Home / سياسي افيئر / پ پ کي پاڻ شهادت جو شوق
above article banner

پ پ کي پاڻ شهادت جو شوق

مسلم ليگ (ن) اندر اياز امير جي آواز جو ساٿ شايد ته ڪو ٻيو نه ڏئي سگهندو هوندو، هڪ ته ميان ڀائرن ۾ برداشت جي کوٽ آهي ۽ ٻيو ته باقي سڀ صوم صلوات جا پابند آهن ۽ پاڪستان جي ساڄي سوچ تائين محدود آهن، صرف اياز امير آهي جيڪو “مڌ ماٽي” جو طلبگار به رهيو آهي ۽ پارٽي قيادت جي هدايت باوجود سياست ۽ تاريخ کي پڙهڻ ۽ جمهوري انداز سان سوچڻ توڙي لکڻ جي ڪِرِت کان به مُڙي نه ٿو. تازو ئي اياز امير لکيو آهي ته “مسلم ليگ (ن) پاران عدليه جي انڌي حمايت سٺو سنوڻ ناهي”. حڪومتي اتحاد ۾ ته ايم ڪيو ايم، اي اين پي، مسلم ليگ (فنڪشنل) ۽ ٻيا به ڪي ووٽ وٺي آيل شامل آهن پر سواءِ پيپلزپارٽيءَ جي ٻي ڪنهن پارٽيءَ جي ته مملڪتي وزير تي به، نه ڪرپشن جي الزام جو لڳي ٿو نه ئي اهي سپريم ڪورٽ ۾ سڏجن ٿا. آءِ جي آَءِ ٺهڻ وقت ورهايل پيسن واري ڪرپشن 10 کان وڌيڪ سال گذرڻ باوجود طاقتور ترين عدليه کان الائي ڇو بچندي رهي ٿي، توڙي جو هيءَ عدليه بس ڪرپشن کي ته ڪنهن به صورت برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ريلوي ۾ ڪرپشن جيڪا ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي، يا پرويز مشرف جي دور ۾ اربين روپين جي مني لانڊرنگ ۽ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ گهپلا ٿيا. هڪ وڏو گهپلو لاهور ۾ ريلوي جي سوين ايڪڙ ايراضيءَ تي رائل پام گولف ڪلب نالي امير ماڻهن جي آماجگاهه اڏيو ويو ان تي ته ڪورٽ سڳوريءَ جو سوئوموٽو به تڪليف ۾ نه ٿو اچي. هن حڪومت کي ئي ڪرپٽ ثابت ڪري ڇو ٿا گهر موڪلڻ چاهن؟اياز امير به اهو ئي چيو ته “چار سال گذري ويا آهن، جمهوريت کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن ته ڇا ٿيندو، زرداريءَ جو بحيثيت صدر مدو پورو ٿيڻ وارو آهي، ان خلاف ٽرائل پوءِ به هلي سگهي ٿو.” اسان جيڪي پيپلزپارٽيءَ جا حامي ناهيون، عدليه جي هڪ طرفي روئي سبب هڪ ته پيپلزپارٽيءَ جي مظلوميت جو شڪار ٿي رهيا آهيون ۽ ٻيو ته ملڪ ٻيهر انتقامي سياست طرف وڌڻ لڳو آهي. نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف نيب پراڻا ڪيس کولڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ۽ حڪومت مفاهمت واري پاليسي برقرار رکڻ توڙي عدليه سان ٽڪراءُ اختيار ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ وارا بيان ڏيڻ باوجود ٻِٽي شهريت وارن جي بچاءَ توڙي توهين عدالت جي ڏس ۾ قانونسازي ڪري محاذ آرائي شروع ڪري ڇڏي آهي. اها محاذ آرائي جمهوريت لاءِ خساروکڻي ايندي ٻيو ته سڀ ڪجهه ساڳيو ئي رهندو، نظريه ضرورت، پي سي او، عدالت ! جج بس آئين متان معطل ٿي پوي.


هڪ سگهارو خيال هميشهه گردش ۾ رهيو آهي ته موجوده حڪومت آمريڪين جي خواهش تحت قائم ٿي. آمريڪين کي هن حڪومت مان وڏيون اميدون هيون ته هي سندن مفادن جي نگهباني ۽ پورائي لاءِ وڏا ڪم ڪندي پر آمريڪي گذريل ڳچ عرصي کان جيالن جي حڪومت هلائڻ واري انداز مان مايوس ٿي چڪا آهن. (جيالا ان کي ان انداز سان به پيش ڪري سگهن ٿا ته هنن ٻاهرين ڊڪٽيشن تي حڪومت نه هلائي) هاڻي ان ڳالهه کي ورجائي آمريڪي واضح ڪندا رهيا آهن ته، هيءَ حڪومت پاڪستانين لاءِ مٿي جو سور آهي. سبب اهو آهي ته حڪومت اهي معاملا جيڪي فوج جي اختيار يا ڪنٽرول ۾ آهن اهي پنهنجي وَسِ نه ڪري سگهي نه ئي پاڪستان ۾ گورننس جي مسئلي کي بهتر ڪري سگهي آهي. آمريڪي سمجهن ٿا پاڪستان ۾ پارليامينٽ جو ڪردار رٻڙ اسٽيمپ وارو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جمهوريت جي نالي کي استعمال ڪري سڀ فيصلا پاڻ ڪري رهي آهي ۽ آمريڪين لاءِ ڪي به فيصلا ڪرڻ ۾ دير ڪري اهو تاثر ڏئي ٿي ته سياستدان يا پارليامينٽ جيستائين متفق نه ٿا ٿين تيستائين نيٽو سپلاءِ کولڻ جهڙو معاملو به 6 مهينا کائي وڃي ٿو. آمريڪين کي سڀ پتو آهي ته پاڪستان ۾ ڪير اصل طاقت وارو آهي. هن حڪومت طرفان آءِ ايس آءِ کي سولين ڪنٽرول ۾ وٺڻ واري ناڪامي، پارليامينٽ جي ڀيٽ ۾ عدليه جي طاقتور هجڻ جو شاندار مثال جڏهن گيلانيءَ کي نااهل ڪري گهر موڪليو ويو. اهو سڀ دنيا ۾ ان راءِ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به هو ته پاڪستان ۾ فوج ئي اصل مسئلن جو حل آهي. ان ڪري آمريڪا ٻيهر چاهڻ لڳو آهي ته پاڪستان ۾ فوج ئي ٻيهر اقتدار ۾ اچي ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ چين واري مسئلي، افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ آمريڪا جي مستقبل جي مفادن واريون ڪي رٿائون هلي سگهن.

هن پوائنٽ کان اڳتي پاڪستان جي راوين جا قلم ساڳيو ترانو ٿا ڳائين، ته شڪر الحمدالله پاڪستان جي موجوده عسڪري قيادت باشعور، پڙهي لکي ۽ جمهوريت پسند آهي ان ڪري بوٽن جو آواز نه ايندو. پر اهو به لکيو وڃي ٿو ته عسڪري قيادت خوش ناهي، مطمئن ناهي، کين ملڪ جو اونو آهي ۽ هو پريشانيءَ ۾ آهن ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو يا جيڪو ٿيڻ وارو آهي ان سان ملڪ جا بنياد لڏي ويندا. تڏهن ئي ته اياز امير اڻ سڌيءَ ريت منصفن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي دوستيءَ جي ويجهڙائيءَ تي سِڌو تبصرو ڪرڻ بجاءِ چيو ته “مسلم ليگ (ن) جي مفاد ۾ اهو ئي آهي ته هيءَ حڪومت مدو پورو ڪري ۽ ايندڙ چونڊون بنا دير ٿين ته مسلم ليگ عوام جي ووٽن سان اقتدار ماڻي سگهي ٿي پر چونڊن ۾ دير ٿيڻ جو سڀ کان وڏو نقصان به مسلم ليگ (ن) کي ئي ٿيندو”

اندازا آهن ته پيپلزپارٽي به چاهي ٿي ته سندن حڪومت زبردستي ختم ڪئي وڃي ۽ ڪا قومي حڪومت يا نگران حڪومت هڪ سال تائين ملڪ جو نظام هلائي ته جيئن کين گناهه ڌوئڻ، بيگناهي ثابت ڪرڻ ۽ عوام وٽان همدرديون گڏ ڪرڻ جو ٽائيم ملي وڃي. هن حڪومت مان سِڌو عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ سان پيپلزپارٽيءَ کي نقصان ته ٿيندو. عدالت شايد نئين وزيراعظم راجه پرويز اشرف کي به نااهل قرار ڏئي ڇڏي اهو ان ڪري به لڳي ٿو بلوچستان جي مسنگ پرسنز جي معاملي تي وڏي سختي ڪئي پئي وڃي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته منصف صرف جهموريت مٿان نه پر دفاعي ادارن مٿان به سختي ڪري رهيا آهن. پر ويجهو ماَضي شاهد آهي ته آءِ جي آءِ وارو ڪيس يا بلوچستان کان علاوه مسنگ پرسنز جو ڪيس جڏهن به سپريم ڪورٽ ۾ هليا آهن ته ان بعد پيپلزپارٽيءَ خلاف ڪو سخت فيصلو ئي عدالت کي ڏيڻو هوندو آهي. صرف ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي بنياد تي ٻه آءِ جي هٽايا ويا. پر مسنگ پرسنز جي غائب ٿيڻ جو ذمو وجهڻ باوجود ڪنهن دفاعي اداري جي ورديءَ واري آفيسر کي ته بدلي به ناهي ڪيو ويو. جيالا چون ٿا ته عدالت اهو تاثر ڏيندي آهي ته اِهو اِدارو ٻين لاءِ به سخت آهي پر اصل سختي اسان سان ڪرڻي اٿن. پيپلزپارٽي ان خيال تحت ئي ته عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سندن خلاف اتحاد ڪري چڪيون آهن. پارليامينٽ جي بالادستيءَ وارو ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڪارڊ تحت توهين عدالت ۽ ٻٽي شهريت وارا بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آندا ويا. انهنن جو هڪ مقصد اهو به آهي جيئن اڳ لکي آيو آهيان ته پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته عدالت کي به ڪاوڙ اچي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به ته جيئن پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت کي گهر موڪلين ۽ جيالا مظلوم ٿي پون، ڇو ته آمريڪين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي روئي مان کين اهو محسوس ٿيو آهي ته اهي هاڻي جيالا حڪومت مان خوش ناهن. جڏهن ته عسڪري ڌرين جا ترجمان صحافي اهو چئي رهيا آهن ته هن حڪومت تي راتاهو نه لڳندو پر هن حڪومت کي ڪرپشن جي الزامن، سوئس حڪومت کي خط نه لکڻ، خراب گورننس جي اشوز تي خراب ڪري مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو. پوءِ نئين چيف اليڪشن ڪمشنر معرفت چونڊون ڪرائي مهارت سان عمران خان کي اڳتي ڪيو ويندو. ڪا نئين اتحادي حڪومت ٺهندي ۽ اسٽيبلشمينٽ وري نئين تجربي آڌار پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪندي. ڪجهه به ٿئي عدليه سڄي پارليامينٽ کي گهر موڪلي يا وزيراعظمن کي، ڪا نگران قومي حڪومت قائم ٿئي يا سياسي پارٽيون نئون ميثاق جمهوريت لکن، فائدوبوٽن وارن کي آهي، اتي چهرن کي ڪا به اهميت نه آهي اداري کي اهميت آهي ۽ ادارو هميشه طاقتور رهيو آهي ۽ رهندو. ٿيندو ائين آهي ته حڪومت ۾ هجڻ وقت عدليه کي پيپلزپارٽيءَ سان ويڙهايو ويندو آهي، پوءِ پيپلزپارٽي عوام ۾ وڃي چوندي ته عدليه آمرانه رويو اختيار ڪيو. ان هوءِ هوا جي بنياد تي سڀ گڏجي عدالت جو ڪردار محدود ڪندا ۽ پوءِ وري نئين راند شروع ٿي پوندي، وري ڪو نئون ولن ۽ نئون هيرو ڪڏهن آئين جي بالادستي ڪڏهن پارليامينٽ جي بالادستيءَ جي ڳالهه ڪندو ۽ کيل تماشو پيو هلندو. فائدو اصل ڌڻين کي ئي ٿيندو رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو