Home / افيئر / ٿرجا مرندڙ مور۽ روجهه، سار ڪير لهندو
above article banner

ٿرجا مرندڙ مور۽ روجهه، سار ڪير لهندو

ٻيلي ڏاها چوندا آهن تـ ڏٺي مان بـ ڏسجي ۽ اهي ئي ڏاها هڪڙي ٻي ڳالهـ بـ ڪندا آهن تـ ڪنن ٻڌي ڳالهـ کان اکين ڏٺي ڳالهـ ڪجي تـ اها بهتر آهي . سو  هي ڳچ ڏينهن کان پاڻ واري ميڊيا تي جيڪا هڻ وٺ لڳي پئي آهي سو اکين ڏٺي ڳالهـ آهي.   ميڊيا اچي ٿر جي واري وارين ڀٽن ۾ پنهنجا پکا کوڙيا آهن ۽ صحافي چوويهـ ڪلاڪ انهي تاڙ ۽ هڻ وٺ ۾ آهن  تـ ڪٿان ٿي مورن جي مرڻ جي انگ ۾ واڌاري واري خبر اچي تـ هو سڀني کان پهرين پنهنجي نيوز چئينل تي رپورٽ ڪن. سڄي ملڪ جي ميڊيا جو ڌيان هن وقت ٿر تي آهي سو اهي صحافي دوست ڪٿي ڪٿي ڪنن ٻڌي ڳالهـ ڪريو ڇڏين ٿا پوءِ جڏهن اصل ڳالهـ سامهون اچي تـ وساميو وڃن . پر پاڻ مورن تي پوءِ اينداسين ،پهرين ڏيون ٿا سڄي ٿر جي جهنگ کي اهاڙ ۽ جهنگ جي دنيا سان ٿيندڙ تعدين کي، پوءِ ٿا مورن تي اچون . هي پاڻ وارو ٿر دنيا جا ٻيا صحرا تـ پرتي رهيا پر پاڻ وري اڇڙي ٿر کان بـ گهڻو مختلف آهي مختلف وڻ ٻوٽو هتي جام آهي انهي ڪري ئي هي وري جهنگلي جيوت جي پناه آهي ، انهي ئي وڻ ٻوٽي جي ڪري ٿرپارڪر واري  ٿر ۾ جهنگلي جانور پکي پکڻ گهڻو ٿو رهي. هۡڪڙي اها ڳالهـ ٻي اها ڳالهـ تـ پارڪر کان وٺي ٿر جي ٽن پاسن کان پاڙيسري ملڪ جون سرحدون لڳن ٿيون. سو انهي ملڪ مان بـ جهنگلي جانور سرحد ٽپيو هليا ٿا اچن . اتي انهي پاڙيسري ملڪ ۾ وري جهنگلي جيوت کي مارڻ جي ايتري ڇوٽ  مليل ڪونهي جيتري پاڻ وٽ  مليل آهي . خير قانون ۾ تـ پاڻ وٽ بـ اهي سرعام جيڪو اچي اهو بندوق کڻي ٺڪاءُ ڪرائي انهي جي ڇوٽ ڪونهي پر پاڻ وٽ قانون صرف ڪتاب جي پنن تائين محدود ٿيل آهي انهي تي عمل تر جيترو بـ ٿئي ڪونـ ٿو. سو انهي قانون جو بـ ڪهڙو فائدو جنهن تي عمل نـ ڪرائي سگهجي. اهو ئي ٿر ۽ انهي جهنگ ۽ جهنگلي جيوت جي ڪري لوڻيون سمان کان وٺي نئوڪوٽ واري قلعي تائين اتر ڏکڻ ۽ اوڀر اولهـ وري مٺي ننگر پارڪر روڊ کان وٺي ويندي سرحد ۽ پارڪر تائين گيم سينچري ايريا قرار ڏنل آهي . انهي گيم سينچري ايريا ۾ قانون جا ڪتاب لکن ٿا 1972 جي سنڌ جهنگلي جيوت واري قانون موجب انهي علائقي جي ٽن ميلن تائين ڪنهن بندوق جي ٺڪاءُ ڪرڻ جي اجازت ڪونهي ،انهي علائقي ۾ نـ داخل ٿي رهي سگهجي ٿو نـ انهي علائقي ۾ ٻني ٻارو پوکي سگهجي ٿو.نـ ڪنهن وڻ ٻوٽي يا پکي پکڻ ۽ جيت جانور کي نقصان ڏئي سگهجي ٿو، ويندي توهان سائي وڻ جي ٽاري بـ انهي علائقي مان نٿا وڍي سگهو.انهي علائقي ۾ ماڻهو تـ گهوريو گهريلو جانور جي داخل ٿيڻ تي بـ انهي قانون موجب منع ٿيل آهي. اهي آهن گيم سينچري ايريا جا قانون320463 هيڪٽر زمين آهي هاڻ اوهين ٻڌايو قانون تـ اهو ٿو چئي. هاڻ انهي سڄي ايريا ۾ هڪ تـ الائي تـ ڪيترا ڳوٺ اڏيل آهن يقينن ڳوٺ اڏجڻ جي ڪري اتي آدم جا رهندڙ ٻچا انهي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندا هوندا .اتي وڻ بـ وڍجي ٿو . مال بـ چري ٿو .ٻنيون ٻارا بـ پوکجن ٿا. قانون جي ڪنهن بـ حصي جو احترام نٿو ڪيو وڃِي . انهي ايريا مان جهنگلي جيوت جو گهڻي مان گهڻو شڪار ٿئي ٿو. اتي مور جا ٻچا ۽ بيضا کڄن ٿا تتر جو شڪار ٿئي ٿو هرڻ ۽ روجهون مارجن ٿيون،تلور جي شڪار لئـ هتي جي علائقن ۾ عرب شهزادن کي وفاقي حڪومت پرمٽون ڏي ٿي،جيڪي هتي ڇهـ مهينا ڇڇي ۽ گوني ۾ شڪار لئـ خيمان هڻي ويهن ٿا.اهي ٻئي ڳوٺ گيم سينچري ايريا ۾ اچن ٿا. هاڻ جيڪي اهي عرب شڪاري شهزادا اچن ٿا انهن وٽ پرمٽ صرف تلور پکي جي شڪار جي هجي ٿي اهو بـ هڪڙو مخصوص تعداد جي، پر اهي تلور سان گڏ ٻيا شڪار بـ ڪن ٿا. انهن جي گولي جو نشانو هرڻ ۽ روجهـ بـ ٿين ٿا.انهن عرب شڪاري شهزادن لئـ اهي علائقا هنن جي اچڻ کان اڳم رک طور رکبا آهن جن لئـ هنن جا پنهنجا ٺيڪيدار بـ رکيل آهن. جيڪي هنن جي شڪار جو بندوبست ڪندا آهن. جئين ئي آڪٽوبر  نومبر کان تلور لهڻ شروع ڪندي آهي انهي کان ٽي مهينا اڳ۾ رک ڪرڻ شروع ڪندا آهن.انهي ۾ وائيلڊ لائيف جو عملو بـ هر رک تي موجود هوندو آهي. وائيلڊ لائيف وارن جوچوڻ آهي تـ اهو عملو اسان انهي لاءِ مقرر ڪندا آهيون جيئن عرب تلور سان گڏ ٻيو شڪار نـ ڪن يا مخصوص تعداد کان مٿي تلور نـ مارين پر انهي جي ابتڙ اهي ئي اسانجا وائيلڊ لائيف جا عملدار عرب شڪارين سان مليل هوندا آهن. انهن خيمن ۾ رهن ٿا ڪجهـ ذريعن جو تـ اهو بـ چوڻ آهي تـ انهن کي عرب سڳورا پگهارون بـ ڏيندا آهن.  يعني انهي ۾ مقامي عملو شڪار ڪرائڻ ۾ ملوث هوندو آهي، عربن کانپوءِ اچون ٿا اهي شڪاري جيڪي وڏا ليڊر يا بئريجي وڏيرا. اهي وڏيرا هتي گهڻو ڪري هتي جي مقامي وڏيرن، ڪامورن ۽ سياسي اڳواڻن جي دعوتن تي اچن ٿا جنهن جي هتي جي وائيلڊ لائيف عملي کي سڃي خبر هوندي آهي.گهڻو ٿر ۾ شڪار اهي ئي بئراجي وڏيرا ڪندا آهن.انهي کان پوءِ هتي جا مقامي ماڻهو پڻ شڪار ڪن ٿا هي مقامي ماڻهو هڪ تـ مور جا بيضا کڻي ڪڪڙ جي آري هيٺان رکن ٿا پوءِ اها ڪڪڙ ڦوڙيندي آهي تـ وڪرو ڪندا آهن. ٻيو اهي مور ۽ هرڻ جا ٻچا ۽ تتر  جهلي وڏي تعداد ۾  وڪرو بـ ڪندا آهن . مقامي ماڻهن ۾ گهڻا ماڻهو وري بئراج مان ايندڙ وڏيرن سان گڏ هوندا آهن بندوق مقامي ماڻهو ئي هلائيندو آهي.جنهن سان نوڙئي ڪارتوس جا ڇيرا هرڻ يا روجهـ جي ڪک ۾ لڳن ٿا.هي سڄو ڪرڻو مقامي ماڻهو جو ئي آهي.تازو هن مهيني ۾ ٽي روجهـ ٿر ۽ پارڪر ۾ ماريا ويا آهن انهن ٽنهي روجهن جي قتل جي ايف آءِ آر بـ داخل ٿيل آهي پر گرفتاري  هڪڙي روجهـ ۾ ڪجهـ ڪلاڪن لاءِ ٿي هئي پوءِ اهي شڪاري ضمانت تي آزاد ٿي ويا . اها روجهـ ڏينهن ڏٺي جو ميهياري وٽ ڀيلن ڊوڙائي ڊوڙائي ماري هئي . ۽ پوءِ اها روجهـ بندوق جي ٺڪاءُ سان ميهياري ڳوٺ جي ماڻهن جي اچڻ تي ڇڏي هليا ويا ڪن اکين ڏٺن ماڻهن جو اهو چوڻ آهي تـ اها روجهـ ڀيلن پاڻ ئي ڪهاڙي سان حلال بـ ڪئي هئي .پر ڀيل شڪارين جو چوڻ اهو آهي تـ روجهـ جي اسانجي مذهب ۾ کائڻ جي اجازت ڪونهي، اسين روجهـ کي ڳئون جي برابر سمجهون ٿا، انهي جي عبادت ڪريون ٿا. اسان اها روجهـ ڀُل ۾ ماري آهي.پر جهنگ جا ماڻهو چون ٿا تـ اها روجهـ ڀُل ۾ ماريل ناهي ڇو جو هنن شڪارين روجهـ کي ڊوڙايو هوندو، انهي ۾ روجهـ جي پير ۽ هرڻي جي پير ۾ وڏو فرق آهي، روجهـ جو پير هونئن بـ ڍڳي جي پير جهڙو آهي.پوءِ هنن روجهـ جو پير ڪيئن ڪونـ سڃاتو هوندو.پر هاڻ هن ملڪ جو قانون چوي ٿو تـ روجهـ جي قتل جي قيمت عام ڳئون جيتري آهي .پر بهرحال اهي ڀيل شڪاري هن وقت آزاد آهن.ٻي روجهـ پرکي جي ڍاڻي ۾ ماراڻي آهي اها پرکي جي ڍاڻي بارڊر کان رڳو ويهـ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. انهي ڪيس جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪولهين جون گاڏيون ڀري بـ کڻي ويا هئا تـ اوهين ٻڌايو اها روجهـ ڪنهن ماري آهي .هاڻ ڪولهي ڪٿي ٻڌائن تـ ڪنهن ماري پر جهنگ جي ماڻهن جو چوڻ آهي تـ انهي روجهـ جي قتل ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جيڪي هن ملڪ جي قانون جا ڌر ڌڻي آهن. انهي روجهـ جي قتل ۾ سلور ويگو گاڏي استعمال ٿي آهي. اتي ئي پارڪر ۾ ئي ٻي روجهـ ڪيتراسر ڳوٺ جي پاسي ۾ ماراڻي آهي انهي روجهـ جي ايف آءِ آر بـ داخل ٿيل آهي . جهنگ جا ماڻهو اهو ٿا چون تـ انهي روجهـ جي قتل ۾ اتي جي اقتداري پارٽي جي اميدوار جي پي اي  ڪاري ويگو ۾ اها روجهـ مارائي آهي جنهن جي ايف اءِ آر اڻ ڄاتل ماڻهن تي ڪٽيل آهي. ۽ انهي ٻنهي روجهن جي قتل ۾ ڪابـ گرفتاري عمل ۾ اچي ڪا نـ سگهي آهي.هاڻ اهي تـ اهي روجهن جا قتل آهن جيڪي ميڊيا جي ور چڙهي ويا. ڪيترا سر ۽ پرکي جي ڍاڻي بارڊر ايريا جا ڳوٺ آهن جتي ڪيميرا کڻي وڃڻ جي بـ منع ٿيل آهي تـ اتي بندوقون کڻي وڃڻ جي پرميشن ڪير ٿو ڏي ۽ جڏهن تـ اوستائين پهچندي وچ مان رينجرس ڪيمپن مان بـ گذرڻو پوي ٿو.جتان اڳتي هٿيار تـ گهوريو پر اوهين ڪئيميرا بـ کڻي وڃي نٿا سگهو. اهي اشارا بارڊر ايريا ۾ شڪار جا ڪنهن ڏانهن وڃن ٿا. اها پڻ سوچڻ جهڙي ڳالهـ آهي. اهي تـ ٿيا اهي قتل جيڪي ميڊيا جي ور چڙهيا يا جن کي ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺو پر رات وچ ۾ ٿر جي ڀٽن ۾ ڪيترا ئي جهنگلي جيوت جا قتل ٿين ٿا جنهن جي ايف آءِ آر ڪنهن تي بـ ڪٽيل ناهي.


روجهـ جا ڪجهـ داڻا صرف بارڊر جي ويجهو ڏسجن ٿا ۽ هرڻين جا 200 داڻا ڀارو جو تڙ ۾ ڏسائن ٿا باقي سڄي ٿر واري بارڊر پٽي تي روجهـ ۽ هرڻ ايندا رهن ٿا . جڏهن اها ئي ڳالهـ وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن سان ٿي ڪجي تـ هي ڇا آهي مورن جي ايئن چوري هرڻين روجهن ۽ تلور جو ايئن قتل، مورن جي چوري جو ڏنڊ هڪ هزار ۽ روجهـ جي قتل جي قيمت هڪ عام ڳئون جيتري آهي هو چون ٿا تـ اسين اهو ئي ڪري سگهون ٿا جيڪو قانون ۾ هوندو،قانون کان مٿي تـ اسين ڪجهـ بـ نٿا ڪري سگهون.  هنن جي اها به دعوئ آهي تـ هنن ٻن سالن ۾وڌ ۾ وڌ روينيو اسان جي ضلعي جو آهي، جنهن ٽن  سالن ۾ 61 ڪيس رجسٽر ڪيا آهن ۽ اڍائي لک رپيا ٻن هرڻين جو ڏنڊ بـ ورتو آهي، ۽ ڪل هنن ٽن سالن ۾ 11 لک روپين تائين جو روينيو رڪور ڪيو آهي. هنن جو  چوڻ آهي تـ وائيلڊ لائيف کاتي جا سمورا روينيو پاور  حيدرآباد ۾ آهن، هن وقت ڪل 21 ملازم جنهن ۾ صرف 18 ملازم سڄي ضلعي ۾ فيلڊ جا آهن ۽ ڪابـ گاڏي جي سپورٽ آهي ڪونه،  انهن گهٽ ملازم ۽ سهوليتن واري ڳالهـ جا ابتا  پيرا ٿا کڻجن تـ وري بـ ڳالهـ اچي وائيلڊ لائيف وارن  جي در تي کٽي ٿي . اهو ايئن جو حڪومت سنڌ طرفان مليل وائيلڊ لائيف جي تحفظ ۽ واڌ ويجهـ لاءِ  پروجيڪٽ جنهن جو انچارج ڪنزرويٽر آهي انهي پروجيڪٽ کي ٽي سال گذرڻ باوجود ڪٿي نالو نشان ناهي. انهي پروجيڪٽ مطابق ٽي چيڪ پوسٽون ٺاهڻيون هيون جنهن مان مٺي ويراواه واري چيڪ پوسٽون ٺهيون اڃا تائين کئنسر واري پوسٽ ٺهي ناهي سگهي. انهي کانپوءِ سئو باءِ سئو جو پڃرو ٺاهڻو هو انهي لاءِ تـ جيڪي مور ۽ انهن جا ٻچا جوابدارن کان رڪور ٿين ٿا انهن کي محفوظ ڪري سگهجي اهو پڃرو اڃا تائين ناهي ٺهي سگهيو.آنا ڦوڙڻ واري مشين انهي پروجيڪٽ ۾ هئي اها مشين آئي تـ هئي پر  پئي ناڪاره آهي انهي ڪري جو وائيلڊ لائيف کاتو هرڻ جو، روجهن جو شڪار نٿو روڪرائي سگهي، سو بيضا ڪيئن رڪور ڪندو . انهي مشين جو ڪم هو جوابدارن کان جيڪي بيضا رڪور ٿين انهن کي انهي مشين سان ڦوڙجن.انهي پروجيڪٽ ۾ چار کوه هئا جيڪي ٺهيا آهن پر اهي کوهـ رڳو ٺاهڻا ڪونـ هئا انهن تي جنريٽر هڻي پاڻي ڪڍي اهو جهنگ ۾ اوڙا ٺآهي پکين لاءِ رکڻو هو.سو جنريٽر تـ انهن کوهن تي ڪونـ لڳا ۽ نـ ئي وري اواڙا ٺهيا. انهي پروجيڪٽ ۾ هڪڙو ٽريڪٽر هو جنهن جا سڀ هر ۽ پاڻي ڀر واري ٽانڪي بـ هئي اها ٽانڪي ڀري اواڙن تائين پهچائڻي هئي پر اها ٽانڪي پاڻي شهر ۾ پئسن تي وڪرو  ڪري ٿي ۽ انهن ٽريڪٽر ۽ هرن جو ٻيو ڪم اهو هو جو 300 ايڪڙ زمين راڻپور ڊيم وٽ چراگاه طور ڏنل هئي جيڪا پوکجي تـ ٿي پر انهي جي گوار ۽ ٻاجهر الائي ڪيڏانهن ٿي وڃي انهي ٻاجهر هڪلڻ لاءِ پيهو بـ ٺهيل هجي ٿو.چار موٽر سائيڪل هر تعلقي کي ڏيڻا هئا جيڪي ڪنهن کي بـ ڪونـ مليا. ٽي ڪمپيوٽر فل پرنٽر سميت هئا جيڪي الائي تـ ڪٿي آهن.چوڪين لاءِ بيٽريون ۽ سولر پليٽون هيون پر اهي بـ الائي ڪيڏانهن ويون. انهي ۾ گاڏي لئـ 45لک رپيا رکيل هئا جيڪا گاڏي ٽي سال گذرڻ جي باجود بـ ناهي آئي،انهي پروجيڪٽ ۾ چار ترايون هيون جن مان صرف هڪ ترائي ٺهي جيڪا بـ گيم عملي جي ذاتي ٻني ۾.انهي پرجيڪٽ ۾ 24 ملازم پڻ رکڻا هئا جن جي ڪا خبر نـ پئجي سگهي آهي تـ ڪٿي پيا ملازمت ڪن.باقي سڄي ٿر ۾ واقعي 18 ملازم 44 يونين ڪائونسلن ۾ شڪار کي ڪيئن روڪيندا اهو واقعي بـ گهڻو ڏکيو ڪم آهي جڏهن انهن وٽ ڪا گاڏي بـ نـ هجي انهن  انهن ملازمن مان پنج مٺي تعلقي ٽي ڏيپلي تعلقي ٻـ چاڇري تعلقي جيڪو تعلقو سنڌ جي گهڻن ضلعن کان بـ وڏو آهي ۽ چار ننگ تعلقي ۾ آهن اهي گيم واچر آهن جن جي ذميواري آهي فيلڊ ۾ وڃي وڻ جي واڍي کي روڪين ۽ جهنگلي جيوت جو شڪار ٿيڻ نـ ڏين.انهن مان بـ گهڻا تـ رکرايا ئي وڏيرن شڪار ڪرڻ لئـ آهن ۽ ڪيترا ملازم شڪار ڪرڻ جو ڏنڊ بـ ڀري چڪا آهن.اڳي گيم وارڊن کي اهي پاور هوندا هئا تـ هو گيم واچر رکي سگهي ٿو انهي کي رکيا ئي اعزازي طور مقرر ٿيل گيم وارڊن آهن.

اهي تـ ٿيون ٿر ۾ شڪار جون ڳالهيون هاڻ اچو انهي ڳالهـ تي تـ انهي  ئي جهنگلي جيوت ۾ جڏهن ڪا بيماري اچي ٿي تـ انهي لاءِ پاڻ واري ٿر ۾ ڪهڙو بندو بست آهي هاڻ ٿر جي وائيلڊ لائيف جي آفيس جي بلڊنگ ئي نـ آهي پهرين روينيو واري ڪواٽرن ۾ ڪمرو مليل هو هاڻ چيڪ پوسٽ واري ڪمري ۾ آفيس آهي جتي عملي لاءِ سهوليت نـ هجي اتي جهنگلي جيوت جوڇا ٿيندو؟ ٿر ۾ ڪابـ جهنگلي جيوت جي بيماري لاءِ اسپتال ناهي.  پوءِ جڏهن ڪا جهنگلي جيوت ۾ بيماري ايندي آهي تـ هڪ تـ وائيلڊ لائيف وارن کي خبر ئي ناهي پوندي.جهنگ جا ماڻهو چون ٿا ته ٻه سال اڳ۾ ڳيرن ۾ بـ بيماري آئي هئي . ڳيرا وڻن تي ويٺآ ويٺا رڳو هيٺ ٿي ڪريا پر انهن جي پاڻ واري ميڊيا کي مرڳو ذرو ئي خبر ڪونـ پئي،

مورن ۾ جيڪا پر سال بيماري هئي انهي جون نشانيون ۽ هيلوڪي بيماري جون نشانيون ٻيون آهن . پروڪي بيماري ۾ ڇا ٿي ٿيو جو مورن جون اکيون صفا سڄي ٿي ويون ۽ اهي اکيون ايتريون ٿي سڄيون جو مور ڏسڻ کان ئي لاچار هو۽ نتيجي مور اکيون سڄڻ جي ڪري انڌو ٿي ٿي ويو .۽ انڌي ٿيڻ سان يا ڪنهن جي لوڙهي ۾ وڃي ڪريو ٿي ۽ ڪنڊن ۾ ٿي ڦاٿو يا تـ انڌو ٿيڻ ڪري پر الائي تـ ڪيترا مور کوهن ۾ ڪري پيا ۽ گهڻن مورن کي ٻار جهلي گهر ٿي کڻي آيا . پر بـ سڄي ميڊيا هڻي بيهـي رهي ڊاڪٽرن جون ٽيمون آيون پر آخر تائين اها خبر نـ پئي تـ مورن کي نيٺ بيماري آهي ڪهڙي؟ مڙئي آڏيون ابتيون گوريون ڏئي آڏا ابتا نالا ٻڌائي بيمارين جا ڪم هلائي ويا ۽ هيلوڪي بيماري جون وري ٻيون نشانيون آهن هيلوڪي بيماري ۾ مورن کي ڇا ٿو ٿئي جو بيٺو بيٺو مور ڦيريون ڏيڻ شروع ٿو ڪري ۽ ڦيريون ڏيندو ڏيندو ڪوڪو مور تـ اتي ئي پهرين ڦيري ۾ ڪري ٿو پوي پر وري ڪي ڪي مور ڦيريون ڏيندا روانا ٿيو وڃن ۽ ڪجهـ پنڌ هليو وري ڦيريون ڏئيڻ شروع ڪن ٿا ۽ ڪو ڪو تـ پاڻمرادو ٺيڪ ٿيو وڃِي ۽ ڪو ڪو تـ مريو وڃي هيستائين جيڪي هيلوڪي بيماري ۾ مور مئا آهن انهي ۾ ميڊيا رپوٽ چاليه پنجها ٿي ڪري پروڪي بيماري ۾ جيڪي مور مئا هئا اهي ڪٿي ڪٿي ميڊيا سئون ۾ رپوٽ ڪيا هئا پر وائيلڊ لائيف وارن جو چوڻ آهي تـ اهي پنجهاهـ کان سٺ هوندا پر جهنگ جا ماڻهو چون ٿا ته اهي ٻنهي ڌرين جا اندازا آهن انهن ڪهڙي جهنگ ۾ لهي سروي ڪئي آهي جيڪي چون ٿا تـ هيترا نـ هيترا مور پر مئا هئا يا اهو ويٺا چون ته هيل هيترا نـ هيترا مور مئا آهن. اهي ٻئي اندازا بي بڻياد ۽ غلط آهن.هيل وري دماغ جي ڪنهن بيماري جو نالو پيا کڻن . چونٿا تـ اها نيوڪيسل راني کيت بيماري آهي . جيڪا ڪڪڙين ۾ ٿيندي آهي ۽ اها ئي ڳالهـ استاد ممتاز نهڙئي آڳاٽي ڪئي هئي تـ هيل جي الله نـ ڀلائي تـ انهي مورن جي بيماري وارا پيرا وڃي ڪڪڙين جي کڏي ۾ کٽندا .ممتاز نهڙيو آهي جهنگ جو ماڻهو سو جهنگ ۾ رپورٽنگ لاءِ لٿو تـ هن جي ٺانٺي ۾ اها ڳالهـ ويهي وئي . هي جتي جتي بـ جهنگ جي ماڻهن سان مليو تـ اتي ڪڪڙين جي مرڻ واري ڳالهـ مورن سان گڏ گڏ ايندي وئي سو هي ڳالهـ جي ڳجهـ کي سمجهي ويو. پر اتي جو اتي اسانجي ٻي ڌر اهو چوندي بـ ٻڌي سين تـ ٿر ۾ ڪڪڙيون آهن ئي ڪونـ، هاڻ اها ٻي ڌر جهنگ جي هجي تـ خبر پوي هو سيم ۾ لٿي هجي تـ ڳالهـ ٺانٺي ۾ لهي . سو چينل تي هڻ وٺ هجي تـ ٿر ۾ ڪڪڙيون آهن ئي ڪونـ هڻي ٿر مان ڪڪڙين جو ئي بڻ بڻياد پٽي ڇڏيائون. سو گهمرو ڏئي پير اچي ڊاڪٽرن بـ ڪڪڙين تي کٽايا آهن پاڻ تـ اهو بـ لکي آيا آهيون تـ مور گهمي ڦري شام ۽ صبوح جو ڳوٺ جي گهرن مان تـ ڦيرو ڏي ئي ڏي ٿو سو اها بيماري ڪڪڙين مان لڳي آهي پر هڪڙي ٻي ڳالهـ نٿي ٺانٺي ۾ ويهي تـ ڊاڪٽرن جي اها ڳالهـ تـ سچي ڪڪڙين مان لڳي آهي پر ڪڪڙين کي ڪهڙي غذا جي کوٽ آهي جيڪي رهن ئي گهرن ۾ ٿيون انهن کي تـ غذا جي کوٽ نـ هجڻ کپي. ڇو جو ڊاڪٽر ٻئي ڳالهيون گڏي پيا ڪن تـ لڳي ڪڪڙين مان آهي ڇو جو آهي ڪڪڙين ۾ پر آهي غذا جي کوٽ سو انهي پاسي کي بـ ڏسن اڃا سائنس جا ڪتاب اٿلائين من ڪٿان نـ ڪٿان وڃِي اصل بيماري تي پيرا کٽائين .هڪڙي پاسي ميڊيا آهي جنهن اچي قصي کي اهڙو کنيو آهي جو حڪومت سڳوري مجبور ٿي آهي انهي مورن جي مسئلي تي پاڻ صوبائي وزير ايسراڻي صاحب هتي مٺي ۾ اچي مختلف ڳوٺن ۾ ويو جتي ٿر جي ڳوٺاڻن هن جي اڳيان مور کڻي احتجاج بـ ڪيو تـ مور مري رهيا آهن ۽ حڪومت مٿي تي هٿ ڏئي ويٺِي آهي ،جڏهن تـ اڳئين ڏينهن هتي جي عملي اهو اعلان ڪيو  هو تـ مورن جي بيماري تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي.پر ٻي ڏينهن وري صوبائي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪيو تـ انهي بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اڃا پندرنهن ڏينهن لڳي سگهن ٿا. اهو اعلان پنهنجي جڳهـ تي ٿر پارڪر واري گيم وارڊن شوڪت هنڱورجي جا ٻئي هٿ مٿي تي آهن ۽ هو چوي ٿو تـ بيماري جي نشاندهي تـ ٿي وئي پر هاڻ انهي جهنگلي پکين جو علاج ڪجي تـ ڪئين ڪجي؟ هو ڏينهن سڄو جهنگ ۾ هجن ٿا انهي تي بـ ڏاها ڪو ڏس ڏين تـ اسين هنن جهنگلي پکين کي بچائي سگهون، جنهن ۾ ٿرين جو پساه آهي .هاڻ هي معاملو توڙي جو لوڪل عملي کان چڙهي ويو آهي انهي ڪري حڪومت کي مورن واري بيماري تي سوچڻ جي ضرورت آهي هي جيڪو هڪڙي گاڏي ۾ ڪجهـ گوريون کڻي ٻن ڳوٺن مان ڦيرو ڏئي ورن ٿا انهي سان مورن مان بيماري ڪيئن ختم ٿيندي.نـ وزيرن جا اعلان ۽ پريس ڪانفرنسون بچائينديون جيستائين عملي قدم نـ کڻجي پر هيستائين عملي قدم ڪو ڏسڻ ۾ اهڙو ڪونهي.جنهن سان بيماري تي ڪنٽرول تـ پرتي رهيو فرق بـ پيوهجي.

Khalid_jogee@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو