتي سان تبديل ڪيا ويا آهن.

29 آڪٽوبر 2010ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ذوالفقارآباد منصوبي جي بل اتفاق راءِ سان قانوني شڪل اختيار ڪئي. 8 جون 2011ع تي وري  انهي ۾ ترميم به اتفاق راءِ سان ڪئي وئي . اتفاق راءِ مان مُراد پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ آهي. هي ئي اُهي ٻه سياسي جماعتون آهن جن جا ذوالفقار آباد سان وسيع مفاد ڳنڍيل آهن. ٻنهي ڌرين جا چونڊيل نمائندا هن منصوبي جا فائدا ڳڻائيندي ٿڪجن ئي نٿا.پيپلز پارٽي وارا دوست ته رات پيٽ ۾ اهو ڪم ڪامياب ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿا، ۽ اُهي اهو به سمجهن ٿا ته هو سنڌي قوم جا چونڊيل نمائندا آهن، انهي ڪري هو جيڪو به ڪندا اهو سڄي سنڌ کي قبول هوندو ۽ اهي اهو سمجهڻ ۾ ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهن، هو نئين هنن جا اڪثر ووٽر ته چاچا سومار سومري جهڙ اآهن. چاچا سومار چوي ٿو ته “ ابا زرداري بادشاهه آهي، جيڪو ڪندو هوندو ٺيڪ ئي ڪندو هوندو- بادشاهه مُلڪ جو عقل مند ترين ماڻهو ئي ٿيندوآهي”

حڪومتي ڌر جا اڳواڻ ذوالفقار آباد جي مخالفت ڪندڙ ن کي نادان چون ٿا. بقول تاج حيدر جي ته پيپلز پارٽي کان وڏيڪ سنڌ جو خيرخواهه ڪير ٿي سگهي ٿو ؟ ذوالفقار مرزا جو متحده جو راز فاش ڪرڻ ۽ مهاجر صوبي جو نعرو هڻڻ ، ڪراچي جون بدترين حالتون ۽ ذوالفقار آباد جي تڪميل لاءِ غير فائدي مند نٿيون بڻجي سگهن. هي سنڌ آهي نه ڪي خيبرپتختون خواهه  يا بلوچستان جتي جا پهاڙي سلسلا ڪنهن وڏي مزاحمتي تحريڪ لاءِ قدرتي طور تي ڍال ثابت ٿين. گوادر جيان هن منصوبي جي شروعات به چيني ڀائرن کان ڪرائي پئي وڃي جيئن شڪ يقين ۾ نه بدلجي پوي. شروعات ۾ جيڪي فرد يا ڌريون هن شهر جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻبا يا انهن کي خريد ڪرڻ جون  ڪوششون  ڪيون وينديون يا رستي تان هٽائي به سگهجي ٿو. سنڌي قوم نفسياتي،سياسي سماجي ۽ معاشي طور تاريخ جي انتهائي بدترين حالتن مان گذري  رهي آهي ۽ اهڙين حالتن ۾ هڪ کان وڌيڪ محاذن تي وڙهڻ نه صرف مشڪل آهي بلڪه ناممڪن به ٿي سگهي ٿو. ڪراچي کي بچائڻ گهرجي يا مهاجر صوبي ۽ ذوالفقارآباد لاءِ قوم کي متحرڪ ڪجي؟ معاشيات ۽ تعليم کي هٿي ڏجي يا حالتن کي انهي حال ۾ رهڻ ڏجي؟ روز جلسا، جلوس، مظاهرا، هڙتالون ۽ مارچ ڪرائجن ۽ قوم کي جسماني ۽ ذهني طور ٿڪائجي ؟

هي جنگ آهي، جيڪا انهن  نام نهاد گهر ڀاتين سان وڙهي پئي وڃي،جيڪي بين الااقوامي قوتن جا پڪا ساٿاري آهن. حمايت ڪندڙ ۽ منصوبي کي پايئه تڪميل تائين پهچائيندڙ هٿ انتهائي طاقتور آهن ۽ مخالفت ڪندڙ ڪمزور. حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کي به قائل نه ڪري سگهي آهي، ته هي نئون شهر سنڌ جي قسمت ڪيئن بدلائي سگهي ٿو  ۽ هي ئي اهو طبقو  آهي جيڪو هنن جي راهه جي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. سنڌ ترقي ڪندي ۽ بيروزگاري ختم ٿيندي جا سڻڀا نعرا ڪافي ناهن. ڇا هي سادا ماڻهو توهان کي ايترا بيوقوف ٿا لڳن جو اُهي اِهو به نه سمجهي سگهن  ته جيڪا حڪومت 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏن کان پوءِ ٿيل تباهي جو ازالو ناهي ڪري سگهي  اُها هن شهر مان ڪيئن فائدو پهچائيندي؟دنيا جي هر قوم ترقي ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ڪري رهي آهي. اسان به پنهنجون حالتون تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون- پر پنهنجي تاريخي ماڳن مڪانن ۽ زمين تان بيدخلي جي صورت ۾ هرگز به نه. ڪجهه دير لاءِ اهو تسيلم به ڪجي ته هي شهر سنڌي قوم جي قسمت ئي تبديل ڪري ڇڏيندو ته انهي جي پرچار ڪندڙن  تي ڪهڙو ڪافر ڀروسو ڪندو؟ هنن گذريل چئن سالن ۾ اهڙا ڪهڙا قدم کنيا آهن جنهن جي آڌار تي هو سينو تاڻي دعويٰ ڪري سگهن ته سنڌ جي مفادن ۾ هو اڳرا رهيا آهن.

مشرف کان گوادر جو ڪم ورتو ويو ۽ زرداري کان ذوالفقار آباد جو ورتو پيو  وڃي.گوادر جي مخالفت ڪندڙن کي جبلن تي رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. گوادر جي پسگردائي  ۾ وسندڙ آبادي کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي-جڏهن ته ڪراچي جون تبديل ٿيندڙ حالتون به انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ٿيون ڪن ته واهه ۽ ڪا خاص وڏي رڪاوٽ ناهي، ۽ سنڌ جي مالڪي ڪندڙن کي نه ختم ٿيندڙ مسئلن۾ مصروف ڪيو پيو وڃي. لاقانونيت بلوچستان ۾ به آهي ته اطمينان بخش صورتحال سنڌ ۾ به ناهي. بلوچن سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين بلوچ نوجوانن کي مجبور ڪري رهيون آهن ته هو هاڻ خودڪش حملن لاءِ تيار ٿين ۽ جيڪڏهن حالتون  بدستور ساڳيون رهيون ته اهڙا قدم به هو کڻي سگهن ٿا. جڏهن ته گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بمن جا تجربا ڪيا ويا آهن-جنهن کان بعد جيڪي گمشدگيون ٿيون آهن انهن حالتن کي گهڻوئي تبديل ڪيو آهي.

آمريڪا جي اڳيان وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ اهو  به ضروري آهي ته ذوالفقار آباد تي ڪم مخالت باوجود شروع ٿي چُڪو آهي-“ اگلي باري، ڦر زرداري” نعري ۾ انهي ڪري به جان آهي ته هي حڪومت آمريڪا جا مفاد انتهائي چالاڪي سان پورا ڪري رهي آهي. جتي  به ڪو ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته انهي جو نزلو فوج ۽ هڪ سگهاري اداري تي ڪيرايو وڃي ٿو.ڇو ته پرڏيهي پاليسي حڪومتِ وقت پاڻ وٽ ناهي رکي-زرداري حڪومت سياسي مخالفن کان وٺي –فوج ۽ ڳجهن ادارن کي آڱرين تي نچايو آهي، انهي لاءِ ذوالفقار آباد جي مخالفت ڪندڙ ڪو وڏو CHALLANGE ناهن. هڪ طرف جذباتي ڪيفيت آهي ته ٻي  طرف ذهني ۽ تاريخ ۾ دماغ هميشه سوڀارا رهيا آهن. هي نئون شهر نه بلڪه هڪ ملڪ ٺهڻ پيو وڃي جنهن جي حد گوادر کان شروع ٿئي ٿي. هن پوري سامونڊي پٽي تي هڪ کان وڌيڪ طاقتور ملڪن جي نه صرف اک آهي بلڪه اهي اهو بخوبي ڄاڻن به ٿا ته ايندڙ سالن ۾ هن تي جنهن جو به قبضو (مڪمل) هوندو aهو ئي پوري ايشيا تي حڪمراني ڪري سگهي ٿو. هن ڊوڙ ۾ آمريڪا، روس ۽ چين صف اول ۾ آهن. هن منصوبي جي تڪميل کان پوءِ پاڪستان کي LAND LOCK ملڪ ۾ تبديل ڪرڻ جهڙو خطرناڪ ارادو به پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي سگهي ٿو. ۽ انهي جو سڀ ;ان وڏو نقصان سنڌ ۾ سنڌي قوم کي ئي ٿي سگهي ٿو.ڪالاباغ ڊيم کان پوءِ سڀ کان خطرناڪ ذوالفقار آباد منصوبو ئي ٿي سگهي ٿو. ڪالاباغ ڊيم صرف پنجاب جي هوڏ هئي پر سنڌ کي انهي جي مخالفت ۾ تمام وڏو وقت لڳو،. پر هي ته هڪ مڪمل شهر آهي ۽ جنهن جي حمايت ڪندڙ جماعت پيپلزپارٽي آهي-۽ انهي کي ايترو جلد ۽ سولائي سان ختم نٿو ڪري سگهجي.اطلاعن مطابق ايندڙ حڪومت به پيپلز پارٽي جي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ هي منصوبو آساني سان مڪمل ٿي سگهي ٿو. سنڌي قوم کي هن منصوبي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هي Green Game Thoery جو انتهائي هم حصو آهي. سنڌ جي پرهيل ڳڙهيل طبقي کي بنا دير اڳيان اچڻ گهرجي ۽ هن قاتل منصوبي جي خلاف راءِ عام جوڙڻ گهرجي. جذباتي ٿيڻ سان حالتون اسان جي حق ۾ نه رهنديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو